تازيون خبرون

سنڌ جو درويش صوفي شاعر صادق فقير رحه : صوفي غلام مصطفيٰ مورائي

حضرت شاهه عنايت شهيد جي شهادت کانپوءِ باطل قوت صوفي ازم کي ختم ڪرڻ جون سر ٽوڙ ڪوششون ڪيون، پر سج به ڪڏهن کاري هيٺيان لڪي سگهي ٿو. شهيد جي ٻاريل رشد و هدايت جي شمع تي پروانه ايندا رهيا. لاٽ مان لاٽ ٻرندي رهي. حضرت صديق عرف صادق فقير جو به شمار اهڙن صوفي ازم پرچارڪن ۾ ٿئي ٿو. صادق فقير رحه جن شوال مهيني ۾ 1170هه جي هڪ سڀاڳي سومر تي پيدا ٿيا، سندن والدين مالوند هئا ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي، انهيءَ حالتن هوندي به صوفي صادق فقير جن ننڍي هوندي کان ذهين بهادر بيباڪ علم جا ڳولائو هئا. 17 سالن جي عمر کي رسيا ته ڏاڍا مڙس ٿي پيا، پر چيو وڃي ٿو ته سندن ڌاڙيل ٿيڻ ۾ سماج جي ڏاڍاين جو هٿ هو. فقير صاحب غريبن تي انصاف وٺي ڏيڻ لاءِ هي جهاد ڪيو سندن دور جا اهڙا ڪيئي واقعا ملندا، مديرن جي صاحبي ۾ هڪ غريب عورت کي حق وٺي ڏيڻ لاءِ ميرن جي تاج جي ڦر به ڪيائين، پر 25 سالن ۾ پهتا ته درگاهه جهوڪ شريف ويا، ان وقت شاهه فضل الله قلندر سجاده نشين هئا. پنهنجي ٽولي وارن منع ڪين ته صوفين وٽ جادو آهي ان ڪري اوهان نه وڃو، پر پاڻ جلد اچڻ جو واعدو ڪري سائين جن جي خدمت عاليه ۾ پهتا ته سائين جن فرمائي رهيا هئا ته ابا اڄ درياهه پلٽجي ٻيڙيءَ ۾ ٿو پوي اهي لفظ ٻڌي صادق فقير واپس وڃي ساٿين کي چيو ته ادا مون تي صوفين جو جادو ٿي ويو آهي اوهان ڀلي وڃو پوءِ شاهه فضل الله قلندر جن کي پنهنجو روحاني آقا ۽ مرشد بنائي سندس زندگيءَ ۾ ٽيهه سال روحاني تربيت حاصل ڪيائون، سندس صدق سچائي کي ڏسي مرشد سائين جن کين صديق بدران صادق فقير جي نالي سان سڏڻ لڳا. 55 سالن جي عمر ۾ شادي ڪيائون ۽ عمرڪوٽ ڇڏي اچي پرين جي پاڙي يعني جهوڪ شريف ۾ رهيا. پر ڪجهه وقت بعد واپس عمرڪوٽ لڏي ويا، فقير صاحب جن ٽي شاديون ڪيون. پاڻ 11 رمضان المبارڪ 1265هه سحر جي وقت وفات ڪئي، سندن فرزند صوفي نظام الدين جي اجازت سان سندن مريدن مزار تي چوکنڊي ٺهرائي، پر ٻوڏ سبب اها ڪمزور ٿي پئي، ان بعد سندن مزار تي عاليشان گنبذ تعمير ٿيو. شاعري تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو رنگ سمايل نظر اچي ٿو، سندن رسالو شاهه سائين جي رسالي وانگر وسيع آهي، سندن 9 سر درگاهه جهوڪ شريف حضرت شاهه عنايت شهيد جن جي ميلي ۾ محفل سماع ۾ چيا وڃن ٿا. هر سال سندس ميلو به ملهايو وڃي ٿو.

جيڪي آهي اڄ، سڀان ناهه ”صديق“ چئي واڄي وانگر وڄ مٿي کي مرلي ڪري.فقير صادق جا هم عمر بزرگ هي آهن. عبدالوهاب ”سچل“ سائين، سيد راضي شاهه، سيد خير شاهه سيد ثابت علي شاهه، سيد قطب شاهه رضوي، پير محمد راشد، سيد بلال شاهه، پير علي گوهر شاهه، حاجي عبدالله مولوي احمد نواب، ولي محمد لغاري، گل محمد ”گل“ آخوند، محمد بچل، مولوي اويس احمد روحل فقير، غلام حيدر شر، قادر بخش بيدل سائين، عبدالرحيم گرهوڙي دلپت صوفي نانڪ يوسف مرزا ٻڍل بيگ عثمان فقير سانگي ۽ ٻياڪ انيڪ درويش شاعر شامل آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *