تازيون خبرون

سنڌ- بلوچستان جون دانهون ۽ وفاق جي ڪن لاٽار!؛جاويد ابڙو

دنيا جو ڪو به خطو يا ملڪ ايستائين ترقيءَ جي منزل نٿو ماڻي سگهي، جيستائين اتي انصاف عام ۽ سستو  نه هجي ۽ حڪمران پنهنجي عوام سان مخلص، سچا ۽ هڏڏوکي نه هجن، جن حڪمرانن ۾ عوام جي اهنجن کي حل ڪرڻ جي تميز، حڪمت عملي ۽ طريقيڪار نه هجي، سي اتي جي معاشري کي ڪڏهن به ترقيءَ ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن نٿا ڪري سگهن ۽ نه وري اهي خلق خدا کي منصف معاشرو فراهم ڪري سگهن ٿا. جنهن معاشري ۾ انصاف، تعليم ۽ صحت سميت ٻين سهولتن جي اڻهوند ۽ محرومي هجي، انهيءَ معاشري کي تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ٻيو ڪجهه حاصل نٿو ٿي سگهي، ڏاها حڪمران اهي ئي سڏي سگهجن ٿا، جيڪي اقتدار تي هوندي به اختيارن کي حد اندر ۽ گهرج آهر استعمال ڪن، جيڪي اقتدار ڌڻي انا، هٺ، وڏائي ۽ اقتدار جي نشي ۾ مست ٿيڻ بجاءِ هوش حواس ۽ عوام جي ڀلي ۽ بري کي نظر ۾ رکندي قومي سطح تي فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، اهي حڪمران هميشه پنهنجي قومن ۾ زنده رهن ٿا ۽ سندن وجود به باقي رهي ٿو، پر جيڪر ڪو حڪمران ان جي ابتڙ عوام جي مرضي ۽ خواهشن جي تضاد ۾ فيصلا مڙهي ٿو، پوءِ چاهي انساني بنيادي حق هجن، امن امان جو مسئلو هجي ، زنده رهڻ لاءِ ٻن ويلن جي ماني ڳڀي جو معاملو هجي مستقبل ۾ مختلف شعبن ۾ خرچن جي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ سالياني بجيٽ هجي، انهن سڀني مامرن ۾ عوام کي  ملندڙ رليف کسڻ يا ان جي سکن، سڪون ۽ معاشي ضرورتن خلاف ڪي فيصلا ڪيا وڃن ته معاشري ۾ اهڙي قسم جا آرڊر پاس ڪندڙ حڪمران پنهنجي ساک وڃائي ويهن ٿا.

تاريخ جا ورق ورائينداسين ته اسان کي ٻنهي قسمن جا حاڪم ملندا، ايماندار، مخلص، ارادن جا پڪا عوام دوست، ان سان گڏوگڏ تاريخ جا ڪتاب انهن ظالم حڪمرانن ۽ بادشاهن سان به پُر لڳا پيا آهن، جن پنهنجي ايمان ۽ ضمير جا سودا ڪيا، ملڪي سرزمين سان غداري ڪئي، معصوم عوام جو خون وهايو ۽ پنهنجي هٿن سان ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪُٺو ۽ خون وهايو، ماضيءَ جا ڪيترائي بادشاهه ٿي گذريا آهن، جن اقتدار جي نشي ۾ عوام کي ظلم جي چڪين ۾ پيسو ۽ پنهنجا فيصلا اڪيلي سر من مستيءَ سان مڙهيا ۽ پوءِ انهن جو انجام به اهڙو ئي ٿيو، جيڪو انهن اقتدار تي ويٺي ڪڏهن سوچيو ۽ تصور به نه ڪيو هوندو. ڪيترائي حڪمران عبرت حاصل ڪرڻ خاطر تاريخ ۾ زنده آهن، جيڪي انسانيت کي لڄائيندڙ بدنما داغ آهن، پر نيڪ ۽ خوف خدا رکندڙ عادل حڪمرانن جي دورن کي اڄ به روشن باب جيان ياد ڪيو وڃي ٿو. ماضيءَ جي حڪمرانن جا ظالماڻا واقعا اڄو ڪي زماني ۾ به ڪٿي نه ڪٿي ۽ ڪنهن ڪنڊ پاسي کان ملن ٿا، پر اسين رڳو هٿي پاڪستان جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ماضيءَ ۾ توڙي هينئر به عوام خاص ڪري غريب طبقو انصاف لاءِ ڀٽڪندي نظر اچي ٿو، يعني جيترو ننڍو ماڻهو، اوترو ان لاءِ وڏيون مشڪلاتون! جيترو وڏو ماڻهو، اوترو ان لاءِ آسائشون!

هن ملڪ پاڪستان ۾ امن امان سميت عوام جا ٻيا ته اڻ ڳڻيا مسئلا آهن، پر اسان رڳو نئين مالي سال جي بجيٽ جي ڳالهه ڪريون ته حڪمرانن جي فيصلن تي عوام بيوس، لاچار ۽ غمگين نظر اچي ٿو، هر ايندڙ حڪومت عوام کي ته ڪيترائي نوان خواب ڏيکاري اعلان ته ڪري ٿي، پر سندن آهه ۽ دانهن ٻڌڻ وارو ڪير ناهي، ملڪي آبادي جي 70 سيڪڙو کان به وڌيڪ غريبن جي ووٽن تي ايوانن تائين پهچي محلن ۾ پلجندڙ حڪمران ۽ چونڊيل نمائندا پنهنجي آسائشن ۽ مراعتن لاءِ ته ڏينهن رات جاکوڙيندي نظر اچن ٿا، پر کين اهو غريب طبقو ياد نٿو اچي، جنهن جي زور تي هو اقتدار جي منزل ماڻي فيصلا ڪرڻ جي قابل بڻجن ٿا.

گذريل 5 جون تي تقريبن 4200 ارب رپين کان به وڌيڪ ماليت جي وفاقي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، بجيٽ تقرير ۾ جيڪي اعلان ڪيا ويا، تن ۾ وفاقي حڪومت عوام جي ڀلائين ۽ رليف ڏيڻ لاءِ ڪي خاطر جوڳا قدم کڻندي نظر نه آئي آهي ۽ عوام کي خاص ڪري غريب طبقي کي مايوسي کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه مليو آهي. ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار جي دعويٰ آهي ته سندن پيش ڪيل بجيٽ غريب دوست آهي، پر مخالف ڌر ان بجيٽ کي عوام ۽ غريب دشمن قرار ڏئي رهي آهي، مطلب ته بجيٽ جي معاملي تي حڪومت مخالف ڌر کي اعتماد ۾ وٺڻ تي به ناڪام نظر اچي رهي آهي، وفاق خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن جا بجيٽ سميت ٻين معاملن تي خدشا ختم نه ڪري سگهي آهي، تازو بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جو اهم بيان پڙهڻ وٽان آهي، جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته اسان لک ڀيرا رڙيون ڪريون پر ان تي وفاق جو ڪو جواب نٿو ملي، پر ڳالهه رڳو لاهور وارن جي ٻڌي وڃي ٿي، جيڪڏهن مال روڊ تي هڪ ڪلاڪ جو ڌرڻو لڳي ته سڄي ملڪ ۾ هنگامو ۽ گوڙ شروع ٿي ويندو آهي. هن اهو به چيو ته ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگھي ته اسين لک ڀيرا رڙيون ڪريون پر لاهور جي هڪ رڙ سڄو ملڪ ٻڌي ٿو.ڏٺو وڃي ته آمريت جي ته ٻي ڳالهه آهي، پر موجوده حڪومت ته جمهوريت جي دعويدار آهي، پوءِ ڇا اها دعويٰ رڳو دعويٰ تائين ئي محدود آهي يا ان کي عملي جامو به پهرايل آهي؟ جيڪڏهن واقعي بلوچستان ۽ سنڌ جي دانهن ۽ ڪوڪ نٿي ٻڌي وڃي ۽ لاهور وارا ئي ٻڌڻ جوڳا آهن ته اهو انتهائي سنجيدگي جو معاملو آهي، ڇو ته سنڌ ۽ بلوچستان، ملڪ جا اهي ٻه ننڍا صوبا آهن، جن سان هميشه کان زيادتيون ۽ ناانصافيون ٿينديون رهيون آهن، هن وقت ملڪ کي اڃا به جمهوريت جي وڌيڪ ضرورت آهي، ڇو ته جنهن حڪومت ۾ ننڍن صوبن جون دانهون ۽ ڪوڪون نه ٻڌيون وڃن ته اها جمهوريت نه چئبي، ها، نام نهاد جمهوريت هجي ته ٻي ڳالهه آهي، ڇو ته اڳ آمريت ۾ سياسي ڪارڪنن جي ڪا به جڳهه نه هئي ۽ موجوده جمهوري دور ۾ به ننڍن صوبن کي سندن حقن لاءِ ڳالهائڻ جو رستو ۽ جوابي موٽ نه ملي ته انهيءَ جمهوري حڪومت ۾ يقينن ڪي خاميون هونديون، جيڪي اڄ نظر اچن پيون، ان ڪري بهتر آهي ته ان کان اڳ جو ماضيءَ وانگر جمهوريت ۾ ننڍن صوبن جي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪرڻ جو سلسلو هڪ رواج پئجي وڃي، اهڙي قسم جون خاميون هاڻ ختم ٿيڻ گهرجن.

اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور جي ڳالهه ڪجي ته ملڪ ۾ ڪنهن ڪنهن سان ظلم نه ٿيو؟ جمهوريت جي حامين سياستدانن کي قيد ڪيو ويو، ان وقت جي حڪومت پاران سيڪيورٽي نه ملڻ ڪري پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن، اڳوڻي وزيراعظم ۽ عالمي سطح جي ليڊر محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، وڪيلن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ميڊيا هائوس تي حملو ٿيو، صحافين کي به جيل ڏيکاريا ويا ۽ ميڊيا جي آزادي تي پابندي مڙهي وئي، بلوچستان جي نوجوانن باغي بڻجي پهاڙن جو رُخ ڪيو، جيڪي اڄ به انهيءَ ظلم ۽ زيادتين تي ڪاوڙيل آهن، پر وفاق ۾ موجوده نوازليگ ۽ پ پ جي اڳين حڪومت رڳو بلوچن جي زخمن تي مرهم رکڻ جون ڳالهيون ڪندي نظر آيون، بلوچستان هونئن ته ايراضي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو آهي، پر آبادي جي بنياد تي ننڍي صوبي طور حيثيت رکي ٿو، معدني وسيلن جي ڳالهه ڪريون ته بلوچستان ان معاملي ۾ ملڪ جو اهم صوبو آهي، پر حقن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته انهيءَ صوبي کي سڀ کان پٺتي رکيو ويو آهي، اهڙي قسم جو ورتاءَ بلوچستان جي عوام سان ظلم ۽ ناانصافي آهي، موجوده وقت جي تقاضا آهي ته بلوچ عوام کي به جيئڻ ۽ بنيادي سهولتن سان گڏ زندگي گهارڻ جو حق ملڻ گهرجي.

بلوچستان جي وزيراعليٰ عبدالمالڪ بلوچ جون ڳالهيون به حقيقي معنيٰ رکن ٿيون ته بلوچستان ۾ بدامني ۽ غربت وڏا مسئلا آهن. ٻنهي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ گهرجن، ڇو ته صوبي ۾ غربت ۽ بدامني جا مسئلا حل ڪيا ويندا ته حالتون به ٺيڪ ٿي وينديون، رٺل به پنهنجي ماڳن تي موٽي ايندا.

اسين سنڌ صوبي جي ڳالهه ڪريون ته اين ايف سي ايوارڊ هجي، وفاق جي انتظامن هيٺ صوبائي منصوبا هجن يا ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن هجي، وفاق ڪيترائي ڀيرا سنڌ کي فنڊ ڏيڻ جا واعدا ڪري چڪو آهي، پر اهي واعدا وفا نه ٿيا ۽ سنڌ حڪومت پنهنجي حقن لاءِ اڄ به رڙيون ۽ دانهون ڪندي نظر اچي ٿي، پر وفاق جي ڪن لاٽار بلوچستان وانگر سنڌ جي عوام کي به مايوس ڪيو آهي، اڄ به سنڌ سرڪار جون اهي ئي دانهون آهن ته وفاقي بجيٽ ۾ صوبي سان ناانصافي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب صوبائي حڪومت فنڊن ۾ ڪٽوتي خلاف عدالت وڃڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي، هن ڀيري وفاقي ترقياتي منصوبن ۾ سنڌ لاءِ رڳو 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته گذريل ڀيري انهيءَ مد ۾ 22 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا، نئين مالي سال ۾ سنڌ کي ايڏي وڏي رقم کان محروم رکڻ سان ڇا صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي متاثر نه ٿيندي؟ وفاق جي اهڙي رويي خلاف ڪيترائي دفعا سنڌ احتجاج ڪيو آهي، پر سندس هڪ به نه ٻڌي وئي آهي، حق گهرڻ جي معاملي ۾ اسان جو پنهنجو به ڏوهه آهي، ڇو ته پيپلزپارٽي مفاهمت جو جيڪو انداز اختيار ڪري رکيو آهي، ان سان ڪير به سنڌ صوبي کي پنهنجي وسيلن جا حق نٿو ڏئي سگهي، زباني احتجاجن ۽ وڏي عرصي کان هلندڙ بيانبازي سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، ان جو مثال ڪي پي ڪي حڪومت جي احتجاج مان ملي ٿو، ڪجهه ڏهاڙا اڳ پي ٽي آءِ قيادت پشاور کان اسلام آباد پهتي ته نوازليگ حڪومت جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو ۽ پارليامينٽ آڏو ڪي پي ڪي حڪومت جي احتجاج سبب وفاق کي فوري طور تي سندن مطالبا مڃڻا پيا. سنڌ جي موجوده حڪمران جماعت پيپلزپارٽي کي گهرجي ته وفاق کان حق ماڻڻ لاءِ احتجاج توڙي قانون جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، پرامن احتجاج ڪرڻ ته سڀي جو حق آهي، ان ڪري حق حاصل ڪرڻ لاءِ رڳو بيانبازي جو سهارو نه وٺڻ گهرجي، ان تي عمل ڪرڻ به لازمي جز سمجهڻ گهرجي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *