تازيون خبرون

سنڌ حڪومت ۽ پلڊاٽ جي تازي سروي رپورٽ: رياض احمد آگرو

اسان جي آسپاس ڪيترائي ملڪ اڄ کان ٻه يا ٽي ڏهاڪا اڳ اسان وانگر ترقي پذير هئا پر اڄ اُهي ترقيءَ جا ڏاڪا طئي ڪري ترقي يافته ٿي چڪا آهن. جيڪڏهن صرف پنهنجي چوڌاري ڏسنداسين ته ڪيترائي اهڙا مثال نظر ايندا. اسان جي ڏکڻ اوڀر ۾ سنگاپور، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ انهن کان ڪجهه اڳتي چين، ڪوريا، سن سٺ واري ڏهاڪي ۾ غريب ملڪ هئا. وري جو اولهه طرف نظر ڪريون ته صحرا عرب جا ملڪ خاص طور تي دبئي پڻ ساڳي ڏهاڪي ۾ غريب ۽ اڻ سڌريل علائقو هو. هي سڀ اسان جا لڳ ڀڳ پاڙيسري جنت بنجي چڪا آهن. پر ان جي ابتڙ اسان جي مُلڪ ترقيءَ جا جيڪڏهن ٻه قدم کنيا آهن ته ضرور پنج قدم پوئتي هٽيو آهي. مثال طور اڄ کان ڏهه سال اڳ بجلي ڪافي حد تائين ميسر هئي پر اڄ اها ناياب ٿيندي پئي وڃي. سڄي ملڪ سان گڏ سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ته چوويهن ڪلاڪن ۾ مشڪل سان پنج يا ڇهه ڪلاڪ ڏني ٿي وڃي. ڪراچيءَ کان سواءِ سنڌ جي باقي شهرن جي حالت به ڪا گهڻي مختلف ڪانه آهي. اهو ته بجليءَ جو حال آهي، باقي شعبن جي ڪارڪردگي به ساڳي آهي. جيڪڏهن رياست پنهنجي شهرين کي بجلي، صاف پاڻي، صحت ۽ تعليم مهيا نه ڪري سگهي، عوام کي انڌيرن ۾ رکي ته ان کي ڪيتري ڪامياب رياست چئي سگهجي ٿو؟ اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ سوال آهي.

ڪنهن غريب گهراڻي کي مجموعي طرح غريب چئبو، پر جيڪڏهن انهيءَ جي اندر جهاتي پائي ڏسبو ته خبر پوندي ته اتي به هڪ جهڙائي نه آهي. عورت لاءِ ان گهر اندر موقعا بلڪل گهٽ هوندا ۽ اها غربت جا ڏنگ وڌيڪ سهندي نظر ايندي بنسبت مرد جي. اهڙي طرح پاڪستان کي مجموعي طرح ڏسبو ته اهو مٿي بيان ڪيل منظر پيش ته ڪندو پر جيڪڏهن غور ڪبو ته صوبن ۾ حڪومت ڪرڻ جو انداز ۽ ترقيءَ جي ليول ۾ هڪجهڙائي نظر نه ايندي.

27 آڪٽوبر 2015ع تي ملڪ جي هڪ معتبر اداري پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊيولپمينٽ-پلڊاٽ معياري ۽ بهتر حڪمرانيءَ تي هڪ سروي شايع ڪئي، جيڪا اهميت جي لائق آهي. هن سروي ۾ ڪل 28 انڊيڪيٽر يا اهڃاڻن تي عوام کان راءِ ورتي ويئي ته انهن 28 اهڃاڻن تي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ مان ڪيتري حد تائين مطمئن آهن؟ جن مان ڪجهه هي آهن، امن امان جي صورتحال، غربت جو خاتمو، تعليم ۽ صحت جون سهولتون، شفافيت، ڪرپشن جي روڪٿام، صفائيءَ جا انتظام، بي روزگاريءَ جو خاتمو، ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ وغيره. هونئن ڪافي پيچيده قسم جي سروي آهي پر پاڻ ان جي ٿلهن نقطن تي بحث ڪيون ٿا. سروي مطابق بهتر حڪمرانيءَ ۾ صوبو خيبر پختونخواه لاءِ راءِ ڏيندڙن 28 مان 18 اهڃاڻن کي مثبت قرار ڏئي پهريون نمبر ڏنو، پنجاب لاءِ 8 اهڃاڻن تي مثبت راءِ ڏئي ٻيو نمبر ڏنو، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن لاءِ راءِ ڏيندڙن 28 مان صرف ٻن اهڃاڻن تي مثبت راءِ ڏني. سنڌ حڪومت جي ٻن ڳالهين مان راءِ ڏيندڙ مطمئن نظر آيا سي هڪ امن امان جي بهتر صورتحال ۽ ٻيو ٻارڙن کي بيمارين کان پيارجندڙ ڦڙن کي اطمينان بخش قرار ڏنو، باقي ٻين سڀني ڳالهين ۾ عوام جي راءِ منفي رهي. بلوچستان لاءِ به لڳ ڀڳ سنڌ جهڙي راءِ رهي. هتي پاڻ سنڌ جي صورتحال تي بحث ڪريون ٿا.

سنڌ کي قدرت انهن سڀني نعمتن سان نوازيو آهي، جن کي استعمال ۾ آڻي عوام کي خوشحال معاشرو ڏيئي سگهجي ٿو. انگريزن سنڌ جي فتح وقت هن ماٿريءَ کي نئين مصر جي نالي سان سڏيو هو. سنڌ ۽ مصر ۾ جيڪا هڪجهڙائي آهي، ان جا چند مثال هتي ڏجن ٿا. جاگرافيائي بيهڪ مطابق مصر جي اولهه ۾ صحرائي لبيا نالي ريگستان آهي، سنڌ جي اولهه ۾ به ڪراچيءَ کان قمبر شهدادڪوٽ تائين ڊگهي جابلو پٽي آهي جنهن جي موڪر 60-70 ڪلوميٽر آهي. مصر جي اوڀر ۾ وري هڪ ٻيو وڏو ريگستان آهي، جيئن سنڌ جي اوڀر ۾ بدين کان گهوٽڪيءَ تائين ڊگهي ٿر جي پٽي آهي. اهڙي طرح ٻنهي جي وچ وارو علائقو زخيز زرعي آهي، هڪڙي کي نيل سيراب ڪري ٿي، ٻئي کي وري سنڌو درياهه امرت ڌارا ڏئي ٿو. مصر جي معيشت ۾ زراعت به اهم عنصر آهي. سنڌ جي آباديءَ جي وڏي حصي جو گذران پڻ زراعت تي آهي. سڀ کان اهم ڳالهه ته هي ٻئي خطا 5000 سالن کان پراڻي انساني تهذيب جا وارث آهن. پر مصر اڳ وانگر هينئر به خوشحال علائقو آهي، ان جي ابتڙ سنڌ جي صورتحال پلڊاٽ جي سروي ۾ واضح آهي. مصر جي ماضي اهرامن جي صورت ۾ دنيا اڳيان اجاگر بيٺي آهي، جيڪا سياحن لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿي، هر سال لکين سياح اچڻ ڪري مصر اربين ڊالر ڪمائي ٿو. ٻئي طرف ان صنعت جي ترقيءَ جا سنڌ ۾ به ڪافي امڪان آهن، سنڌ جي عظيم تهذيب موهن جو دڙو سڄي دنيا ۾ اهم مقام رکي ٿو، ان جو هڪ مثال اهو آهي ته آمريڪي صدر ڪلنٽن ڏکڻ ايشيا جي دوري دوران انڊيا کي وڌيڪ اهميت ڏني هئي. ڇوته ان زماني ۾ پاڪستان ۾ مشرف جي تازي مارشل لا لڳي هئي، هو مختصر وقت لاءِ پاڪستان آيو هو شايد چند ڪلاڪن لاءِ، پاڪستان جي عوام کي خطاب ڪندي هن موهن جي دڙي ۽ وادي مهراڻ جي تهذيب جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته هو هن تهذيب جو مداح آهي. حقيقت ۾ وادي مهراڻ جي تهذيب موجوده پاڪستان جي سڀني علائقن تي مشتمل خطن جي تهذيب آهي. موهن جو دڙو ان جو مرڪز آهي. پر افسوس ته ڪجهه وقت اڳ تائين ڪيترائي مغربي سياح ۽ ماهر گهمڻ ۽ تحقيقات ڪرڻ لاءِ موهن تي ايندا هئا، پر ڪيتري ئي وقت کان بدانتظامي ۽ امن امان جي ابتر صورتحال جي ڪري هينئر انهن جو اچڻ بند آهي. ٻئي طرف مغربي ۽ مصري ماهر، مصر جي پراڻي تهذيب جا لڪل گوشا ڏينهون ڏينهن اجاگر ڪري رهيا آهن. نوان اهرام دريافت ٿي رهيا آهن، انهن لاءِ قائم ٿيل ٿيوريز تي جديد سائنسي انداز ۾ ڪم هلي رهيو آهي. پر سنڌ جي بدعنوان ۽ بي حس حڪمرانن جي طرز حڪمرانيءَ ڪري، سنڌ جي تهذيب جي لڪل گوشن ۽ اهڃاڻن کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڳولڻ ته پري رهيو (موهن جي دڙي جو ڪيتري ئي حصي جي کوٽائي مڪمل نه ٿي آهي) پر هن پوري انسانيت جي ورثي جي سارسنڀال ۽ حفاظت لاءَ رکيل پئسا پنهنجن نه ڀرجندڙ پيٽن ۾ هڙپ ڪيون ويٺا آهن. تاريخي آثار سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي رهيا آهن. جيڪڏهن هيءَ سائيٽ ڪنهن شهر جي ويجهو هجي ها ته يقينن ان جي پلاٽ تي قبضو ٿي چڪو هجي ها يا ڪو بلڊرچائنا ڪٽنگ ڪري فليٽ ٺهرائي ڇڏي ها. 18 ترميم جي پاس ٿيڻ کان پوءِ صوبا ڪيترن ئي شعبن ۾ اڳتي وڌي ڪري ترقي ڪري سگهن ٿا. پر سنڌ جي حڪمرانن 18هين ترميم جو فائدو به وڌيڪ ڪرپشن ڪرڻ جي صورت ۾ وصول ڪيو آهي.

مٿين ڳالهين جو مقصد آهي ته سنڌ کي اڳتي وڌڻ جي ڪيتري نه صلاحيت آهي. ڪنهن به خطي جي ترقي ڪرڻ لاءِ گهربل سمورا وسيلا سنڌ ۾ موجود آهن. زراعت، معدنيات، افرادي قوت، گيس، تيل، سڀ ڪجهه آهي پر افسوس ته هتي اڪثر اهڙي قيادت ملي آهي، جيڪا انتها درجي جي بدعنوان ۽ ويڪائو ثابت ٿي آهي. ڪنهن به خلوص سان صوبي ۽ ان جي عوام جي خدمت نه ڪئي آهي. خرابين جي انهيءَ سلسلي گذريل 10 يا پندرهن سالن کان تيزيءَ سان اسپيڊ ورتي آهي، جنهن جو تازو اظهار پلڊاٽ جي سروي به آهي. ٻيا صوبا ڪنهن حد تائين خوشقسمت آهن جو انهن کي سٺي حڪمراني ملي رهي آهي ۽ اهي اڳتي وڌي رهيا آهن، جيڪڏهن ساڳي صورتحال برقرار رهي ته سنڌ پاڪستان جو مڪمل پٺتي پيل صوبو رهجي ويندو ۽ ٻيا صوبا گهڻو اڳتي نڪري ويندا. جيئن هينئراسان ۽ اسان جي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ فرق آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *