تازيون خبرون

سنڌ کان انٽرويو: قمر ڀٽي ايڊووڪيٽ

سنڌ ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي، دنيا ۾ سندس نالو مهان ۽ مشهور آهي، سنڌ بابت وڏا ڳالهه ڪندا آهن ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو اٿم ته ڪو زمانو هو جو سنڌ پنهنجي مَٽ پاڻ هئي. هن جي هنر، واپار، حسن ۽ جواني جي هاڪ ملڪان ملڪ مشهور هئي. هن جي اکين ۾ ڏسبو هو ته محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ڪٽورن نيڻن ۾ محبت خلوص، جرئت ۽ بيباڪي جا ڏيئا پيا ٿا ٻرن، جن مان خود اعتمادي جا ڪرڻا ڦٽي نڪتا هجن، انهن ڪرڻن جي روشني ۾ هن جو اولاد هڪ لازوال ۽ لاثاني قوم بڻجڻ لاءِ ڪي ڪٺن فاصلا طئي ڪري رهيو هجي، اهي به ڏينهن هئا، جڏهن هن جي سڏ ۽ هَڪل تي سندس اولاد لبيڪ چئي سرن سان ڪفن ٻڌي مٿس ساهه صدقو ڪندا هئا. سندس پوتر حدن ۾ ڪنهن به اوپري ماڻهو کي پير رکڻ نه ڏيندا هئا. هن جي هنر ۽ واپار جي دنيا ۾ ڌاڪ ڄميل هئي. هن جا باغ باغيچا، ٻنيون ٻارا، جائيداد، مال ملڪيتون، هن جو محل نما گهر تمام سهڻو، ڪشادو ۽ سنگاريل هوندو هو، جنهن جي خودمختياري اڀ سان ٽڪرائبي هئي، سندس جوڀن ۽ جواني جا ڏينهن هئا، نڪ ۾ سوني نٿ، بولو ۽ بيسر ڪنن ۾ واليون نسبيون ۽ ايرنگ، ڳچي ۾ دُهري ۽ هٿن پيرن جي آڱرين ۾ هيرن جون منڊيون ڇا پيل هيون، مطلب ته سون سان ائين ججهيل هئي، جيئن آسمان ستارن سان يا انب جو وڻ (پڪل انب ٽپڪن سان).

هن جا باغ هن جون زمينون، هن جا پٽ، هن جون ڌيئون مهڪنديون ۽ ٻهڪنديون هيون. سڀ ڪو سکيو ستابو سائو ۽ سرهو هوندو هو. دنيا هن جو نالو وٺي هن جا مثال ڏيندي هئي. هن جي اکين ۾ ڳوڙهن بجاءِ جيت جي مرڪ هوندي هئي. هي خودمختيار هئي، پنهنجي ترقي ۽ اولاد جي تربيت تي بي انتها خرچ ڪندي رهندي هئي.

هن جي اوج ۽ عروج کي ٻاهرين حاسدن نه سٺو، هن جي مال ۽ ملڪيت کي لٽڻ لاءِ سندس گهر کي ڪيترائي ڀيرا کاٽ ۽ ڌاڙا هنيا ويا، اهي ڏينهن ڏٺا ڌاڙو هڻندڙ ڦورو ڪڏهن ٿي ڦٻيا ته ڪڏهن تباهه ٿي ويا. ڪڏهن سون ۽ چاندي ديڳن جون ديڳون ڦري ويا ته ڪڏهن ڍؤ تي موچڙا کائي پنهنجي موت پاڻ مري ويا.

هن جا لاکيڻا لال ۽ قنڌار پٽ سندس نگهبان ٿي سؤنچو سڃاڻي پري کان ئي غيرن جي گفتار کي سمجهي پرکي ۽ پروڙي پنهنجي ماءُ جي ملڪيت ۽ عزت بچائڻ لاءِ دشمنن ۽ ڌاڙيلن کي ڊوڙائي ڀونءِ مان ماري ڀڄائي ڪڍندا هئا.

هن جي گهر کي ڏکڻ، اتر ۽ اولهه کان ڌاڙا ۽ کاٽ هنيا ويا آهن، ويچاري مظلوم کي ڦري فقير ڪري وڃن وري محنت ۽ مشقت ڪري ملڪيت گڏ ڪري پيرن تي بيهڻ هارڪي ٿئي ۽ ساک بحال ڪري وٺي ئي مس ته وري ڪو شاهينگ ۽ شودو کيس ڦرڻ لاءِ سانباها ڪري اچي مٿس ڪڙڪي، چون ٿا ته هن کي جيڪي ڌاڙا ۽ کاٽ لڳا آهن، اهي صرف هن جي آسودگي، شاهوڪاري ۽ سادگي جي سبب ڪري هنيا ويا آهن، سندس مال ۽ ملڪيت سدائين ڌاڙيلن کي لٽڻ ۽ ڦرڻ لاءِ پي هِرڪيا ۽ لالچايو آهي، پر شريف هجڻ جي سزا اهڙي طرح ملڻ به هڪ عجيب ڳالهه آهي. هن جي امن پسندي جي واکاڻ ڪرڻ جوڳي آهي ته هن ڪڏهن به ڪنهن تي هلي وڃي ڪو حملو نه ڪيو آهي، نه ئي ڪنهن کي آزاريو آهي، پر هن تي ڪيترن ئي ڪاٽڪن هلائون ڪري کيس ڦرڻ ايندا رهيا آهن، گهڻو ڪري مهمان نوازي صاف گوئي ۽ امن پسندي هن جي ڪنگال پڻي جو ڪارڻ بڻي آهي. سندس ملڪيت کي ڦٻائڻ لاءِ دشمن ڪونه ڪو بهانو بڻائي اچي کيس ڦريندو رهيو آهي. هن جي ڌراوت کي مال غنيمت سمجهي سدائين ڦريندا لٽيندا رهيا آهن. هن جا پٽ واهه جو وڙهيا آهن، لٽيرن سان وڙهندي هن جي لڄ بچائيندا رهيا، مرندي گهڙي تائين سندس مٿي تان اجرڪ لاهڻ ۽ مٿو اگهاڙو ڪرڻ نه ڏنو اٿن، مٿس پنهنجو ريٽو رت ڏئي ڪونڌر ڪسبا ڪٽبا رهيا آهن. سنڌ جنهن مٽيءَ مان جڙي آهي سا پيار ۽ پاٻوهه جي خمير مان ڳوهيل آهي. وٽس امن ۽ انسانيت جو پيغام آهي، هن سدائين سچائي جو پرچار ڪيو آهي. سرفروشي جي تلقين ڪئي اٿس، مذهبي تفرقي بازي کان پري رهڻ جي هدايت ڪندي رهي آهي. هن وٽ عالمي امن، رواداري، خوشحالي، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيالو آهي، اهو جيڪو به پيئندو سو تعصب، بغض ۽ احساس برتري جي موذي مرض کان نجات حاصل ڪندو، جو انساني امن لاءِ وڏي وٿ ۽ وکر آهي. سنڌ! پريم، سڪ، محبت ۽ سچائي جو مجسمو آهي. هن جي تهذيب (موهن جو دڙو) ۽ لازوال تاريخ کي ڏسي دنيا کيس انسانيت جو علمبردار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

اڄ ان سنڌ جون اکيون غم ۽ ڳوڙهن سان ڀريل، دل حسرت سان ڀرپور، پيشاني تي غربت ۽ غلامي جي ذلت جو داغ، سينڌ ۾ سينڌور بجاءِ دز ۽ مٽي پيل، هٿن ۾ ڪڙيون، پيرن ۾ ٻيڙيون، ڳچيءَ ۾ صليب نما ڳورو ڳٽ سر ننڍڙ ۽ ڪنڌ ڀڃندڙ، ماندي ملول، جسي ۾ زنجير، سند سند سنگهرن ۾ سوگهو، غيرن جي گهيري ۾ جسم تي چچڙ ۽ ڄؤرون چهٽيل جيڪي آهستي آهستي رت چوسينديون ۽ پيئنديون رهن ٿيون. ايڏن عذابن ۾ پاڻ کي اڪيلو بي يارو مددگار سمجهي رهي آهي. سامهون دشمن ڀالا، سنگينون ۽ ڪلاشن ڪوفون ۽ جي ٿريون تاڻيون بيٺا اٿس، کيس آدم خورن وانگر گهوري رهيا آهن. ڪر موڙڻ ۽ آرس ڀڃڻ به نٿا ڏين، سونهن اُجڙيل، وار اڻڀا ڇُڙيل، سندس جسم کي ولائتي ڳجهون ڳاڙهن واڇن واريون لامارا ڏئي پٽي رهيون آهن. نيڻ نماڻا ڪري، نير وهائي ڏسي رهي آهي، مدد لاءِ واجهائي رهي آهي، پنهنجي اولاد کي سڏي رهي آهي، واڪا ڪري پڪاري رهي آهي. سندس سڀ زيور لٿل صفا ٻُسي، هڏائون، پڃرو ٿيل، پر همت ۽ جرئت سان هماليه وانگر اڏول، اڄ دنيا آڏو دانهن بڻيل آهي. اهڙين چوڪسين ۽ پهرن دوران موقعو مليو ته ساڻس انٽرويو ڪيم، جيڪو سندس اولاد ۽ خيرخواهه پڙهندڙن آڏو حاضر آهي.

سوال: ڪڏهن ته توهان جي حسن ۽ جوڀن جي دنيا ۾ هاڪ هوندي هئي ۽ آزاد هوندا هئو ۽ هاڻ قيد آهيو، ان جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟

سنڌ: اها حقيقت آهي ته جڏهن منهنجو عروج هو، تڏهن دنيا جا ماڻهو سيڙجي مون کي ڏسڻ ايندا هئا، پر جڏهن مون کي گهر ويٺي قيد ڪيو ويو ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي، تڏهن کان مون کي شرف انساني کان به محروم ڪيو ويو آهي. هي نٿا ڏسو (مٿي کي هيٺ ڪندي سينڌ ڏيکاريندي) منهنجي سينڌ ۾ سينڌور بجاءِ ڌارين جي ڪاهي آيل ڪٽڪن ۽ لوڌ جي آيلن جي ڌوڙ پيل آهي. وقت جي وهڪرن جيڪا دز منهنجي سرير تي ڇڏي ۽ ملي آهي سا به اڃا تائين ڪنهن نه ڌوتي آهي. منهنجي پيشاني تي غربت ۽ غلامي جي لذت جو داغ، منهنجي بدصورتي ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. هينئر آئون ڌارين جي مڪمل قبضي ۾ آهيان، اوهان کي سمجهڻ گهرجي ته جڏهن ڪو مسلسل قيد ڪاٽيندو آهي ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيو ويندو آهي، سور ۽ سختيون برداشت ڪندو آهي ته ان جو لاثاني حسن ۽ سونهن اجڙي ويندي آهي.

جڏهن ڪنهن به انسان، وطن يا ڌرتي تي غلامي جون زنجيرون پونديون آهن، هو قيد ۽ قبضي ۾ ڪئي ويندي آهي ته ان جو حسن جٽاءُ نه ڪندو آهي ۽ اهو فنا ٿي ويندو آهي، ڇو ته غلامي ۾ رهڻ موت کان بدترين ذلت آهي، جيڪڏهن اهو انسان يا ساڻيهه قيد مان آجو ٿيو. جسم تان لوهه لٿس ته ان جو حسن ۽ سونهن وري نکرڻ شروع ٿيندي. منهنجي شاعر منهنجي زباني چيو آهي ته:

محلين ماندي مارئي، ڏٺم منهن ملور،

اڻڀا سڻڀا نه ڪري، سونهن وڃايس سور،

آيس آفت اوچتي، لٿس ڪوڏ ڪپور،

چت جنين جا چور، مَکي مرڪ نه ڪنديون. (شاهه)

سوال: توهان مهمان نوازي ۾ مشهور آهيو، خبر پئي آهي ته اوهان کي مهمانن ڏاڍا نقصان پهچايا آهن، ان ڪري هاڻي اوهان مهمان نوازي کان بس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇا اها حقيقت آهي؟

سنڌ: سڀني کي خبر آهي ته دنيا ۾ منهنجو واحد گهر آهي، جتي بنا گهرڻ جي مفت ۾ ماني ۽ بنا پئسي رهائش ملندي آهي. مهمان نوازي ۾ واقعي ئي مشهور هئس. کارائڻ، پيارڻ ۽ ترسائڻ ۾ منهنجي پري پري تائين ڳالهه ويٺل آهي، ايتري قدر جو مهمانن جي وهٽن (اٺن ۽ گهوڙن) کي به مصري جو پاڻي پياريو ويندو هو. منهنجي هٿ ۾ اهڙي ڪا شيري آهي ۽ منهنجو پاڻي اهڙو ڪو مٺو آهي جو جيڪو به هتان جو پاڻي پيئندو ۽ ماني کائيندو، اهو وڃڻ جي وائي وساري ڇڏيندو آهي.

آئون ڏاڍي ڏنگيل ۽ تمام گهڻي تپايل آهيان. هينئر تائين ڪيترا مهمان کارايا اٿم، ڪئين آيا ڪئين ويا، ڪي ته ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ڪن کي ماني کارايم ۽ ٽڪايم، صبح ٿي ساريان ته مهمان ٿانون سوڌو غائب، بسترو به چورايو کنيو هليا ويا. مون کي وڏو تجربو آهي، ڪئين ڀيرا اهڙا بهروپي مهمان، ڪڏهن واپار جي بهاني ڌارين جا گماشتا ٿي، هتي اوطاقن ۾ رهي، رستا راهون ۽ لنگهه تاڙي ۽ ڏسي، هتي جي ماڻهن جي ماحول ۽ مزاج کي اک مان ڪڍي جاسوسي ڪري پنهنجي آقائن کي خط لکي، حملا ڪرائي، ڌاڙا هڻائي منهنجو جهڳو جهڻ ڪندا رهيا.

اوهان کي واضح طور ٻڌايان ٿي ته اهي احسان وساريندڙ ۽ بي نمڪا آهن، انهن کي ٽڪائڻ مان تمام گهڻو نقصان پيو، جيڪو برداشت ڪرڻ مشڪل آهي، اهڙا ڪيئي واقعا ۽ ويل مون سان ٿي گذريا آهن، اهي کائيندا پيئندا به منهنجو ته گرندا به مون تي آهن.

ڪتا قريبن جا، دعويٰ رکي نه ڌڙ،

جني سيکارئي وڙ، ڏند به ڏيکارين تن کي. (شاهه)

ايترن تجربن کانپوءِ جڏهن 65 سال اڳ مون وٽ ڪي ماڻهو مهمان طور موڪليا پئي ويا ته مون انهن کي پاڻ وٽ ترسائڻ کان نه صرف انڪار ڪيو پر پنهنجي اولاد کي به جهلي ڇڏيو ته انهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪجو، اهي اچي نه رڳو اسان سڀني جي نڙي تي نُنهن ۽ پيٽ تي لت ڏيندا، پر هتي جي ماحول ۽ معاشري کي گندو ۽ خراب به ڪندا. اسان جي ثقافت تي اثر پوندو، پر ان وقت پٽن ٽرڪائي ڇڏيو، منهنجو ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيائون ۽ چيائون ته، ”امان! توکي ڪهڙي خبر؟ تنهنجو اندازو غلط آهي، تون ڀليل آهين، اسان جا هم مذهب ۽ ڪلمي گو ڀائر آهن.“

منهنجن ڪن ڀورڙن ۽ عقل جي دشمن پٽن ٻين جي هُشي ۽ اشاري تي انهن آيلن اوپرن جا شاندار استقبال ڪري، کين اسٽيشنن تان گاڏين ۾ وٺي مٿن عطر، انبير ۽ گلابن جي ورکا ڪري، اچي جاين ۾ ويهاريو نه صرف انهن کي پنهنجي زوري لڏايل ڀائرن ۽ ڀينرن جي زمينن، باغن، ڪارخانن ۽ مال ملڪيت جو مالڪ بڻايائون، پر نادان پٽن ۽ وقت جي حڪمرانن، انهن کي ٿانيڪو ڪري اندر آڻي ويهاريو.مهمان به پرائي ٺهيل ٺُڪيل اڏاوتن ۽ اوتارن ۾ وڇايل هنڌن وارين کٽن تي بي فڪر ٿي بالم ٿي ويهي رهيا، ري سڏيا مهمان ڳچي ۾ پئجي ويا. مون گهڻو ئي اولاد کي سمجهايو ته، ”ابا سياڻا ٿيو، مذهبي جنون ۽ خفت ۾ اچي پنهنجي گهر جي ڦوڳڙي نه ڦرايو، انهن جي اچڻ ڪري اسان جو ڪلچر تباهه ٿي ويندو، اسان جي ذري پرزي کي اڏوهي جيان نه پر مڪڙن وانگر کائي چٽ ڪري ڇڏيندا. منهنجي ثقافت هن خطي ۾ تهذيبن کي پنهنجي ڪرڻن ۽ ترورن سان روشني بخشيندي رهي آهي، ان کي هي ٽشنگ اونداهو ڪري ڇڏيندا، آئون امن ۽ استحڪام جي خواهان رهي آهيان، جڏهن ته ٻاهران آيلن جو مقصد ۽ متو، نفاق، نفرت ۽ برائي تي مبني رهيو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *