تازيون خبرون

سنڌ جا ڪنڀر: اصغر ملاح

قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ ڌرتي جنهن جي سونهن ۽ ثقافت سڄي دنيا ۾ مشهور آهي صوفين بزرگن پيرن فقيرن اوليائن جي سڏجندڙ سنڌ ڌرتي جنهن جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ الله پاڪ جي ولين، برزگن. قلندر لعل شهبار سچل سرمست شاهه عبداللطيف﷣، ۽ ٻين برزگن جا روضا موجود آهن جيڪي انسان ذات جي ڀلائي بهتري جو سبق ڏيندا رهيا آهن هي قوم لطيف جي پوئلڳ آهي ڀٽائي جي هي دعا سدائين سنڌين جي لبن تي هوندي آهي سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سرڪار دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين تاريخ ٻڌائي ٿي سنڌ جيڪا ماضي ۾ علم ، ادب ۽ تھذيب جو اھڃاڻ رھي آھي سنڌ سان هر دور ۾ ناانصافيون ٿيون آهن سرزمين سنڌ صدين کان ڪيترائي لاها چاڙها هن وقت تائين لتاڙيندي سنڌ جو عوام هزارين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ سنڌ جي وحدانيت تي وار جون ناپاڪ سازشيون ڪندڙن سنڌ دشمن ظالم قوتن کي هميشه شڪست ڏئي سنڌ جي عوام سنڌ جو مان مٿاهون ڪيو آهي سنڌ جيڪا پنهنجي ثقافت مهمان نوازي ۽ هنرن ۾ مشهور رهي آهي اسان جي سماج ۾انسانن جي سڃاڻپ سندس زات پات ۽ خاندان سان ڪئي وڃي ٿي سنڌ سونهاري اندرڪيتريون ئي قومون پنهنجي پنهنجي هنرن سان سڃاڻپ رکن ٿيون.

اسان جي سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي ڪردار آهن جيڪي پنهنجا پارس هٿ جڏهن سنڌ جي مٺي مٽي کي هڻي ٿو اها مٽي سون ۾ تبديل ٿيو وڃي ٿي. ها اهو ڪردار آهي اسان جو غريب سنڌ جو ڪنڀر. ڪنڀر پنهنجي هنر ۽ هٿ جي محنت سان هن ڌرتي جي مٽي کي عزت مان ۽ شان بخشي ٿو هزارين سالن کان اسان کي انهي مٽي مان ٿانو ٺاهي ڏئي ٿو جيڪي ٿانو انسان پنهنجي روز مره جي زندگي ۾ صدين کان استعمال ڪندا رهيا آهن اسان جي سنڌ جو هي محنت ڪش ڪردار جڏهن اسان سڀ سنڌ واسين صبح جي مٺڙي ننڊ ۾ اڪثر آرامي هوندا آهيون ته فجر محل سوير اٿي هي محنت ڪش پورهيت ڪنڀر پنهنجي گهر جي چلهه ٻارڻ لاءِ بي آرامي ٿئي ٿو.

پورهيت ڪنڀر پنهنجي ننڊ حرام ڪري صبح سوير هي مٽي گڏي انهي مان ڪک پن ڪڍي صاف ڪري انهي کي ڪٽي سنهو ڪري اهڙي نموني ڳوهي ٿو جيئن ماني پچائڻ لاءِ اٽي کي ڳوهبو آهي. ته جيئن مٽي ۾ ڪٿي به ڪا گنجائش نه رهجي وڃي ڇو ته جيڪر ڪا گنجائش رهجي وئي ته سندس جي محنت برباد ٿيڻ جو خدشو تمام گهڻو هوندو آهي. محنت ڪش پورهيت ڪنڀر جڏهن ٺڪر جا ٿانو ٺاهڻ لاءَ مٽي کي چڪ تي رکي ۽ پيرن سان چڪ هلائيندو آهي ۽ ساڳئي مهل پنهنجي هٿن جي هنر آڱرين سان انهي مٽي مان ٺڪر جا ٿانو به ٺاهيندو ويندو آهي جنهن ۾ دلو، مٽ، پاٽ ،پاٽوڙو، ڪڏهن ڪني۽ اکري، ڪڏهن ڀانڊاري، ڪونناري، ڪونئرو، ٽڀو ۽ ٻيا ٿانو ٺاهيندو رهندوآهي انهن ٿانون کي اسءٌ ۾ سڪائي ٿو اهي ٿانو سڪڻ کان پوءِ هڪ آوي ۾ پچائي ريٽو ڪري ڇڏيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته آوي جي باهه ۾ ڪمي ۽ گهڻائي سبب ڪيترائي ٺاهيل ٿانو ڀڄي به پوندا آهن. پنهنجي هٿن سان ٺاهيل ٿانو جڏهن کيس ٽٽل نظر ايندا آهن ته هو وقتي طور پريشان ٿيندو آهي ٻئي پاسي انهي ڪنڀر جي گهر اندر عورتون انهن ٿانون دلو، مٽ، پاٽ ،پاٽوڙو، ڪڏهن ڪني۽ اکري، ڪڏهن ڀانڊاري، ڪونناري، ڪونئرو، ٽڀو ۽ ٻين ٿانو کي سهڻن رنگن سان چٽي سهڻا ۽ من پسند رنگ چٽينديون آهن. پورهيت عورتن کي مٽي جي ٿانو کي رنگ ڏيندي ڏسي کين بي اختيار داد ڏيڻ کان سواءَ ڪو به انسان رهي نه سگهندو آهي.

رنگ ٿيل محنت سان مٽي مان ٺاهيل ٺڪر جا خوبصورت ٿانو جڏهن پورهيت ڪنڀر وڪري لاءَ مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو ته هن سخت مهانگائي واري دور ۾ کيس پنهنجي محنت جو اجورو نه ملندو آهي جيترو کيس ملڻ گهرجي جنهن سان پنهنجي ڪٽنب جون ضررتون پوريون ڪري سگهي پراڻي دور ۾ پورهيت ڪنڀر جي هنر مند هٿن سان ٺاهيل ٿانو سنڌ جي هر گهر ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا پر اڄوڪي تيز ترقي واري سائنسي دور ۾ انسان گهڻي قدر ٺڪرن جي ٿانون جو استعال ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي اڪثر ڏٺو اهو ويو آهي اسان جي سنڌ سونهاري جي ٻهراڙي جي علائقن جي ڳوٺن ۾ ٺڪر جا ٿانو رڌ پچاءُ ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا هنن جديد دور ۾ شهرن ۾ ٺڪرن جي ٿانون جو استعمال گهٽ ٿي ويو آهي پر سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾سهڻي ٺهيل ٺڪرن جي ٿانون کي سجاوٽ جي طور استعمال عام ڪيو وڃي ٿو پوء به پورهيت ڪنڀر کي مهانگائي جي دور ۾ اڄ به اجورو گهٽ ملي ٿو جنهن سبب اڄ ڪلهه ڪنڀارڪو ڪم گهٽ ٿي ويو آهي ملڪ جي آزادي کان هن وقت تائين هر وقت جي سرڪار سماجي تنظيمن، سُجاڳ ڌرين پڻ هنن جي ڪابه پُٺ ڀرائي نه ڪئي آهي جيڪي پٺ ڀرائي ڪرڻ گهرهي ته جيئن سنڌ جي قديم هن هٿ جي هنر کي هٿي وٺرائي سگھجي ته غريب پورهيتن جي واهر ٿي سگھي جنهن سان پنهنجي ڪٽنب جون ضررتون پوريون ڪري سگهي ۽ پنهنجن سندن گُلن جهڙا معصوم ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي عمل جي روشني سان ملا مال ڪري سگهي جيڪو اڄ تائين سندس هڪ خواب بڻيل آهي جيڪر وقت جي حڪومت هن طرف تڪڙو ڌيان نه ڏنو ته اهو ڏينهن پري نه آهي ته ڪنڀارڪو ڪم هميشہ لاءِ ختم ٿي ويندو يا پاڻ مرادو بند ٿي ويندو ۽ سنڌ جا سمورا ڪنڀر هن ڪم مان هٿ ڪڍي ويندا سنڌ پنهنجي هن هٿ جي هنر کان محروم ٿي ويندي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *