تازيون خبرون

سنڌ جي رت ۾ رچي ويل ڪجهه مثالي ڪردار: تصوير سنديلو

عوامي آواز ۾ عباس جلباڻي کانپوءِ فهميده حسين جو مضمون انهن ماڻهن تي شايع ٿيو جن سنڌ کي پنهنجي ڌرتي ۽ سنڌي ٻولي کي پنهنجي ٻولي طور هنئين سان هنڊايو ۽ ساهه ۾ سانڍايو آهي. اهي ماڻهو جن جا ابا، ڏاڏا يا وڏا ٻاهران آيا ۽ هتي اچي سنڌ کي پنهنجو ڪيو ۽ پنهنجي پونئيرن کي سنڌي سيکاري، پڙهائي ۽ مثالي سنڌي ٿي رهڻ لڳا آهن. انهن ٻاهران آيل غير سنڌين جا ڪجهه اهڙا مثال موجود آهن جيڪي هڪ مثالي سنڌي جو درجو رکن ٿا.

ورهاڱي کانپوءِ 1948ع ۾ هندستان جي رياست پٽيالا مان آيل ڪجهه مهاجر خاندانن کي اسان جي ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ هندن جي لڏپلاڻ کانپوءِ سندن خالي پيل گهر حوالي ڪيا ويا.

ملان دوست محمد ڪمبوهه ته مون به ڏٺو هو پر ان جي وڏي پٽ حاجي محمد صديق پوءِ محنت ۽ خدمت ۾ وڏو نالو ڪمايو، حاجي صديق جي اولاد جنهن اسان جي ڳوٺ ۾ جنم ورتو تن جي سنڌي ٻولي ۽ لهجو ٺيٺ سنڌي ٿي ويو. هو 68 سالن کان اسان جي ڳوٺ ۾ ئي آباد آهن پر روزگار ۽ ڪاروبار سانگي شهرن ۾ رهن ٿا. هو عيد براد توڙي مرڻي پرڻي ڳوٺ ايندا رهن ٿا. حاجي محمد صديق ۽ سندس پونئيرن ڳوٺ کي ايئن پنهنجايو آهي جيئن ڳوٺ قائم ٿيڻ کان رهندڙ سنديلن. حاجي محمد صديق آيو ته پنهنجي والد سان هندستان مان هو پر هن ڳوٺ توڙي ڳوٺ جي ماڻهن جون ايتريون مددون ڪيون جو سندس ڪردار هن ڳوٺ واسين تي غالب ٿيندو ويو. ڳوٺ ڏي ايندڙ رستا ٺهرائڻ ۽ انهن تي مٽيون وجهرائڻ سندس مشغلو هو. هو ٻئي جي ڪم اچڻ وارو ماڻهو هو. هن جي هڏ ڏوکي هجڻ واري طبيعت مونکي ڏاڍي وڻندي هئي. هو سڌو ۽ کرو ماڻهو هو، جي ڪنهن کي گهٽ وڌ به ڳالهائي وجهندو هو ته ڪير مٿس چڙ نه کائيندو هو. هن مضمون جي لکڻ جو مقصد عباس جلباڻي ۽ فهميده حسين جي ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ آهي ته غير سنڌين سنڌي بڻجي ڪهڙا ڪهڙا ڪم سرانجام ڏنا آهن. پر مان ته اهو چوندس ته جيڪي ڪم هندستان مان آيل حاجي محمد صديق اسان جي ڳوٺ ۾ ڪيا سي اتان جا اصلوڪا ماڻهو به نه ڪري سگهيا. منهنجي پنجون نمبر ڀاءُ سجاد سنديلو جيڪو هاڻي نواب شاهه يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي، تنهن هاير ايجوڪيشن ڪميشن جي اسڪالر شپ پاس ڪئي، کيس نيڌر لينڊ ۾ ميٿ ميٽڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ وڃڻو هو پر قانوني گهرجن موجب کيس 65 لکن جو باند ڏيڻو هو. منهنجو والد قربان سنديلو حاجي صديق ڪمبوهه وٽ ويو ته حاجي صديق پنهنجي زمين گروي رکڻ لاءِ دل کولي ها ڪئي. جڏهن جڊيشل مئجسٽريٽ ڏوڪري وٽ حاجي صديق جي زمين 65 لکن عيوض گروي ٿيڻ جي لک پڙهه ٿي وئي ته بابا ان سيٽلر سنڌي سان ڀوڳُ ڪندي چيو ته حاجي جي منهنجو پٽ واپس نه آيو ته تنهنجي ٻني ته وئي. جنهن تي حاجي صديق ٽهڪ ڏيندي چيو ته قربان مون ٻني توکي ڏني آ هاڻي تنهنجو پٽ واپس اچي يا نه… هي هڪ سيٽلر سنڌي جي سخاوت هئي جنهن جي آڌار هڪ اهل سنڌي شاگرد يورپ مان ڊاڪٽريءَ جي ڊگري وٺي موٽيو. پر ان جي برعڪس اهي اصلوڪا سنڌي به آهن جن جي اندر مان ساڙ، حسد ۽ اڻ سهپ اڃا تائين نه نڪتي آهي.

2008ع ۾ مون وٽ ڊي پي او لاڙڪاڻو سلطان خواجا اچڻو هو پر ان کي ويهارڻ لاءِ ڳوٺ جي اصلوڪي سنڌي پنهنجي اوطاق ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. سيٽلر ۽ اصل سنڌي جي ان رويي مان توهان چڱي ريت اندازو لڳائي سگهو ٿا. هڪ ڀيري ڳوٺ جو ٽرانسفارمر سڙي ويو. نئين ٽرانسفارمر لاءِ چندو گڏ ڪرڻ باوجود پئسا کٽي پيا هئا، مان حاجي صديق جي گهر ويس ۽ کيس ٻڌايو ته باقي 13 هزار کٽن ٿا تون ڏي ته پوءِ چندو ڪري توکي واپس ڪندس، حاجي صديق 13 هزار ته ڏنا پر چيائين ڳوٺ وارا پئسا ڪونه ڏيندئي جو منهنجو قرض لاهي سگهين ۽ پوءِ ٿيو ته ايئن ئي ته ٽرانسفارمر لڳڻ کانپوءِ ڪنهن به پئسا ڪونه ڏنا ۽ حاجي صديق ڪڏهن به مونکان پئسا ڪونه گهريا. ننڍا هياسين ته هڪ ڀيري منهنجو ڏاڏو ڏاڍو پريشان هو، زرعي بئنڪ کان ڀاڻ جي مد ۾ پئسا ورتل هئا جيڪي مقرر تاريخ تي واپس نه ٿيڻ تي ڏنڊ پوڻو هو. مقرر تاريخ به ويجهي هئي، پر حاجي محمد صديق 14 هزار اوڌر ڏئي ڏنڊ کان بچايو. حاجي صديق جو خاندان جڏهن ڳوٺ آيو ته رڳو کيس گهر ئي مليو هو رهڻ لاءِ، پر پوءِ هن جفاڪش ماڻهو محنت ڪري 280 جريبن تائين زمين وڌائي، زيتونن جا باغ لڳايا، ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ هارپي سان گڏ باغن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. هن زمينن مان وڌيڪ اپت وٺڻ جا نوان طريقا متعارف ڪرايا، ماڻهن کان سندس ڪڻڪ ۽ سارين جا ڀلا فصل ڏسي رڙ نڪري ويندي هئي ته صديق جو فصل ته ڏسو. حاجي صديق ساڳئي زمين ۾ سال ۾ 4 فصل پوکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو.  يعني سارين لهڻ کانپوءِ گوگڙو، پيز ۽ سورج مکي جا فصل. هن کي زراعت جي ڊگري ته نه هئي پر زراعت کاتي وارا آفيسر اڄ به اسان جي ڳوٺ اچي ڳوٺ ۾ سندس فصل ڏسندا آهن. ٿيندڙ ڀلن فصلن پٺيان وڌيڪ هر ڏيڻ، وقت تي پوکي ڪرڻ ۽ ججهي مقدار ۾ ڀاڻ ۽ دوائون ڏيڻ وارو حاجي صديق وارو فارمولو آهي. جيڪو هاري استعمال ڪندا اچن ٿا. حاجي صديق جي پيڙهي ۾ سول جج ذوالفقار ڪمبوهه به پنهنجي پيءُ وانگر ڳوٺ وارن جي وس آهر مدد ڪندو رهي ٿو. ڳوٺ جي ديدار شيخ ۽ شمن شيخ جن کي اجها نه هئا تن کي سرون، سريو ۽ سيمنٽ پنهنجي پئسن سان وٺي ڏئي پنهنجي پيءُ واري ٻين جي ڪم اچڻ واري جذبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. نوان آيل سنڌي پنهنجي ڪردار، محنت خدمت ۽ ملڪيت ۾ ڳوٺ جي پراڻن سنڌين کان 68 ورهين ۾ ايترو ته اڳتي نڪري ويا آهن جو اويل سويل، اوکي سوکي ۾ ماڻهو مدد لاءِ هنن ڏي واجهائيندا ۽ هٿ وڌائيندا آهن. ذوالفقار ڪمبوهه ڳوٺ جي سنديلن حافظ بچل، فخرالدين ۽ هدايت کي سرڪاري نوڪريون به وٺي ڏنيون آهن. جيتوڻيڪ حاجي صديق کي ڌاڙيلن ٻه ڀيرا ۽ سندس پٽ محمد رفيق کي هڪ ڀيرو اغوا ڪيو، سندن ملڪيتن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هنن پنهنجو ڳوٺ نه ڇڏيو آهي ۽ ڳوٺ جي ڪم اچي رهيا آهن.

ساڳئي ئي ڳوٺ جو ٻيو سيٽلر حافظ محمد بخش ڪمبوهه آهي جيڪو 30 ورهيه اڳ لڏي اچي ڪراچي آباد ٿيو. مونکي ذوالفقار ڪمبوهه ٻڌايو ته حافظ جي پٽ اياز ڪمبوهه ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا لاءِ بند پيل در کولرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هو سنڌي شاگرد سٿ جو صدر به رهيو ۽ سنڌي شاگردن جي مفاد لاءِ جھدوجهد هلائي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ اڍائي سئو سنڌي شاگردن جي داخلا جا در کليا آهن.

هاڻي اوهان پراڻي ۽ نئين سنڌي بابت پاڻ اندازو لڳايو ۽ فيصلو ڪريو. هي نوان آيل سنڌي پراڻن سنڌين لاءِ ڪيڏا ڪارآمد ۽ ڪم وارا آهن. هو جيڪي ڪنهن به لساني تنظيم جو حصو نه بڻيا آهن جيڪي سنڌي ڳالهائن ٿا ۽ سنڌ کي پنهنجو ديس سمجهن ٿا، اسان کي اهڙن ماڻهن ڏانهن پنهنجا رويا ۽ رجحان تبديل ڪرڻا پوندا. نئين سر سوچڻو پوندو ۽ سمجهڻو پوندو ته ڪير هن ڌرتي ۽ قوم جي فائدي ۽ ڪير نقصان لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، نقصان ڏيندڙن ۾ اسان جا پنهنجا به شامل رهيا آهن، جن لاءِ ابراهيم منشي چيو آهي ته:

مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾

عوامي آواز جي ٿورن سان…

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *