تازيون خبرون

سنڌ جا آبادگار ۽ معاشي ڦرلٽ: ڪامريڊ منان چانڊيو

اسان جي سون ورني ۽ سونهاري سنڌ ڌرتي هڪ زرعي پرڳڻو ۽کيت آھي، جنهن جي رهواسين جي گهڻائي جيڪا يقينن ڪروڙين ۾ هوندي، انهن جي گزر سفر جو دارومدار پوکي راهي تي آھي. اها پڻ حقيقت آهي، ته سنڌ جا ماڻهو هڪڙا جهڙوڪ ننڍا زميندار، آبادگار ۽ ھاري سڌا سنوان زراعت سان تعلق رکن ٿا. ٻيا وري مختلف فصلن جي تيار ٿيڻ کان پوءِ شھرن جي مارڪيٽن، اناج منڊين توڙي سبزي، فروٽ منڊين ۾ اچڻ تي انهن جي خريد فروخت ڪن ٿا. ٽيان وري زرعي مشينري، دوائون، ڪيميائي ڀاڻ ۽ ٻج وڪرو ڪندڙن کان وٺي سيلرن وغيره تائين مزدوري ڪندڙن جو واستو يا پيٽ ڪوٿ به زراعت سان وابستا آھي. هاڻي جيتوڻيڪ جديد زرعي مشنري عام جام هئڻ ڪري هاري ۽ زرعي مزدور جي اهميت گهٽ ٿي وئي آھي، پر پوءِ به افرادي قوت زراعت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي. مثال طور تي سارين جو رونبو، ڪمند جي ڪٽائي ۽ ڇلائي يا وري مختلف ڀاڄين جي پوکائي ۽ انهن کي زمين مان ڪڍڻ يا لڻڻ ۽ فروٽ کي وڻن ۽ ٻوٽن مان لاهڻ جو ڪم به هاري ۽ زرعي مزدور پنهنجي هٿن سان ڪري ٿو. جنهن جو مطلب اهو ٿيو، ته زمين ۾ ٻج پوکڻ ۽ ان اُپائڻ، ڀاڄيون، فروٽ پيدا ڪري، ويندي مختلف مارڪيٽن تائين پهچائڻ ۾ هاري، آبادگار توڙي کيت مزدور جي قليدي اهميت ۽ محنت مزدوري ۾ شامل آھي. هتي ان ڳاله جي پڻ وڏي حيثيت ۽ ضرورت آھي، ته اناج وارا فصل، تيلي ٻج، فروٽ يا وري ڪيش واري پوک ڪمند، ووئنڻ کان سواءِ مختلف دالين جي پوکي ۽ تياري لاءِ زمين جو زرخيز هئڻ ان کي کيڙي سنوت مندائتي پوک پوکڻ سٺو اصل ٻجُ، ڀاڻ، دوائون وقت ۽ ضرورت موجب ڏيڻ يا وري لاباري ۽ ڪٽائي ۾ نه تڪڙ نه دير ڪرڻ. ها! اڃان اهم ڳاله اها به آھي، ته مندائتو ۽ ججهو پاڻي هجڻ.

ڏٺو وڃي ته سنڌ ۽ سنڌين جي حصي جي پاڻي واري مامري ۾ ڪيتريون ئي ويڌنون ورهين کان وٺي ٿينديون پيون اچن. يعني هڪ طرف وفاق جي ڏڍ تي پنجاب قيام پاڪستان کان اڳ مُنڍ تي هئڻ جو ناجائز فائدو وٺي، سنڌو درياءَ تي ڌاڙا هڻڻ لاءِ ڪيترائي ڊئم، ڪئنال ۽ بئراج تعمير ڪرڻ کان سواءِ لفٽ مشينن ذريعي چوري ۽ سينا زوري ڪري سنڌين جي حصي جو پاڻي کڻي پنهنجي ڪلر بنجر ۽ ريگستانن وارين زمينن کي آباد ڪندو پيو اچي. ان ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيڻ ڪري، جتي هزارين لکين ايڪڙ سنڌ جي زرخيز زمين غيرآباد ٿي وئي آھي، اتي وري سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن جي لکين ايڪڙ ڪچي واري زمين سُڪي ٺوٺ ٿي وئي آھي. نتيجتن سنڌ جا ٻيلا ۽ چراگاهه پڻ ختم ٿي ويا آھن. نه صرف اهو پر ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سمنڊ ڏانهن مقرر مقدار پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ سنڌ جي ڏکڻين ضلعن خاص ڪري ٺٽو ۽ بدين جون لکين ايڪڙ زمينون هڪ طرف ڳڙڪائي ويو آھي، ته ٻئي طرف وري دهن جون دهون کاري پاڻي جي سيڪ ۽ لپيٽ ۾ اچي بڙڀانگ ٿي ويون آھن. پنجاب وفاق ۽ ارسا جون سنڌي آبادگارن سان ٿيندڙ ڏاڍايون پنهنجي جاءِ تي گهٽ ۽ نظرانداز ڪرڻ جهڙيون ڪونه آھن، پر وري ٻي مصيبت سنڌ جي آبادگارن هارين سان خود سنڌ جو وڏو ۽ منڍ وارو زميندار آبپاشي جي ڪرپٽ عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ننڍن زميندارن، آبادگارن هارين، خاص ڪري پڇڙي وارن کاتيدارن جي حصي جو پاڻي کڻي رھيا آھن. جن کي ڪا به جهل پل ڪونهي، ۽ نه وري کين خدا ۽ قانون جو ڪو خوف آھي. حالانڪ آبپاشي جي قائدن موجب هر هڪ بئراج ڪئنال ۽ شاخ مان نڪرندڙ واٽر ڪورسن تي جيڪا به زمين هوندي آھي، ان تحت سڀني آبادگارن ۾ برابري جي تناسب سان پاڻيءَ جي ونڊ ورڇ جو هڪ طئي ٿيل فارمولو هوندو آھي، جنهن موجب پڇڙيءَ تائين مناسب مقدار ۾ پاڻي پهچائڻ آبپاشي آفيسرن جو قانوني ۽ اخلاقي ذمو ۽ فرض آھي. پر افسوس سان چوڻو پئي ٿو، ته ڪيترن ئي ڏھاڪن کان خاص ڪري سنڌ ۾ پ. پ جي موجوده اقتداري دور ۾ جيڪو اڳي سو تڳي يا جيڪو ڏاڍو سو گابو، وارو ڪارونهوار هلي رهيو آھي. هتي ستم ظريفي جي ڳالھ اها پڻ آھي، ته هر سال بئراجن، ڪئنالن ۽ شاخن جي کاٽي، صفائي توڻي ريگيوليٽرن جي معرمت ۽ تبديليءَ لاءِ ڪروڙين اربين رپيا مخصوص ڪيا ويندا آھن، جيڪي صرف ۽ صرف ڪاغزن جو پيٽ ڀريندا آھن. باقي سڀ خير خدا جو.

اسان مٿي ڄاڻايل اصل حقيقت جي پٽاڻ انڪري ڪئي آھي، ته جيئن پڙهندڙن کي اهو پتو پئي، ته سنڌ جا آبادگار ڪهڙين ڪٺن مشڪلاتن کي منهن ڏيندا پيا اچن، ۽ جڏھن انهن جا فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۽ منڊين ۾ پهچن ٿا، ته پوءِ اتي وري واپاري ڪهڙي ريت ٻنهي هٿن سان کين لُٽين ٿا. هتي نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالھ اها به آھي ته، اڄ کان ٻه ٽي ڏهاڪا اڳ آبادگار پنهنجي زمينن ۾ ديسي ٻج پوکيندا هئا، ۽ اهي ٻج اڪثر ڪري گذريل فصل واري مند ۾ صاف سٿرا ڪري سانڍي رکندا هئا. جنهن ڪري هنن کي هڪ ته اڄ وارا ڳاٽي ٽوڙ اگهن، ٻج وٺڻان ڪونه پوندا هئا. ٻيو ته هنن کي نقلي ٻج پلئي ڪونه پوندا هئا. ان کان سواءِ ڪيميائي ڀاڻ جو رواج به گهٽ ھيو. اهڙي ريت ڏاندن ذريعي هر ڦار ٿيندو ھيو فصل لابارو ۽ ڳاهه پڻ ھاري پاڻ يا وري هڪ ٻئي سان وريءَ تي ڪندا هئا. چوڻ جو مطلب ته اهو اجايو خرچ نقلي ۽ مهانگو ٻج، ڀاڻ ۽ دوائن واري جنجهٽ کان آبادگار بچيل هئا. تنهن ڪري ٿوري اپت هوندي به هنن جا مالي مامرا آسانيءَ سان هلي ويندا هئا.

پاڻ ڳالھ پئي ڪئي سين آبادگارن سان تيار ٿيل فصل جا مناسب اگھ نه ملڻ جي، ته هن وقت سنڌ ۾ سارين جو فصل تيار ٿي اناج منڊين يا شھر جي ننڍن واپارين وٽ پهچي رهيو آھي. جيڪي حضرات پنهنجي مرضيءَ موجب ان جو اگھ ڏين ٿا. جيڪو ڇھن سون کان اٺن سون تائين به مشڪل آھي. هڪ ته اگھ تمام گهٽ آھي، ٻيو ته في مڻ تي ڪلو ڪٽ پڻ ڪئي وڃي ٿي، جيڪا آبادگارن سان سراسر ناانصافي آھي. حقيقيت ۾ ٿيڻ ايئن کپي، ته سنڌ سرڪار، آبادگارن کان سڌو سئون ساريون خريد ڪري جنهن جو اگھ گھٽ ۾گھٽ ھزار کان ٻارنهن سون تائين هئڻ گهرجي، يا ته وري ڪارخانيدارن کي پابند ڪيو وڃي، ته اهي اگھ آبادگارن کي ڏنا وڃن. اهو تڏھن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏھن وفاقي توڙي صوبائي سرڪار ڪارخانيدارن کان چانور خريد ڪري ياوري وڏن بروڪرن کي سهولتون فراهم ڪري ۽ انهن جي ھمٿ افزائي ڪري، ته جيئن بين الاقوامي منڍين ۾ پاڪستان جا چانور پهچي سگهن. هتي وري ويل اهو به آھي، ته اسان وٽ جيڪي سارين صاف ڪرڻ جا ڪارخانا آھن، انهن جي هڪ ته ڪوالٽي بهتر ڪونهي، ٻيو ته چانورن ۾ ملاوٽ ڪئي وڃي ٿي، جنهن ڪري بيروني منڍين ۾ اسان جي چانورن جو ڪو پڇي ئي ڪونه ٿو. بحرهال، ننڍي واپاري کان ويندي ڪارخانيدار ۽ ايسڪپورٽن تائين هر هڪ پنهنجو پنهنجو نفعو حاصل ڪري ٿو، باقي گهاٽي ۾ صرف آبادگار آھي. خير هيءُ ته صورتحال هئي سارين جي اگھ جي، پر ان کان سواءِ ڪمند جي آبادگارن سان پڻ سنڌ حڪومت جي ٽيڪ تي شگرمل مالڪان، جن جي گهڻائي وري وڏي رئيس جي پارٽنرن جي آھي. اهي به قيس ڪلور ڪرڻ ۾ گهٽ ڪانه ٿا ڪن. جنهن جو مثال هڪ اهو آھي، ته پندرنهن آڪٽوبر کان سنڌ جي سڀني شگر ملز کي چمنيون ٻارڻيون هيون، ۽ هلندڙ مهيني جي آخر تائين آبادگارن کان ڪمند خريد ڪرڻ لازمي آهي، پر اڃا تائين ڪنهن به مل چمني ڪانه ٻاري آھي. انڪري ڪمند دير سان خريد ڪرڻ، جتي ڪمند واري زمين ڪڻڪ جي فصل لاءِ تيار ٿيڻ ۾ دير ٿيندي، اتي وري ڪمند جي رسُ ۽ طاقت گهٽ جي ويندي، جنهنجو نقصان پڻ آبادگار کي پوندو. ٻئي ڳالھ ته ڪمند جو اگھ جيڪو ڪمند جي پوکائي سار سنڀار ۽ ڪٽائيءَ جي حساب سان اڍائي سو هئڻ گهرجي. اهو گذريل چئن سالن کا وٺي 160 کان 180 تائين مس آبادگارن کي ڏنو وڃي ٿو، ۽ ان پئسن جي ادائگي به سالن کان پوءِ قسطن طور آبادگارن کي ڏني وڃي ٿي. سنڌ جي ڪمند جي آبادگارن کان وڌيڪ اگھ پنجاب جي آبادگارن کي ڏنو پيو وڃي. جيتوڻيڪ پنجاب جي ڪمند کان وڌيڪ ميٺاڄڙ ۽ رسُ سنڌ جي ڪمند ۾ وڌيڪ آھي. انڪري ان مان کنڊ وڌيڪ ٺھي ٿي. پر پوءِ به سنڌ جي آبادگارن سان ايڏي ويڌن ڇو؟ اسان آخر ۾ سنڌ سرڪار جي والي وارثن ۽ رئيس وڏي کي گذارش ڪريون ٿا ته خدارا پنهنجي ذاتي ۽ مالي مفادن جي حاصلات واري انڌي لالچ ۾ اچي سنڌ جي ڪروڙين آبادگارن جو معاشي قتل بند ڪري کين فصلن جا مناسب اگھ ڏنا وڃن، ته جئين هو فصل تي ڪيل ڳرا خرچ واپس ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجو گهر به ھلائي سگهن.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *