تازيون خبرون

سنڌ سان محبت ڪندڙ عبدالواحد آريسر : خدابخش جويو

اڄ صبح جو تمام ڏک واري خبر ملي ته سنڌ جو نامور قومپرست سياستدان ۽ دانشور عبدالواحد آريسر هن فاني دنيا کي خدا حافظ چئي، مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو. سندس مرتئي جي خبر وڄ وانگر منهنجي ذهن تي ڪڙڪي پئي ۽ ڪافي دير تائين سندس چهرو،، سندس دانشمندانه فڪر انگيز ڳالهيون ۽ تقريرون ذهن جي اسڪرين تي فلم جيان گهمي رهيون هيون.

26 اپريل تي راجپوتانا اسپتال ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد جي پوٽي ۽ نامياري سماج سڌارڪ ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه سان گڏجي سندس عيادت ڪرڻ ويس ته به سندس حالت انتهائي ڪشمڪش واري هئي، راجپوتانا اسپتال ۾ کيس اسلم خيرپوري ۽ ٻيا قومي ڪارڪن اٽينڊ ڪري رهيا هئا، سندس طبيعت جو اهو عالم هو جو، هُو وڏي ڪرب ۽ تڙپ ۾ گذاري رهيو هو. ڊاڪٽرن چواڻي سندس هڪ گردو مڪمل ختم ٿي چڪو هو ۽  ٻئي گردي به اڌ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، ڦڦڙن ۾  پاڻي ۽ جيرو مڪمل ختم ٿي چڪو هو. ان حالت ۾ جنهن پيڙا مان هو گذري رهيو هو، سا حالت ڏسڻ جي همت هاري ويٺو هئس. سندس ان حالت کي ڏسي، ويٺي، ويٺي سندس متعلق سوچ جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو هئس. ايتري تائين جو اسلم خيرپوري مون کي شدت سان سڏ ڪري سوچ ۾ ٻڏل ذهن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ پڇيو ته ڪهڙا حال اٿوَ، ڪهڙي سوچ ۾ ٻڏي ويا آهيو، تڏهن کيس چيم ته ”آريسر صاحب جي حالت ڏسي پريشان ٿي ويو آهيان.“ کيس علاج لاءِ ڪراچيءَ ان اميد سان نيو ويو ته جيئن سندس طبيعت ۾ سڌارو اچي پر اهي سموريون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون ۽ اڄ 3 مئي تي سندس ساهه جي تند ڇڄي پئي.

عبدالواحد آريسر ٿر جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ غير معروف شخص جادو آريسر جي گهر ۾ 1949ع ۾ اک کولي. انتهائي غريب گهراڻي سان تعلق هجڻ جي ڪري پرائمري تعليم کان وڌيڪ تعليم پرائي نه سگهيو هو. باوجود ان جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڀينڊي جي مدرسي ۾ داخلا ورتائين، جتان مولوي عربي جو امتحان پاس ڪري، مسجد جو خطيب ٿيو. سندس مطالعي جي شوق کيس مولويءَ مان مهان بڻائي ڇڏيو ۽ هو سائين جي ايم سيد جو پوئلڳ بڻيو ۽ آخري دم تائين سندس نظرئي فڪر تي هڪ پهاڙ وانگر اڏول ٿي بيٺو رهيو. وقت به وقت رياست جي ڏمر ۽ عتاب جو شڪار رهيو، پنهنجي پٺيءَ تي سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ جي عيوض ڪوڙا به کاڌائين، پر هو سيد ۽ سنڌ کان ڪڏهن به جدا نه ٿيو. سائين جي ايم سيد وٽ سندس وڏو قدر هو، ڇاڪاڻ ته هن مولانا ابوالڪلام آزاد کي روبرو ٻڌو هو ۽ آريسر ان کي بيان ڪندو هو. عبدالواحد آريسر جو مطالعو وسيع هو. هن برصغير ۽ سڄي دنيا جي تاريخ جو مطالعو ڪيو هو. سندس گفتگو ۾ لرزش ۽ ولولو هو ۽ جڏهن هو اسٽيج تان بيهي سامراج ۽ سندس ڇاڙتن کي للڪاريندو هو ته نوجوان جا جذبا ۽ اڌما وڌي ويندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي بعد سندس چاليهي جي موقعي تي، کيس سائين جي ايم سيد جو سياسي وارث قرار ڏنو ويو. ان کي هو ڪيترو پورو لٿو، ان جو فيصلو تاريخ کي ئي ڪرڻو آهي پر هڪ ڳالهه طئه آهي ته هن لالچي ماحول ۾ جتي ڪيترائي ماڻهو سيد جي فڪر کان منهن موڙي ويا ۽ وڃي سنڌ دشمن ڪئمپ جو حصو بڻيا ۽ عيش عشرت جون زندگيون گهارڻ لڳا، پر عبدالواحد آريسر شاهه لطيف جي ان شعر مصداق ته ”حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو“ يا ان چوڻي ته ”ڀلي بک ڀرم جي، شل نه وڃي شان“ تي عمل ڪندي پنهنجي زندگي ته ڪٺن گذاري پر سيد جي نظريي کان تِر جيترو به پري نه ٿيو.

سندس لکڻيون تاريخ ۽ سياست ۾ اهم جاءِ والارين ٿيون، خاص طور تي سائين جي ايم سيد تي لکيل ”ڇا ته شخص هو“، کٽڻهار کڙيا“، ”ڪنڌي ٽڙن ڪنول ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.

هو اڄ اسان وٽ جسماني طور نه رهيو آهي پر سندس لکڻيون، ڪتاب، ۽ تقريرون هميشه سنڌ جي نوجوانن کي اتساهه ڏينديون رهنديون.

عبدالواحد آريسر ”کٽڻهار کڙيا“ جي منڍ ۾ هن طرح اظهار ڪيو ته ”مون دنيا جا ايترا ڪتاب پڙهيا آهن جو انهن جي شمار جو تصور ئي منهنجي دماغ کي حيران ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. انهن مان ڪن مونکي آسمان سان پيار جو سبق ڏنو، ڪن چنڊ جي ڇانوري سان، ڪن ستارن جي مرڪ سان ۽ ڪن مزدور جي پگهر سان. مون انهن سڀني شين سان نينهن لڳائي ڏٺو. ليڪن منهنجي اندر جي اساٽ ۽ دل جي ويراني جيئن جو تيئن رهي. پر جڏهن مون جي. ايم. سيد کي پڙهيو ته هن جي ڪتابن مون کي ڌرتي سان محبت ڪرڻ جو سبق ڏنو ۽ ڪنهن ڌارئين ديس جي مٽيءَ کي متبرڪ سمجهڻ بجاءِ ڪارونجهر جي ڪور ۽ ڪينجهر جي ڪنارن کي چمڻ جو ڏس ڏنو. مون پنهنجي دل ڏانهن ڏٺو ته ان ۾ زندگي جا گل ائين ڦُٽي نڪتا، جيئن منڇر جي سطح تي پٻڻ جا پن ۽ پوءِ جڏهن نياز همايوني جي شاعري پڙهيم تڏهن زندگي جي گلن تي پرهه جي هير گهلڻ لڳي.“

اهو آريسر جيڪو پنهنجي اندر جي اساٽ ۽ دل جي ويراني مان تڏهن نڪتو هو، جڏهن هن سائين جي ايم سيد کي پڙهيو هو ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ جو سبق سکيو هئائين ۽ پوءِ اهو ڌرتي سان محبت ڪرڻ جو سبق سنڌ جي واهڻ وستيءَ ۾ پکڙيائين ۽ ان خوشبوءَ سان نوجوانن جي دلين کي منور ڪيو. اهو اڄ اسان سڀني کان وڇڙي ٿر جي ريگستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيو آهي. اسان جي ڌڻي در دعا آهي ته کيس پنهنجي رحمت سان نوازي ۽ سندس پونئرن ۽ سندس رهنمائي تي ناز ڪندڙن کي صبر عطا ڪري.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *