تازيون خبرون

سنڌي نياڻي جي سڏ تي گڏٿيل سنڌ: ڪامريڊ منان چانڊيو

پنج مهينا اڳ ميهڙ ۾ قتل ٿيل ٽن گهر ڀاتين جي مک جوابدار جي گرفتاري ۽ قتل ڪيس مان چانڊين جي نواب ڀائرن جا نالا خارج ڪرڻ خلاف ٽي جون تي ميهڙ باءِ پاس وٽ هزارين ماڻھن ڇهن ڪلاڪن تائين تاريخي ڌرڻو هنيو. هونئن ته چانڊيا تمندار ڪائونسل جي چيئرمين رئيس مختيار چانڊيو، سندس پيءُ يوسي ٻليدائي جي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ ضلعا ڪائونسل جي ميمبر قابل چانڊيو، جن جو سياسي تعلق پ پ سان هيو، انهن جي بيگناهه قتل جي ڀيانڪ واقعي خلاف پهرئين ئي ڏينهن کان وٺي سندن وارثن تمندار ڪائونسل سان لاڳاپيل چانڊيا قبيلي جي مختلف برادريون، مختلف پاڙن جا ماڻھون، شھر واسي، سياسي ۽ سماجي ڌريون گڏجي ڀرپور اهڙو آواز اُٿاريندا پيا اچن، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن ريت ۽ صورت ۾ جاري رهندو پيو اچي. پر ان سموري احتجاجي تحريڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي اهڙا موڙ يا اُڀار آيا جنهن ڪري ان جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي. مثال طور تي، سنڌ جي سول سوسائٽي، اديبن، شاعرن ۽ قلمڪارن گڏجي ميهڙ سانحي خلاف ميهڙ شھر ۾ هڪ زبردست ۽ منظم نموني ريلي ڪڍي. قاتلن ۽ انهن جي پشت پناهي ڪندڙن توڙي سهولتڪارن کي، قانوني ٽوڙهو ڳچيءَ ۾ وجهڻ جي گُهر ڪندي، نه صرف شھيدن جي وارثن سان دلي همدردي ظاهر ڪئي، پر آئينده به ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو. سنڌ جي ساڃاهه وندن جي اهڙي بهتر عمل کان پوءِ اها تحريڪ ويتر سگهاري ٿي اسلام آباد تائين وڃي پهتي. جتي مهراڻ ڪائونسل جي پليٽ فارم تان سنڌي شاگردن به تاريخي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان کان پوءِ وري مقتولن جي ويجهن عزيزن جن ۾ عورتون به شامل هيون، اسلام آباد ۾ ڪيترين ئي هفتن تائين نه صرف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي بک هڙتال ڪئي، پر ايم اين ايز ۽ سينيٽرز جا دڳ ۽ پيچرا پڇائيندا انهن تائين پهتا. ان کان سواءِ حڪمرانن جي شھر سان تعلق رکندڙ مڙن ئي معتبر ادارن ۽ فردن آڏو آجزي ۽ انڪساري ڪندا رهيا، مگر افسوس ته سنڌ جي عورتن توڙي مسڪين مردن جي آنھن ۽ داهن جو ڪنهن تي به تر جيترو اثر ڪونه پيو. ان دردناڪ وارتا کان پوءِ شھيد مختيار جي نوجوان نياڻي پنهنجي شھيدن جي بيگناهه وهايل ريٽي رت سان انصاف ٿيڻ جي اميد رکي ۽ ڪراچيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي رجسٽري ۾ چيف جسٽس جناب عزت مآب ثاقب نثار جي آمد دوران سندس گاڏين واري پروٽوڪول جي ڊگهي ڪافلي جي اڳيان وچان ۽ پويان ساهه جو سانگو لاهي ڊوڙندي رهي، پر سنڌياڻيءَ جي ان دردمندي دانهن تي جناب چيف جسٽس صاحب کي ڪوبه ڪهڪاءُ ڪونه پيو. جيتوڻيڪ اهو ساڳو ئي صاحب اسلام آباد جي لارجر بئينچ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اچي رهيو هيو ته، ملڪ جي بالادست صوبي سان واسطو رکندڙ زورآور قوم جي هڪ فرد جي دانهن ورنائڻ لاءِ سموري پروٽوڪول جي پرواهه نه ڪندي، ان جي دادرسي ڪرڻ جو يقين ڏياريو. هتي ستم ظريفي جي ڳالھ اها پڻ آھي ته، جڏھن ام رباب چانڊيو سپريم ڪورٽ ڪراچيءَ جي رجسٽري اڳيان وس وارن تائين پنهنجو آواز پهچائڻ لاءِ جاکوڙيندي رهي، ان وقت ئي گورنور هائوس جي ديوارن تي نصيرآباد جي گم ڪيل هدايت الله لوهار جون نياڻيون، سسئي ۽ سورٺ کان سواءِ باقراڻي جي کنڀي گم ڪيل خادم حسين آريجو جون ڌيئرون تنوير ۽ نيلم آريجو، پنهنجن پنهنجن والدن ۽ ٻين سوين جبري گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ پوسٽر چنبڙائينديون رهيون.

خير پاڻ ڳالھ پيا ڪيون ام رباب چانڊيو جي درد ڪٿا جي ته، ڪراچيءَ ۾ جڏھن هو ملڪ جي اعليٰ عدالت اڳيان ٻاڏائيندي رهي، ته پوءِ ان جون ٻاڪارون يا پڪارون نوشيروان وانگر عدالت ڪندڙن جي ڪنن تائين ته ڪونه پهتيون، پر سنڌ جي انهن باشعور، باڪردار، باضمير ۽ ساڃاهه وندن جي سماعتن تائين پهچي، سندن ذھنن کي جنجهوڙي ڇڏيو. بس پوءِ ڪشمور کان ڪيٽي بندر ۽ ڪارونجهر کان ڪاڇي تائين سنڌي نياڻي سان همدرديءَ لاءِ اڻکٽندڙ آواز للڪارون بنجي قاتل قوتن خلاف ڄڻ ته رڪ جي ديوار بنجي ويو. اهڙي سنڌي ماڻھن جي مثبت موٽ کان پوءِ ام رباب چانڊيو ۾ وڌيڪ خوداعتمادي ۽ ڀروسي واري قوت پيدا ٿي، ۽ کيس اهو يقين ٿيو ته، هوءَ هاڻي اڪيلي نه رهي آھي ۽ ساڻس سنڌ گڏ آهي. سنڌي ساڃاهه وندن اهڙي قومي عوامي جذبي کان پوءِ سنڌي نياڻي پنهنجي قتل ٿيل گهرڀاتين جي قاتلن جي گرفتاري ۽ نواب ڀائرن جا قتل ڪيس ۾ نالا ٻيهر شامل ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي مختلف سياسي، سماجي، ادبي، مذھبي پارٽين ۽ ڌرين کي دردمندانا اپيل ڪندي ٽي جون واري ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ جي آس ۽ اميد رکي. اسان جي سمجھ ۾ ڏکايل نياڻيءَ جي ڏک ۾ ڀائيوار ٿيڻ توڙي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ سنڌي نياڻي جي سڏ کي ورنائيندي، ڊاڪٽر قادر مگسيءَ کان علامه مقصود ڊومڪي تائين، عنايت عمراڻي کان نياز ڪالاڻيءَ تائين، شوڪت تنيو کان امير آزاد پنهور تائين، ادي فيروزا لاشاريءَ کان پنهل ساريو تائين، چوڻ جو مطلب ته هڪ ٻن سياسي پارٽين کي ڇڏي ڪري سنڌ جي سياسي شعور علمي ادبي سرت ساڃاهه، چانڊيا تمندار ڪائونسل سان لاڳاپيل معززين عام ماڻھن کان سواءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان هزارين ماڻھو جن جو مختلف مڪتب فڪر سان لاڳاپو هيو، اهي سڀ جا سڀ پنهنجن پنهنجن سياسي، ادبي، ذاتي ۽ مذھبي مفادن کان بالاتر ٿي ام رباب چانڊيو جي حق ۽ انصاف لاءِ اُٿاريل آواز کي سگهارو بنائڻ لاءِ ڄڻ ته پنهنجي فرض ۽ حصي جي ادائگي لاءِ 50 سينيٽي گريڊ واري شديد گرمي هوندي به ڌرڻي ۾ شامل ٿي ڀوتارڪي ڀرندڙ ڀت ۾ آخري ڪوڪو ٺوڪي ڇڏيو.

هتي اهو به ٻڌائيندا هلون ته، اسين جڏھن ٻين دوستن سان گڏجي ڌرڻي واري هنڌ پهتاسين ته، روڊ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين شاميانا نظر آيا، انهن شاميانن هيٺيان هزارين ماڻھو گلمن ۽ تالپترين تي ويٺل نظر آيا. ان کان سواءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽن طرفن کان ڪيترين ئي ڊمن ۾ پيئڻ لاءِ ٿڌي پاڻيءَ جو بندوبست پڻ ٿيل هيو. سڀني پاڻي واري ڊمن تي نوجوان ڀيٺل هئا، جيڪي ڌرڻي ۾ شامل ماڻھن کي پاڻي پيئاري رهيا هئا. چوڻ جو مطلب ته ڌرڻي کي ڪامياب بنائڻ ۽ ڌرڻي ۾ شامل ماڻھن جي سهولت لاءِ به جوڳا بندوبست ٿيل هئا. البته هڪ ڳالھ ڌرڻي مناسبت جي اُبتڙ نظر آئي ۽ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته، اسان جا هڪڙا اهي دوست جيڪي پاڻ مهان قومپرست سڏائيندا آھن. انهن پنهنجي تقريرن يا نعري بازي ۾ ڌرڻي جي اصل مقصدن کان هٽي ڪري، اهڙيون ڳالهيون ڪيون، جن مان ايئن پيو معلوم ٿئي ته، اهي ھمراهه درحقيقت ڪا ٻئي ايجنڊا کڻي آيا هئا. اسين آخر ۾ سنڌ جي هر ساڃاهه وند کي، ام رباب چانڊيو ۽ کنڀي کڻي گم ڪيلن جي وارثن سان همدردي رکندڙن لاءِ عرض ڪنداسين ته، اهي ڌرڻن يا احتجاجي ميڙاڪن ۾ شامل ٿي اهي ئي ڳالهيون ۽ مطالبا يا تقريرون ڪن جيڪي اصل مقصد جي حاصلات واريون هجن، نه ڪي تضاد ۽ انتشار پکيڙڻ واريون. ٻئي ڳالھ ته ڌرڻي واري جاءِ تي ايس ايس پي دادو پهچي ام رباب چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ تمندار ڪائونسل جي چيئرمين صدا چانڊيو کي يقين ڏياريو ته، ٻن ھفتن اندر اوهان جا جائز مطالبا پورا ڪيا ويندا. اهڙي خاطري کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ٻن هفتن اندر مقتولن جي خون سان انصاف ٿيندو يا نه، پر هن ڌرڻي کان پوءِ وري هڪ ڀيرو مظلوم نياڻيءَ سان سنڌ ۽ سنڌين گڏ ٿي هڪ مثبت عمل ڪيو آھي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *