تازيون خبرون

سنڌي اديبن ۾ نمبر جي ڊوڙ ڪٿي دنگ ڪندي؟ : سرواڻ سنڌي

سنڌي اهو واحد سماج آهي جتي هر شيءَ ۾ اسان ڪو نئون تجربو ڪندا آهيون ۽ ان حوالي سان غور به نه ڪندا آهيون ته ان جو اسان جي معاشري تي، ثقافت تي ۽ اسان جي سڃاڻپ سميت ادبي کيتر تي ڪهڙو اثر پوندو؟ جڏهن سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر هو ته سڀڪو پرو چانڊيو ٿيڻ جي چڪر ۾ رڍ ۽ ٻڪري جو چور به گهران نڪري بندوق کڻي ٻيلي ۾ لهندو ويو ۽ پوءِ گهڻا ته پرو نه ٿي سگهيا پر پنهنجي زندگين تان هٿ کڻي ويٺا ۽ پوءِ وري جو وارو آيو فنڪاري جو ته گهڻن وري جلال چانڊيو ٿيڻ جي چڪر ۾ يڪتارو ۽ چپڙي کڻي واڄٽ وڄائڻ شروع ڪيا، پوءِ ڀلي ڪنهن وٽ سُر ۽ تال نه هو پر ڪلام جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ سڀني ڏٺو ته جلال جي ڪاپي ڪندي ڪيترن ئي عورتن به يڪتاري ۽ چپڙي تي ڳائڻ شروع ڪيو. روبينه حيدري ۽ تاج مستاني ان جو واضح مثال آهن. جڏهن ته روبينه حيدري ته سنڌي ٽوپي به پائيندي هئي.

صحافت جي ڊوڙ ۾ به ڪيترن ئي هڪٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي پر اصل ڀينگ ته ادب ۾ شروع ٿي جڏهن کان ادب ۾ نمبر ون ۽ ٽو جو مقابلو شروع ٿي ويو. اياز، تنوير، استاد بخاري، ابراهيم منشي، تاجل بيوس، جمال ابڙو ۽ ٻين جي دور ۾ ڀٽائي ثاني ۽ سچل ثاني ٿيڻ جو رواج هو، ڇو ته ان وقت اڃان سوشل ميڊيا نه هئي، جو اهي ويچارا ان جو استعمال ڪن ها ۽ نمبر ون ۽ ٽو جي ڊوڙ شروع ٿئي ها. پر اهو وقت اڃان به ڪجهه بهتر هو، ڇو ته ان وقت جا اديب ڄاڻو هئا ۽ يقينن هڪٻئي جي مقابلي جي سگهه هئن پر هاڻي اهو دور نه آهي، هاڻي ته نه ڀٽائي رهيو آهي نه سچل ۽ نه ئي وري اياز جو ڪٿي ڪو اولڙو آهي، پر هاڻي سوشل ميڊيا جو دور آهي ۽ سڀڪو ٻه سٽون لکي فيس بڪ تي رکي ون ۽ ٽو نمبر جي چڪر ۾ لڳو پيو آهي.

اسان وٽ ڪنهن کي ٽيڪر ڏيڻ جي لاءِ فرمائشي ڪتاب سهيڙي جنهن کي نمبر ون قرار ڏيڻو آهي، ان کي سڀ کان مٿڀرو رکي سڀڪو پاڻ وڻائڻ ۾ پورو آهي ۽ تازو ئي اهڙو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو جيڪو سنڌ جي چونڊ سنڌي شاعرائن بابت هو، جنهن ۾ آپا مريم مجيدي پڻ آهي پر ان کي ته ٽاپ ٽين ۾ به جاءِ نه ملي سگهي ۽ ويچاري بس مڙئي شاعره هجڻ جي ناطي ڪتاب ۾ جاءِ والاري سگهي ۽ ان ڪلاسيفڪيشن تي ڪتاب سهيڙيندڙ کي وري وري سلام ڪرڻ تي دل چوي ٿي.

نامياري شاعرائن جي چونڊ ۾ سڀ کان مٿي روبينه ابڙو کي رکيو ويو آهي. هوءَ سوشل ميڊيا تي اڄڪلهه واقعي ئي سڀ کان وڏي شاعره آهي جنهن جي هر تخليق تي توهان کي صرف ”تمام بهترين غزل آهي“ ”ڇا ته تخليق آهي“، ”توهان واقع ئي سنڌ جي وڏي شاعره آهيو“ جا درٻاري جملا وڏي مقدار ۾ ملندا، باقي هڪ به تنقيدي جملو توهان کي نه ملندو، تازو ئي محترمه فني طور تي ڪمزور غزل

جيئن لاباري کانپوءِ هي کيت ٿٻيون آهن

تيئن ساروڻيون مون وٽ ڪلهه رات پڳيون آهن

فيس بڪ تي شيئر ڪيو ۽ ساراهه ڪرڻ جي ڊوڙ لڳي وئي. ڪنهن به غزل جي بيهڪ ۽ ان جي فني پختگي کي جاچڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي ۽ جڏهن مون ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته محترمه جواب ڏنو ته شاعر هميشه جهونگاري لکندو آهي ۽ مون به جهونگاري لکيو آهي، ان جي لاءِ مفعولن ۽ فعلن واري وزن جي غزل ۾ ڪٿي ڪٿي فعلن اچي ويو آهي باقي توهان کي جذباتي ٿيڻ نه گهرجي. جنهن تي مون جواب ڏنو ته جهونگاربي هميشه ڪا لکيل شيءَ آهي ۽ وڏو شاعر جهونگاري لکي اها ته حيرت جوڳي ڳالهه آهي ۽ جهونگاري انڊين ڪلامن جي طرز تي ڪيسٽي شاعر لکندا آهن ته جيئن تڪ تڪ سان ملي اچي باقي وڏو شاعر ڪڏهن به جهونگاري ناهي لکندو. جنهن تي محترمه اهي سڀ ڪمينٽس خير سان ڊليٽ ڪري ڇڏيا ۽ صرف واهه واهه وارا ڪمينٽس موجود هئا ۽ پوءِ ڪجهه وقت پڄاڻان آخرڪار پورو غزل ئي فيس بڪ وال تان گم ڪري ڇڏيو. جيڪا شاعره ڪنهن ڪلام کي جهونگاري ۽ پوءِ پنهنجي ڪا تخليق لکي، ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هوءَ ڪيڏي پائي جي شاعره آهي.

ان غزل کي هٽائڻ کانپوءِ هُن هڪ ٻيو غزل رکيو

مون ۾ مند لٿي هئي رات انڌاري ۾

سهسين گل ٽڙي پيا منهنجي ٽاري ۾

۽ پوءِ ساڳي مافيا ان غزل جي ساراهه ۾ پڻ وسان ڪونه گهٽايو ۽ ڪنهن کانئس اها وضاحت وٺڻ جي تڪليف به نه ڪئي ته ڀلا ڪو مند رات ۽ ڏينهن ۾ ايندي ۽ ويندي آهي ڇا؟؟ ڀلا سيارو رات جو ايندو ۽ ڏينهن جو ويندو آهي ۽ ڇا ڀلا اونهارو به ائين ايندو ويندو آهي ڇا؟ ان بابت سوچڻ جي ڪنهن به تڪليف نه ڪئي ۽ بس وڏي شاعره پاران غزل رکڻ جي دير هئي ۽ همراهه پنهنجي ڪم کي لڳي ويا ۽ ڪنهن ته مٿئين شهنشاهه غزل لکڻ جي انعام طور کيس ماڳهين ئي ٿر گهمڻ جي صلاح هڻي ورتي.

تازو ئي سنڌ جي نامياري اديب سائين بيدل هُن جي حوالي سان لکيو آهي، منهنجي خيال ۾ سائين بيدل پاران ڪڙو سچ لکڻ کانپوءِ ٺوڳي اديبن ۽ سوشل ميڊيا جي اديبن کي ٿورو پنهنجي جيءَ ۾جهاتي پائڻ گهرجي ۽ خير سان اسان جا هڪ ٻه دوست اهڙا به آهن جو جڏهن اهي بيروزگار هوندا آهن ته وحيد هيڪڙي کان به ننڍا شاعر هوندا آهن ۽ سڀني جا پڳ مٽ يار هوندا آهن ۽ پوءِ انهيءَ چاپلوسي وارو ڪردار ڪري جڏهن ڪٿي کين چڱڙي نوڪري ملي ٿي ته نوڪري ڏيندڙ جي ئي ڳچي ۾ پئجيو وڃن ۽ ڀٽائي ۽ اياز کان به ڪئين ڀيرا وڏا اديب بڻجي وڃن ٿا ۽ پوءِ اهو ئي رويو سندن روزگار کسجڻ جو سبب بڻجي ٿو ۽ همراهه وري ساڳي واري پوزيشن تي اچيو وڃن ۽ وري دعا سلام جو سلسلو جتان کان ٽُٽو اتان کان شروع ٿيو وڃي. خير سان اهي يارڙا اڄڪلهه روزگار سان لڳل آهن ۽ سڀ کان وڏا اديب بڻيل آهن.

سوشل ميڊيا تي ته اڄڪلهه ٻه ٽي سٽون لکندڙ به وڏو شاعر ۽ اديب بڻيل آهي ۽ جڏهن ان حوالي سان معلوم ڪيو ويو ته عجيب قسم جا انڪشاف سامهون آيا، اُهي اِهي ته نمبر ون جي ڊوڙ ۾ شامل شاعر ڪا سٽ لکي پوءِ پنهنجي سمورن ايڊ ٿيل دوستن کي ان باڪس مسيج ڪري سندن ان تخليق کي لائيڪ ڪرڻ ۽ ڪمينٽس ڏيڻ جي گذارش ڪن ٿا ۽ يقينن ڪنهن کي هڪ ڪلڪ ڪرڻ ۾ ڪيتري دير ٿئي ٿي ۽ ان حساب سان گهٽ ۾ گهٽ به چار پنج سئو لائيڪس ملي وڃن ٿا ۽ همراهه وڏو شاعر بڻجي وڃي ٿو ۽ پوءِ وري توهان ميسيج به پڙهو ته سائين واهه واهه توهان ته اڄڪلهه ملهه ماري ويا آهيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *