تازيون خبرون

سنڌ جون اتساهيندڙ شخصيتون- رسول بخش پليجو ۽ سجاد علي شاهه: عاجز جمالي

هي شاگرد سياست جا ڏهاڙا هئا، جڏهن سنڌ ۾ ترقي پسند ۽ قومپرست شاگردن جو حسين رومانٽڪ دور هو. رومانس ڪنهن پريمي پريءَ يا زلفن جي قيد نه پر آزاديِ انقلاب جو رومانس هو. ڌرتيءَ سان عشق لاءِ نوجوان جي پروانن بنجڻ جو زمانو هو. هر ترقي پسند قومپرست نوجوان سمجهندو هو ”يه جان تو ڪوئي چيز نهين يه جان تو آني جاني هي.“ جنرل ضياءَ جي ان آمريت ۾ سنڌ جي هزارين نوجوانن جان جي پرواهه نه ڪئي، ائين عشق جي ميدان ۾ ڪاهي پيا. دادو جي سرزمين جنهن تاريخ اڳيان پنهنجي نئين سڃاڻپ پيش ڪئي. جڏهن استاد بخاري جهڙي رومانوي شاعر ”موري ميهڙ دادو ۾ ڍاٽيئڙا پٽ ڍول ڪُٺا“ لکيو، ان زماني ۾ اسان جو هن سان تعارف ٿيو. جڏهن اسان کي سندس انقلابي فلسفي سان اختلافِ رد جو سبق مليو. جڏهن اسان کي سيکاريو ويو ته مائوزي تنگ جو انقلاب نه پر ڪامريڊ لينن جو انقلاب. چيو ويو سوشلزم کان اڳ قومي جمهوري انقلاب ايندو نه ڪه عوامي جمهوري، عام ڪارڪن کان فلسفا مٿان مٿان کان گذري ويندا هئا. بس ايترو ئي ياد ڪيو ويندو هو ته پليجو غلط ڄام ساقي درست. چين غلط سوويت يونين درست پر سنڌ ۾ عوامي تحريڪ سنڌي شاگرد تحريڪ يا سنڌياڻي تحريڪ جو عروج هو. ايم آر ڊي تحريڪ جاري هئي پر هن انقلابِ آزادي جي رومانس جي دور ۾ ڪتاب پڙهڻ ان رومانس جو جهڙوڪر لازمي جز هو. مون ان دور ۾ ئي جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، مائوزي تنگ، لينن کان وٺي شيخ اياز ۽ ابراهيم منشي تائين سڀني کي پڙهيو. سياست جي دور مان نڪري صحافت ۾ داخل ٿياسين ته پليجو صاحب سان ڪافي ڪچهريون ٿيون.

هيءَ ڪڙي حقيقت آهي ته سوويت يونين جي زوال کانپوءِ سڄي دنيا ۾ انقلاب ۽ آزادي جي جدوجهد جو قبلو بدلجي ويو. چين پاڻ کي دنيا اڳيان نئين انداز سان پيش ڪيو يا نين حالتن مطابق آمريڪا سان مقابلي لئه پاڻ کي تيار ڪيو. اسان جي ملڪ ۾ ڪامريڊن جي ڪمزور ٿيڻ سبب آمريڪا مرده باد جي نعرن تي بنيادپرستن قبضو ڪيو، اسين اتي جو اتي رهياسين. آڪاش انصاري چواڻي ”اسان جي رهياسين اڌورا اڌورا“ رسول بخش پليجي پنهنجي عوامي تحريڪ کي نئين حالتن موجب تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا اڳتي هلي قومي عوامي تحريڪ بڻجي وئي، قيادت بدلجي وئي. نوجوان قيادت نئين حالتن مطابق تحريڪ کي منظم ڪيو پر اها ئي نظرياتي ڇڪتاڻ شروع. جهونو انقلابي پٽ جي خلاف ميدان تي نڪري پيو. عوامي تحريڪ جيڪا اڳ ئي ٽن حصن ۾ ورهايل هئي، هڪ حصو نواز ليگ جو حصو بڻجي وئي هئي ته ٻيو حصو عوامي جمهوري پارٽي بڻجي چڪو هو. رهيل عوامي تحريڪ به ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي.

اسلام ڪوٽ کان پنجين فيبروري کان شروع ڪيل لانگ مارچ پراڻي عوامي تحريڪ جي نئين شروعات هئي. اهو قافلو گذريل ڏينهن ڪراچي پهتو. قائداعظم جي مزار کان هزارين سنڌين ۽ سنڌياڻين نعرا هڻندي ڪراچي جي گهٽين کي ڳاڙهن جهنڊن جي رنگن ۾ رنگي ڇڏيو. ”هي ڪراچي ڪنهن جي سنڌين جي“. ”هم شهر بچاني نڪلي هين، آئو همارا ساٿ دو“. جيتوڻيڪ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اهو ته ڪڏهن ٿيڻ نه ڏيندي جو سنڌ جا شهر ٻهراڙين سان گڏ بيهن پر هيءَ ڪوشش زبردست آهي. منهنجي نظر ۾ هي ڪراچيءَ ۾ اتساهيندڙ سرگرمي هئي. ڪجهه سال اڳ به صدر جي زيب النساءَ اسٽريٽ تي هن جهڙو ئي منظر هو پر تڏهن ننڍو پليجو يا وڏو پليجو ڳالهه ساڳي هئا پر اڄ اياز هن ميڙ ۾ نه هو، سندس جڳهه عوامي تحريڪ جي صدر غلام نبي کوسي ورتي هئي پر اصل ڳالهه 88 ورهين جي جهوني ترقي پسند اڳواڻ رسول بخش پليجي جي همت حوصلي جي آهي. قائداعظم کي ويجهڙائپ کان ڏسندڙ رسول بخش پليجو جڏهن تاريخ جا ورق اٿلائي رهيو هو ته دل چوي پئي هو ڳالهائيندو رهي پر ڪنهن سياسي جلسي ۾ اهو ممڪن نه هو. سچ ته اهو آهي ته رسول بخش پليجو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو آهي، کيس سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگردن کي درس ڏيڻ لاءِ اڳيان آندو وڃي ته وڏو ڪم ٿي سگهي ٿو. رسول بخش پليجو سنڌ ۾ هڪ اتساهيندڙ شخصيت آهي. سندس سياست ۽ نظرين کي هڪ پاسي رکون پر تاريخ ۾ سندس رتبو اهم آهي.

سجاد علي شاهه

گذريل ڏينهن سنڌ کان هڪ تاريخ ساز شخصيت وڇڙي وئي. جيتوڻيڪ تاريخ جي درٻارين يا درٻاري ليکڪن اڳوڻي چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه کي تڪراري بنائڻ لاءِ رياست جا سڀ وسيلا استعمال ڪيا پر سجاد علي شاهه پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين پنهنجي اصولن تي اٽل بيٺو رهيو. تاريخ ۾ اهڙا گهٽ ڪردار هوندا آهن جيڪي هميشه زنده رهندا آهن. اڳوڻو چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه به تاريخ جو اهڙو ئي ڪردار آهي. سجاد علي شاهه کانپوءِ پاڪستان ۾ اهڙو ڪو به چيف جسٽس ڪونه آيو، جيڪو ائين چوي ته ججن جا فيصلا ڳالهائيندا آهن. مون کي سندس چيف جسٽس وارو زمانو ياد پيو اچي جو اسين اخبار ۾ هوندا هئاسين. ڪنهن تقريب ۾ اسين اخبار وارا ساڻس ڳالهائڻ ويندا هئاسين ته چوندو هو مان جج آهيان. جج ڳالهائيندا ناهن ججن جا فيصلا ڳالهائيندا آهن، بعد ۾ سجاد علي شاهه جي فيصلن جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ملڪ ۾ وڏا سياسي طوفان برپا ٿيا. بينظير کي انصاف نه ڏيندڙ چيف جسٽس سجاد علي شاهه جڏهن نواز شريف کي انصاف ڏنو ته تاريخ ۾ لاڙڪاڻي ۽ لاهور جي فرق جنم ورتو پر جڏهن نواز شريف چيف جسٽس جي خلاف ٿي ويو ته بينظير چيف جسٽس جي پاسي بيهي رهي.

تاريخ ۾ سجاد علي شاهه ئي اهو بدنصيب چيف جسٽس ليکبو، جنهن کي پاڪستان جي رياست تحفظ نه ڏنو، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ سندس سنڌي هجڻ هو. سجاد علي شاهه کي زبردستي سپريم ڪورٽ کان ٻاهر ڪڍيو ويو هو. چيف جسٽس جي سيٽ ڇڏڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين مون سندس تفصيلي انٽرويو ڪيو هو، بعد ۾ سندس ڪيترائي انٽرويوز ڪيا پر سجاد علي شاهه خود ان ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته سنڌي هجڻ سندس وڏو ڏوهه هو. سجاد علي شاهه ڪراچي جو قديمي رهاڪو هو، تاريخ جو ڄاڻو هو. هو ايماندار شخص هو. کيس ڪنهن سياسي پارٽي ٺاهڻ جو به خيال هو، هڪ وقت هو جو هو عمران خان کي به سٺو سمجهندو هو پر بعد ۾ خيال بدلائي ڇڏيائين. لياري جو قديمي رهاڪو سجاد علي شاهه سنڌ مدرسته الاسلام جو شاگرد هو. منهنجو ذاتي خيال آهي ته پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ سجاد علي شاهه وڏي بي رحمي جو شڪار ٿيو. ڇو ته هو اصول پسند هو، باضمير هو پر بهرحال سنڌي هو. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کان جڏهن قائداعظم محمد علي جناح، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ئي هضم نه ٿي سگهيا ته پوءِ رسول بخش پليجو يا سجاد علي شاهه ڪيئن هضم ٿي سگهندا پر هي ٻئي شخصيتون پنهنجي اندر  ۾ موجود لاتعداد تضادن ۽ تڪرارن باوجود سنڌ لاءِ انتهائي اتساهه ڏيندڙ شخصيتون آهن. تاريخ جي جبر کين ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي ڌڪيو پر هي پاڪستان جي بدبودار ڪرپٽ سماج ۾ فٽ ٿي نه سگهيا ۽ الزامن جي نشاني تي رهيا.

aajizjamalijamali@yahoo.com

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *