تازيون خبرون

سنڌ مان اوطاق ڪلچر جي موڪلاڻي ؛لياقت راڄپر

صدين کان سنڌ جي مهمانوازي دنيا ۾ مشهور آهي ۽ تاريخ گواه آهي ته سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڪيتريون ئي اوطاقون هونديون هيون، جتي ڪڏهن به ڪو اهڙو ڏينهن نڀاڳو ڪو نه ٿيو جو ڪو مهمان اوطاق جي زينت نه بڻيو هجي. مان پنهنجن وڏن کان ٻڌو آهي ته سنڌ جا ماڻهو مهمان کي خدا جي رحمت سمجهندا رهيا آهن ۽ هر ڳوٺ جا چڱا مڙس ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ واري رستي تي سج لهڻ وقت وڃي بيهندا هئا ته جيئن ڪو مهمان اچي ته انهن جي مهمان نوازي ڪري خوش ٿين. خدا تعاليٰ فرمائي ٿو ته هو جڏهن ڪنهن تي راضي ٿيندو آهي ته اُن وٽ مهمان موڪليندو آهي.

اوطاقون ڳوٺن ۽ شهرن جون رونقون هونديون هيون جتي نه صرف مهمان کي ماني ٽڪي کارائبي هئي پر ان لاءِ وڏو اهتمام ڪيو ويندو هيو جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن ته مهمان جي به دل نه چوندي هئي ته هو پنهنجي گهر وڃي. هي اوطاقون، شهر ۽ ڳوٺ کان ٿورڙي فاصلي تي هونديون هيون، جيڪي پنڃرن، ڪانن ۽ پترن جون ٺهيل هونديون هيون، پر انهن کي ايترو مضبوط ٺاهيو ويندو هو جو ان کي هوا به نه اڏاري سگهندي هئي. هڪ ته اونهاري ۾ اها هوادار ۽ سرديءَ ۾ گرم رهندي هئي. شهرن جي اوطاقن ۾ پڪين ۽ ڪچين سرن جون اطاقون به هيون پر جيئن ته اوطاقن جو اصلي مزو ٻهراڙين ۾ ايندو هيو، جتي شهر جي مقابلي ۾ محبت به گهڻي هوندي هئي ۽ اتي ٻولي ڪلچر کي ويجهي ڏسڻ جو تجربو ٿيندو هيو.

مون کي ياد آهي ته مان جڏهن پنهنجي ڏاڏي عبدالعزيز راڄپر سان ملڻ ڏوڪري ۽ باڊهه جي وچ ۾ دڙن جي ڳوٺ ويندو هيس، جتي منهنجي ڏاڏي جون زمينون به هيون. هن ڳوٺ ۾ ٻه وڏيرا هيا جنهن مان هڪ محمد سومر جوڻيجو هيو، جنهن سان اسان جي مٽي مائٽي هئي ۽ منهنجو ڏاڏو پنهنجي فيملي سميت اتي ئي رهندو هيو. مون کي وڏيري محمد سومر جي اوطاق ڏسڻ جو وڏو تجربو ٿيو، جتي ڪجهه کٽون رکيل هونديون هيون، گهڙامنجي تي پاڻيءَ سان ڀريل ٻه مٽيءَ جا دلا رکيل هوندا هئا. جڏهن اونهاري جا ڏينهن هوندا هيا ته شام ٿيندي ئي اتي خدمتگار اچي ٻهاري ڏيندو هيو ۽ پوءِ ان تي بالٽي ذريعي پاڻي سان ڇنڪار ڪندو هيو. هو صبح ۽ شام جو هر روز ٻه ڀيرا پاڻيءَ جا دلا بالٽيءَ ذريعي کوهه مان ڀريندو هيو، کوهه جو پاڻي برف وانگر ٿڌو ۽ شفاف هوندو هيو.

اوطاق ۾ اهو خدمتگار ڪانن سان ٺهيل موڙا، ڪاٺ جون بينچون ۽ ڪرسيون به رکندو هيو. اوطاق تي اهو روز جو معمول هيو ته ڳوٺاڻا پنهنجي ٻني ٻاري جي ڪم کان فارغ ٿي سڌو اوطاق جو رخ ڪندا هيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ماڻهن جو انگ وڌندو ويندوهيو. اوطاق ۾ هر ايندڙ سلام چئي ۽ وراڻي، جتي به خالي جڳهه ڏسندو هو ويهندو هيو.  جڏهن شام ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي آن ڪيو ويندو هيو جنهن لاءِ هڪ پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار ماڻهو هوندو هيو. ان وقت جو مشهور پروگرام فتح محمد جي ڪچهري خاص ڪري هلندي هئي، جنهن کي سيد صالح محمد شاهه پيش ڪندو هيو. هن پروگرام ۾ سڀ کان پهريان خبرون پيش ڪيون وينديون هيون جنهن کان پوءِ زراعت جي باري ۾ ڄاڻ هڪ تجربيگار زراعت جي ماهر طرفان ڏني ويندي هئي ته پنهنجي زمين باغ ۽ پاڻي جي نظام کي ڪيئن بهتر طريقي استعمال ڪجي جو پيداوار سٺي ملي. ان کان پوءِ موسيقي ۽ سنڌي ڪلام پيش ڪيا ويندا هئا.

هاڻي توهان جڏهن ڳوٺ جي ٻاهران ڪو مهمان ڏٺو  ۽ ان کي پاڻ سان گڏ اوطاق تي وٺي آيا ته ان تي به ميزبان چوندا ته اهو مهمان هن وٽ پهريان رهندو پر پوءِ آخر ۾ اهو فيصلو ڪيو ويندو هيو ته  جيڪڏهن اوطاق هڪ کان وڌيڪ آهي ته هو سڀ وٽ هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات رهندو. سنڌي ڪلچر اهو هيو ته جڏهن مهمان اوطاق تي پهتو ته سڀ کان پهريان ان جا هٿ ۽ منهن ڌورايو ويندو هيو، پوءِ ان کان حال احوال ٿيندو هيو، جيڪو ايترو ته وڏو هوندو هيو جو مهمان جي گهر مان نڪرڻ کان وٺي اوطاق تائين پهچڻ جو حال احوال سميت گهر ۽ ٻارن جي صحت خيريت ۽ مهمان جي ڳوٺ يا شهر ۽ ان جي رهواسين جي خيريت به شامل هوندي هئي. مهمان جي احوال ختم ٿيڻ کان پوءِ ميزبان پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۽ ڳوٺ وارن جو احوال ڪندو هيو.  جيئن ته ان زماني ۾ بسون، ڪارون يا وري ٻئي سواري گهٽ هوندي هئي پوءِ مهمان ڪڏهن بيل گاڏي ۽ ڪڏهن سائيڪل تي يا وري پنڌ پهچندو هيو. هن سفر جي ٿڪاوٽ کي دور ڪرڻ لاءِ اوطاق تي رکيل ملازم مهمان کي زور ڏيندو هيو. ان کان پوءِ مهمان جي وهنجڻ جو بندوبست ڪيو ويندو هيو.

جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو هيو، تيئن تيئن ڳوٺاڻن جو انگ وڌندو ويندو هيو، ڇو جو ڳوٺ جا دڪاندار، نوڪري چاڪري وارا  ماڻهو پهچڻ شروع ٿيندا هيا. ان موقعي تي ڳوٺ جا شاعر، سگهڙ ۽ موسيقي جا ساز وڄائيندڙ به گڏ ٿيندا هئا ۽ هر ايندڙ مهمان کي سلام ڪري هٿ ملائي اچي موڙن، ڪرسين کٽن تي ويهندو ويندو هيو. ريڊيو پروگرام جي پڄاڻيءَ کان پوءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري شروع ڪبي هئي. ان کان پوءِ سگهڙ بيت بازي، ڏور ۽ ڳجهارتون ڏيڻ شروع ڪندا هئا جنهن جو جواب به شعر و شاعري ۾ ڏيڻو هوندو هيو. هن کان پوءِ ساز وڄائڻ وارا چنگ، بانسري، الغوزو، سرندو، بوڻينڊو وڄائي داد حاصل ڪندا هيا. سگهڙ جيڪي پڙهيل به نه هوندا هئا پر انهن وٽ اهو فن ابن ڏاڏن کان نسل در نسل منتقل ٿيندو رهندو هيو. سگهڙن جي ٻولي سنڌ جي اصلي ليکي وڃبي هئي.  هو سنڌي ٻولي جا محافظ هئا جيڪي نج ۽ چچ لفظ استعمال ڪندا هئا.

اوطاق جي محفل ۾ ايترو ته مزو هوندو هيو جو وقت جو  احساس ئي نه رهندو هيو، واچ عام نه هئي ان ڪري وقت کي ڏسڻ لاءِ  کليل آسمان ۾ ڪتين ۽ تارن کي ڏسي اندازو لڳائيندا هيا. مهمان کي ماني رات جو سوير ئي کارائبي هئي. مهمان لاءِ ڪڪڙ تيار ڪبو هيو، صبح جي ماني لاءِ ڏڌ، مکڻ، مکيل ڪڻڪ جي ماني، ديسي تريل انڊي سان گڏ ڏبي هئي. رات جو کير ضرور پياربو هيو. گرمين جي موسم  ۾ هٿ واري پَکي سان ۽ ڪڏهن ڪپڙي سان هوا ڏبي هئي. گهڻين اوطاقن ۾ ڪپڙي جي جهلي به هوندي هئي، جنهن سان هوا ڏبي هئي. مون اڪثر ڏٺو هيو ته ڳوٺاڻا پيرين اگهاڙا ايندا هيا پر انهن جي مٿي تي ڪپڙو ضرور هوندو هيو جيڪو هٿ منهن اگهڻ ۽ سر تي رکڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا.

جڏهن سيارو هوندو هيو ته وري اوطاق جو نقشو ئي تبديل هوندو هيو، اوطاق کي ليئن سان چوڌاري ڍڪيو ويندو هيو ۽ هيٺ چلهه ٺاهبي هئي، جيڪا مٽيِءَ جي مارنگن سان ٺهيل هوندي هئي. شام ٿيندي ئي ڪاٺيون ٻارڻ لاءِ انهن کي مٿان گاسليٽ هاري باهه ڏبي هئي. اوطاق جي پاسي ۾ ڪاٺيءَ جا ڍير پيل هوندا هيا. هن موقعي تي ماڻهو کٽن تي ويهڻ بجاءِ  پلال جي ٺهيل ڦيڙن تي ويهندا هئا يا وري چوڌاري پلال وڇائي ڇڏبو هيو جنهن تي ويهبو هيو. ان زماني ۾ چانهه جو نئون نئون شوق پيدا ٿيو هيو، ان لاءِ چانهه ٺاهي ان ۾ ڳڙ وجهبو هيو، جيڪو گرم ٿيندو آهي ۽ ٿڌ کان به بچائيندو هيو. ان وقت مهمان لاءِ جيڪا سَوَڙ آڻبي هئي اها ڏاڍي گرم هوندي هئي. جڏهن اوطاق جي محفل ختم ٿيندي هئي ته ڳوٺاڻا مهمان کان موڪلائيندا هلندا ويندا هيا. گهر پهچندي پهچندي ڪتن جو ڀونڪ ٻڌندا هيا. امن هيو ان ڪري اوطاق ۾ مهمان ۽ اوطاق جو خدمتگار وڃي بچندا هيا، جيڪي سڪون جي ننڊ ڪندا هيا ههڙي محفل کي سياري جي ڪري مچ ڪچهري چئبو هيو جنهن کي اڄڪلهه ادبي ماڻهو جيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

شهرن جي اوطاق ۾ اهو فرق هوندو هيو ته ادبي گڏجاڻيون ۽ سياسي ميڙاڪ به ٿيندا هيا. سڀ کان پهريان اوطاق جو ڪلچر شهر مان ختم ٿيڻ شروع ٿيو ڇو جو هڪ ته شهرن ۾ ڪجهه ريسٽورنٽ ۽ ڪيفي اهڙا هيا جتي ادبي ۽ سياسي ماڻهو اچي پنهنجن خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لڳا ۽ باقي شهرن جي اوطاقن ۾ وڃي سماجي، ٻنين، ٻارن ۽ رشتن جي جهڳڙن  جا فيصلا ٿيڻ لڳا. جڏهن ته ٻهراڙين جي اوطاقن ۾ انهن جهڳڙن جا فيصلا شروع کان ٿيندا هيا. سڀ کان اهم ڳالهه اها هئي ته اوطاق ڳوٺاڻن لاءِ هڪ درسگاهه به هئي، جتي زندگيءَ جي هر پهلوءَ سان تعلق رکندڙ ماڻهو اچي پنهنجو فن، فلسفو، علم، موسيقي ۽ دانشمندانه گفتگو ڪندا هيا ۽  ٻڌندا هيا. شهرن مان اوطاقون هوٽلن کسي ورتيون ۽ ٻهراڙين مان ڌاڙيلن، جنهن سان سنڌ هڪ تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کان محروم ٿي وئي آهي. افسوس ٿئي ٿو جڏهن ڳوٺاڻا چانهه جي ڪپ تي جهوپڙين ۾ ٺهيل هوٽلن تي سڄو ڏينهن ويهي هندستاني فلمون ڏسن ٿا ۽ شهرن ۾ هر گهر ۾  هندي فلمون ۽ ڊراما ڏسي هندي معاشري  جي عڪاسي پنهنجي سوسائٽي ۾ ڪن ٿا، جنهن سان هنن جي سڃاڻپ هاڻي ڌنڌلي ٿيندي پئي وڃي.

ڪاش ڪو جوان اٿي ۽ سنڌ جي ڪلچر کي موٽائي آڻي ۽ هڪ ڀيرو وري ٻهراڙين جون اوطاقون وسن، امن، محبت، مهمان نوازي، سچائي، ڀٽائيءَ جا گيت هر هنڌان ٻڌڻ ۾ اچن. خدا تعاليٰ اسان جي حڪومت، پوليس، ڌاڙيلن ۽ پاٿاريدارن کي ساڃاهه ڏئي ته هو پنهنجي ڌرتي ماءُ جي هنج کي قبائلي جهيڙن، اغوائن، خونن، نفرتن، ذاتي جهڳڙن کان بچائڻ لاءِ سنڌ جا وفادار ٿي پنهنجو ڪردار نڀائن. سياستدانن کي به گهرجي ته اهي لالچ ۽ لوڀ جي دنيا کي ڇڏي محبت، امن ڀائيچاري واري ڪلچر کي هٿي ڏين ته جيئن اوطاق جو ڪلچر وري واپس اچي سگهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *