تازيون خبرون

سنڌ شناس آغا سليم جو وڇوڙو! مڌ ورهايون ماڻهين، سڀ ڪنهن لهي اڃ: نسيم بخاري

7 اپريل 1935ع تي شڪارپور جي ڪڙي عطا محمد پاڙي ۾ آغا عبدالڪريم پٺاڻ جي گهر جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ناول نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر، ڊرامه نگار ۽ سنڌيڪار آغا سليم هاڻ هن فاني دنيا ۾ نه رهيو آهي. آغا سليم جون علمي ادبي ۽ صحافتي خدمتون جيتريون عاليشان هيون، اهڙي انفراديت آڱرين تي ڳڻڻ جيترن انسانن کي ئي نصيب ٿيندي آهي. آغا سليم جو وڇوڙو يقينن سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ تمام وڏو خال ڇڏي ويو آهي، جيڪو سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ماڻهن لاءِ سنجيدگيءَ جي سين هڻندي اهو سوال اٿاري ٿو ته آغا سليم جي علمي ادبي ۽ صحافتي حوالي سان ڪير ڪيتري ۽ ڪهڙي اڳڀرائيءَ سان پنهنجو منفرد مقام جوڙي ٿو.

آغا سليم ننڍي هوندي پنهنجي وڏي ڀاءُ جي ڪتابن کي ڏسندو هو ۽ سوچيندو هو ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن مان انهن ڪتابن ۾ لکيل ڳالهين کي سمجهي سگهندس ۽ اهو ڄاڻي وٺندس ته ڪتابن ۾ آخر اهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون هونديون آهن جو ماڻهو دلچسپي سان ڪتاب پڙهندا ۽ خريد ڪندا آهن. ڪيترا ڪتاب ڏٺا هوندا، پر هن انهن ڪتابن ۾ دلچسپي جي نتيجي ۾ پنهنجي پويان ايترا ڪتاب، ڪالم ۽ اڻ ڇپيل مواد ڇڏيو آهي جو صرف سندس مواد جي ئي آڌار تي هڪڙي مختصر لائبريري قائم ڪري سگهجي ٿي. آغا سليم بي اي کان پوءِ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ ملازمت ڪئي ۽ ان ئي اداري مان اعليٰ عهدي تان رٽائر ٿيو. هن اداري به آغا سليم سان ڀرپور نڀايو جو سندس علاج ۽ طبي سهولتن جي حوالي سان باقاعده ڀرجهلو ثابت ٿيو. جهڙي ريت ريڊيو پاڪستان آغا سليم جي سار لڌي بلڪل ائين ٻين ادارن جو رڪارڊ گهٽ ئي رهيو آهي.

آغا سليم اسان جو پاڙيسري هو ۽ هو مون سان مخاطب به ”پاڙيسري“ چئي ٿيندو هو. آغا سليم تصوف جي حوالي سان تمام وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ عمر جي آخر ۾ به هن جي تصوف تي ڪم ڪرڻ واري خواهش هئي، خاص ڪري صوفي شاهه عنايت شهيد جي فڪر ۽ جدوجهد تي هن ڪم ڪرڻ پئي چاهيو. آغا سليم جي ناول ”همه اوست“ وڏي ڪاميابي ماڻي جيڪو تصوف جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. آغا سليم جا ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ به وسرڻ وارا ناهن. هن جي ڪتابن ۾ چنڊ جا تمنائي، روشني جي تلاش، اڻپورو انسان، لالئون لال لطيف ڪهي، سنڌي ڊرامي ڪي ايڪ صدي، مرزا قليچ بيگ جي ڊرامي انڪوائري آفيسر جو اردو ترجمو، بابا فريد جو اردو ۽ سنڌي ترجمو، شيخ اياز صدين جي صد شامل آهن.

آغا سليم کي اهو وڏو ارمان هو ته ٻيا ته پنهنجي جاءِ تي پر سندس صحافي به علمي، ادبي، مطالعاتي ۽ تحقيق واري پاسي کان کوڙ پري بيٺا آهن. هو جڏهن ڪنهن اديب ۽ محقق سان ڳالهائن ٿا ته کين اها به خبر نه ٿي هجي ته هو جنهن سان مخاطب آهن، ان جو علمي ادبي ۽ فڪري قد ڪاٺ ڪيترو آهي. آغا سليم لطيف سائين کي اهڙي ته خوبصورت انداز سان اردو ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي جو لڳي ائين ٿو ته ڄڻ لطيف سائين اهي شعر چيا ئي اردو ۾ هجن.

آغا سليم اردو جي اخبار ”امت“ ۾ ڪالم لکندو رهيو، انهن ڪالمن کي گڏ ڪري آغا سليم جو اردو ڪالمن جو شاندار ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻي سگهجي ٿو. آغا سليم سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ مختلف وقتن تي جيڪي آرٽيڪل لکيا آهن، انهن کي به ڪتابي صورتن ۾ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. آغا سليم کي اها وڏي پڪ هئي ته نوجوان نسل سنڌ جي تصوف تي تحقيق ڪندو. آغا سليم جي ان خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ سرڪاري توڙي غير سرڪاري سطح تي به گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. سڄي سنڌ ۾ جيڪڏهن ضلعي ۽ تعلقي سطح تي تصوف کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خصوصي لائبريريون قائم ڪيون وڃن، صوفي بزرگ شاعرن جي پيغام ۽ فڪر جي حوالي سان ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته آغا سليم جو صوفي سنڌ وارو سپنو ساڀيان ٿي سگهي ٿو.

آغا سليم جيڏو وڏو علمي، ادبي، صحافتي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو آهي، اهو فقط پاڻ کي تاريخ ۾ زنده رکڻ جي ارادي سان نه ڪيو آهي، پر هن جي جيون جي اها جاکوڙ ان مقصد لاءِ به هئي ته سنڌ جا ماڻهو ان ڪارڪردگي کي آڏو رکندي خود پاڻ به ٻه قدم اڳتي وڌندا، انهن جي اندر ۾ به ڪا اُڻ تڻ پيدا ٿيندي ۽ اهي پنهنجي ساڃاهه جي سوجهري سان سنڌ کي اڃا به وڌيڪ آسودو ڪندا.

آغا صاحب صوفي بزرگ شاعرن تي جنهن جذبي سان ڪم ڪيو آهي يا انهن جا ترجما ڪيا آهن، هو انهيءَ احساس سان سنڌ جي نئين ٽهي جي اڳتي وڌڻ جو تمنائو هو. هن سنڌ جي ساڃاهه کي تصوف طرف سري اچڻ جو سڏ ڏنو هو. ڇو ته هو سمجهي پيو ته ان دڳ ۾ ئي سنڌ جي بهتري آهي. هن وٽ ڪم ڪرڻ جا ٻيا به کوڙ سارا آپشن هئا، پر هن گهڻو تڻو سنڌ جي تصوف بابت ادبي پورهيو ان اميد جي آڌار تي ڪيو هو ته سندس اهڙي عمل جا اثر سنڌ جي ساڃاهه قبوليندي ۽ اها تصوف جي روشني ۾ نه رڳو پنهنجو اندر اجاريندي پر ساري دنيا جي سرواڻي به ڪندي.

ان ڏس ۾ هن جي ابتدائي ڪوششن ۾ ”همه اوست“ ناول کي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ مختلف مذهبن سنڌ ۾ مختلف دؤرن ۾ رهندڙ حڪمرانن صوفي شاهه عنايت شهيد، شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ۽ سچل سرمست جي ڪردارن کي ڏيکاريو ويو آهي.

آغا سليم هڪ وڏو ماڻهو هو. هن جو جيترو ادبي ۽ صحافتي قد ڪاٺ هو، هن ان سطح تي ڪڏهن به وڏائي، غرور ۽ تڪبر جو اظهار نه ڪيو. مون کي ياد آهي ته آئون جڏهن شڪارپور سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري هئس، تڏهن پريس ڪلب جي شيخ اياز هال ۾ شيخ اياز جي ورسي تقريب ڪوٺائي هئي، انهن ڏينهن ۾ اتفاق سان آغا سليم به شڪارپور آيل هو. هن کي ڪٿان خبر پئي ته شيخ اياز جي ورسي پئي ملهائي وڃي، سو هو بنا دعوت جي ان پروگرام ۾ شرڪت لاءِ آيو، هن جي آمد اسان سڀني لاءِ ڏاڍي خوشيءَ ڀري ثابت ٿي هئي. تقريب جي هونئن ته صدارت اعجاز منگيءَ کي ڪرڻي هُئي، پر هُن مون کي چيو هو ته آغا سليم صاحب جا ڪتاب پڙهي اسان وڏا ٿيا آهيون. منهنجي گذارش آهي ته تقريب جي صدارت آغا صاحب کان ڪرائي وڃي ۽ بعد ۾ آغا سليم ئي تقريب جي صدارت ڪئي هئي.

آغا سليم عمر جي پڇاڙڪن مهينن ۾ مشين ذريعي ساهه کڻندو هو، هو گهمڻ، ڦرڻ کان قاصر هو، پر پوءِ به هو باقاعدگيءَ سان پنهنجي گهر آيل مهمانن کي وقت ڏيندو هو ۽ موبائل فون اٽينڊ ڪندو هو. آغا صاحب سان وڇوڙي کان اڳ ٻه ٽي ڀيرا مون فون تي ڳالهايو هو. هن کي پنهنجي شهر شڪارپور سان وڏي حُب هئي. هن جي خواهش هئي ته هو شڪارپور اچي ۽ دوستن سان ڪچهريون ڪري، پر وقت هن کي اهڙي مهلت نه ڏني ۽ سندس ساهه جو سڳو ٽُٽي پيو. کيس ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه مون سميت ڪيترن ئي دوستن لاءِ افسوس جوڳي ثابت ٿيندي آئي آهي ته وڏن ۽ مشهور اديبن جي تدفين پنهنجن شهرن ۾ نه ٿي ٿئي. ان حوالي سان شڪارپور جي شخصيتن ۾ سنڌي ادب جي نامور شاعرن، اديبن شيخ اياز، نورالدين سرڪي ۽ بشير مورياڻي جو حوالو ڏئي سگهجي ٿو، جن جي سَٿ ۾ هاڻ آغا سليم به شامل ٿي ويو آهي.

مٿين اديبن سميت جن به جاکوڙي ۽ عظيم انسانن جي تدفين ٻاهر ٿي آهي، انهن جي سڃاڻپ ۽ تعارف هڪ طرح سان دٻجي ويو آهي. پنهنجي شهر جي مٽيءَ ۾ تدفين سان شهر کي به شهرتون ملن ٿيون ته عظيم انسانن کي به گهربل مانُ ميسر ٿئي ٿو. انهن جون ورسيون ۽ جنم ڏينهن ملهائجن ها ته پڪ سان سڄي سنڌ جا ماڻهو هن شهر ۾ اچن ها، جنهن جي نتيجي ۾ شخصيتن سان گڏوگڏ شهر سان به نئين ٽهي ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جا نوان ناتا جڙن ها، پر افسوس انهن اجتماعي مفادن کي خانداني ۽ ذاتي مجبورين واري مفاهمت ماري ٿي ڇڏي، جنهن تي جيترو افسوس ڪجي، اهو گهٽ آهي. آغا سليم هڪ فرد نه پر ادارو هو، ادارو به اهڙو جيڪو انيڪ ادارن جا بڻ بنياد وجهندو آهي. آغا سليم سڄي سنڌ جو هو ۽ سڄي سنڌ آغا سليم جي هئي، ان ڪري هاڻ جڏهن هو هن فاني جهان ۾ نه رهيو آهي، تڏهن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن جي مشن سان سنڌ پاڻ ملهائي ۽ هن جي ازم کي آڏو رکي اڳتي وکون کڻي.

آغا سليم شڪارپور جي جنهن ڪڙي عطا محمد پاڙي سان تعلق رکي ٿو، ان علائقي سان قرآن شريف کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ آغا يعقوب خان، ممبئي ۾ ميٽرڪ جي امتحانن جي سوالن جا جواب منظوم شاعري ۾ لکندڙ آغا صوفي سندس ڀاءُ آغا عليگ ۽ خيرپور ۾ حڪمران رهندڙ ۽ وڏي تعليمي ۽ نهري انقلاب آڻيندڙ آغا قادر داد خان، ڪهاڻيڪار آغا رفيق، آغا پير محمد ڪيلاش توڙي سنڌي ٻوليءَ کي آمريڪا، هندستان ۽ نيپال جا خوبصورت سفرناما ڏيندڙ آغا ثناءُ الله خان جو تعلق به آهي، جنهن علائقي ۾ اهڙي علمي ادبي سازگار فضا رهي هجي، پڪ سان اتان جي ماحول جا اثر به اهڙا ئي سازگار ۽ صحتمند ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ اهڙي ئي ماحول جي اثر جو ئي ڪمال هو جو آغا خالد سليم، آغا سليم جي تعارف سان ادب جي افق جو چنڊ ثابت ٿيو، جنهن جو هڪڙو خوبصورت شعر ٿو مون کي ياد اچي، جيڪو شعر پنهنجي خيال ۾ تمام وڏي گهرائي رکي ٿو ۽ سوچ ويچار جي حوالي سان سوين سڏ ڪري ٿو.

مڌ ورهايون ماڻهين، سڀ ڪنهن لهي اڃ،

ڪنهن وٽ مڌ آ اڻ ميو، ڪنهن وٽ رڳي سڃ،

هيءَ جندڙيءَ جي رڃ، جرڪي پنهنجي جام سان.

مٿئين شعر ۾ آغا سليم جنهن ڳالهه تي زور ڏنو آهي، تنهن تي سنڌ کي سورنهن ئي آنا عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. آغا سليم جيئن سنڌ شناس هو، ائين ئي سنڌ جي ماڻهن کي سنڌ شناس ٿيڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته انهيءَ صورت ۾ انسان کي اندر جو اطمينان ميسر ٿئي ٿو ۽ فاني جهان جي خاڪي انسان جو تاريخ ۾ تعارف به ڪنهن سٺي سار جي صورت ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿو.

naseembukhari44@gmail.com

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *