تازيون خبرون

سنڌ جو سياسي منظر نامو: ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ آپريشن: مدد علي سنڌي

سنڌ جو گادي وارو شهر ڪراچي، نه فقط سنڌ، بلڪه ملڪ جو سڀ کان اهم شهر آهي. هن شهر جون حالتون بدامنيءَ جو شڪار رهيون آهن. گهڻي وقت کان وٺي، مصلحتن سبب ڏوهاري زوران زور ٿيا آهن. ڀتا مافيا، اغوا، ڦرن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگس، هن شهر جي امن کي برباد ڪري ڇڏيو، پر رينجرز جو، هن شهر ۾ بدامني ڪندڙن خلاف سخت آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. ان آپريشن جي نتيجي ۾ شهر ڪراچي سُک جو ساهه کنيو هو، پر وري ٻيهر ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگس جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگس واري سلسلي جو سدباب ضروري آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جو ڪراچيءَ وارو دورو انتهائي اهم هو. هن دوري ۾ جنرل راحيل شريف ڪور هيڊ ڪواٽر ۾ واضح لفظن ۾ چيو ته ڪراچيءَ ۾ قتل جا تازا واقعا سازش آهن. جڏهن ته ٽارگيٽ ڪلرز ۽ سرپرستن کي گرفتار ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ ۾ تازو ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگس جي پويان مخصوص ادارا آهن، ان ڪري هلندڙ آپريشن کي سندس منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

يقينن ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته ڪراچي ۾ شروع ٿيل آپريشن کانپوءِ، شهر ۾ ٺاپر آئي هئي، پر ڪجهه ڏينهن کان وٺي ڪراچيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري ٽارگيٽ ڪلنگس جا واقعا ٿيا آهن، جن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر ڊاڪٽر وحيد الرحمان ۽ سماجي ڪارڪن خاتون سبين محمود جي قتل جا واقعا اهم آهن. محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ڄڻ ڪي طاقتون ڪراچيءَ ۾ امن نٿيون چاهين، اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگس جي تازين واقعن کي ڏاڍي ڳڻتيءَ جي نظر سان ڏٺو پيو وڃي.

ان سلسلي ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جو اهو بيان خاص ڪري ڪراچي ۾ اچي جاري ڪرڻ انتهائي اهم آهي ته ڪراچي ۾ تازي ٽارگيٽ ڪلنگس هڪ رٿابندي تحت ڪئي پئي وڃي.

يقينن ڪراچيءَ ۾ مافيائون به تمام گهڻيون آهن، مثال طور ڀتا مافيا، لينڊ مافيا ۽ ٻيون به ڪيتريون مافيائون شهر ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، پر هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي، جو ان ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهڻ گهرجي ته ڪراچي شهر جو امن جو قائم ٿيڻ سڀ کان اهم ڳالهه آهي. انڪري سيڪيورٽي ادارن کي پنهنجي نئين حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ته جيئن هن مسئلي جو سدباب ٿي سگهي.

يقينن سنڌ هڪ اهم صوبو آهي، جنهن جون حالتون، ٻين صوبن کان جداگانه آهن. سڀ کان اول ته 1947 ۾ ڪراچي کي ملڪ جو گادي وارو شهر ٺاهڻ جي ڪري ڀارت مان هڪ وڏو تعداد لڏي آيلن جو سنڌ ۾ اچي رهيو ۽ قائداعظم جي رحلت کانپوءِ حڪومت ڪندڙن ڄاڻي واڻي ڪراچي شهر ۾ آباديءَ جو دٻاءُ وڌائي رکيو ته جيئن ان سان هو پنهنجا سياسي مقصد اڳتي وڌائي سگهن، خدا جو شان آهي ته جنهن صوبي سنڌ پاڪستان لاءِ پهريون 1938 ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ۽ بعد ۾ 1943 ۾ انجي سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو، اڄ ان صوبي کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچيءَ کي صوبو بڻايو وڃي، ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جي صدر عمران خان جو اهو بيان ڏاڍو اهم هو ته ڪراچيءَ تي سنڌ جي آمدني ۽ ترقي جو دارو مدار آهي، انڪري ان شهر کي صوبو نٿو بڻائي سگهجي. بهرحال هي هڪ ڊگهو بحث آهي، جنهن جي ڊيگهه ۾ نٿا وڃڻ چاهيون، ڇاڪاڻ ته ڪراچي کي صوبو بڻائڻ جون ڌمڪيون هاڻ روز روز جو معمول ٿي ويو آهي، اسين اها ڳالهه به سمجهون ٿا ته ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين جيڪو سنڌ کي پنهنجي ڌرتي ماءُ قرار ڏيندو آهي، اهو هڪ ڀيرو ٻيهر خبر ناهي ته ڪهڙن سياسي مقصدن لاءِ هن قسم جو بيان جاري ڪيو آهي، جنهن سان هروڀرو اختلافن جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي ويندو جيڪو بهرحال سنڌ جهڙي پٺتي پيل صوبي لاءِ هاڃيڪار ٿيندو.

سنڌ ايئن وڏن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، هن صوبي تي آباديءَ جو ٻين صوبن کان ايندڙ ماڻهن جو دٻاءُ مسلسل جاري آهي، ڏينهون ڏينهن مسئلا وڌي رهيا آهن، صوبي جي هڪ وڏي علائقي ٿر ۾ اڃا گرمي آئي آهي ته اتي ڏڪار شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي توجهه سنڌ تي گهٽ آهي، هوڏانهن صوبي کي وفاقي مالياتي ڪميشن مان سندس جائز حصو ملڻ جي اميد دور دور تائين نظر نٿي اچي حالت اها آهي ته تازو مالياتي ڪميشن جي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي غير دلچسپين جو ڪارڻ خبر ناهي ڪهڙو هو جو ان ۾ سنڌ جو عيوضي يعني سنڌ جي صوبائي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه ته هڪ اکر به نه ڳالهايو، ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته قومي مالياتي ڪميشن جي تعارفي اجلاس ۾ سنڌ جي نمائندگي ڀرپور طريقي سان ڪئي وڃي ها، پر ايئن نه ڪيو ويو ۽ نتيجي ۾ اين ايف سي جي اجلاس دوران نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ ملڪ جي صوبن جو حصو وڌائڻ جو امڪان به ختم ٿي ويو.

ڇا انهن اجلاس ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ سنڌ قائم علي شاهه جي شرڪت ضروري هئي جو جڏهن مٿي ذڪر ڪيل اجلاس ۾ پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪري پنهنجي پنهنجي صوبي جي موقف کي واضح نموني پيش ڪيو ٻيهر ته ٺهيو پر اجلاس پنجاب جي عيوضي خانون ته مورڳو اهو چئي تعجب ۾ آڻي ڇڏيو، ته سنڌ جي ڀيٽ ۾ پنجاب جو ٽيڪس تي وڌيڪ حق آهي، يعني هاڻ جي ايس ٽي وٺڻ تي اعتراض آهي ته ان تحت نظرثاني ڪئي وڃي.

اهي حالتون آهن پياري پاڪستان جي هن اهم صوبي سنڌ جون مٿان مسئلا ٻيا به گهڻا، آبادي جو دٻاءُ به سنڌ تي، صوبي کي ورهائڻ جا مطالبا به سنڌ ۾، سندس گادي واري شهر کي مني پاڪستان ٺاهڻ جي جنون ۾ تباهي آڻڻ جو مسئلو به سنڌ تي ۽ وري مالياتي ڪميشن به هاڻ نئين راڳ، يا ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جا مطالبا هڪ وڏو عذاب آهن، اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي حالتن کي سڌارن جي ضرورت آهي، سنڌ جي صوبائي حڪومت يا ٻين ڌرين کي پنهنجي صوبي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ عملي ڪوششون وٺڻ گهرجن، اهو سڀ ڪجهه نه ٿيو ته پوءِ سنڌ جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون، جتي بدامني، ٽارگيٽ ڪلنگس، ڪرپشن ۽ ٻين مٿي ذڪر ڪيل مسئلن جا انبار هڪ خوفناڪ طوفان جي شڪل ۾ آڏو آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *