تازيون خبرون

سنڌي ادب جو پارس ـــــــــ محمد ابراهيم جويو: تحرير: مير نادر علي ابڙو

ادبي ۽ علمي گھراڻي هجڻ سبب مونکي ٻالڪپڻ کان ئي سنڌي ادب جي نمايان شخصيتن سان ملڻ جو موقعو ميسر آيو، ڇو ته بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شام واري روزاني ڪچهرين ۾ بـ گهڻي قدر سندن ادبي دوست ئي گڏ ٿيندا هئا، جتي سنڌ جي سڀني وڏن ليکڪن کي مان بابا سائين جي ڪچهرين ۾ ڏٺو ۽ جڏهن به بابا سائين جي حيدرآباد بدلي ٿيندي هئي تـ پاڻ پنهنجي سڀني کان وڌيڪ ويجهي دوست چاچا محمد ابراهيم جويو سان وڌيڪ وقت گذاريندا هئا.

مونکي ياد آهي هڪ ڏينهن مان بـ بابا سائين جن سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ويو هئس، جتي چاچا ابراهيم جويو سان ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳا هئا ۽ مون بابا جن کي چئي سنڌي ادبي بورڊ مان ڪيترائي ڪتاب وٺي گاڏي جي ڊڪي ڀري ڇڏي هئي. اهڙي ريت چاچا ابراهيم جويو منهنجي ان معصومانه خواهش کي پورو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ زندگي ۾ منهنجي پسنديده شخصيت بڻجي ويو. ڪتابن سان منهنجي رغبت ۽ لڳاءُ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر امڙ سائنڻ ٻڌائيندي آهي تـ مان ٻالڪپڻ ۾ بـ جڏهن اڃان مان اسڪول وڃڻ جهڙو نـ هيس، تڏهن بـ اڪثر گهر مان ڪجهـ ڪتاب کڻي پراڻي اسڪولي ٿيلهي ۾ وجهي سڄي گهر ۾ گهمائيندو وتندو هيس ۽ منهنجي ان عمل تي سمورا گهر ڀاتي کلندا هئا تـ پاڻ کان وڏو ٿيلهو کنيو اٿم. پوءِ عمر سان گڏ اهو چاه ويتر وڌڻ لڳو ۽ ڪتابن جي ويجهو ٿيندو ويس.

منهنجي لاءِ اها هڪ وڏي سرهائي جي ڳالهـ آهي تـ مون جويي صاحب جهڙي مانائتي شخصيت کي ويجهڙائيءِ کان ڏٺو سندن لبن تي هميشـ سنڌي ادب ۽ زبان جي واڌاري ۽ سنڌي سماج جي خوشحالي جون ڳالهيون رهيون آهن. ڏٺو وڃي تـ سنڌي ادب جو هي اڻ ٿڪ ڪردار، ادب کي ڪيترائي اهم ڪتاب ڏئي چڪو آهي. جنهن ۾ ادبي ٻولي ۽ انجي فلسفيانـ پيڙاهي جو وڏو عنصر موجود آهي. سندن حياتي جو احاطو ڪبو تـ پوري هڪ صديءَ جو دور هن ادبي ميدان لاءِ ڏنو آهي ۽ سندس سان جڏهن بـ ڪچهري ٿيندي آهي تـ هو سنڌ جي مڙنئي مسئلن، خاص ڪري تعليمي، ثقافتي، معاشرتي اوسر ۽ اقتصادي آجپي جي ڳالهـ ڪندو آ.

سنڌ جي هن سٻاجهڙي ڏاهي، ڪشادي صاف دل، سادي فطرت ۽ درگذر ڪندڙ طبيعت جي مالڪ سائين ابراهيم جويو جو بنيادي تعلق تعلقي ڪوٽڙي ضلع ڄامشورو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “ آباد” سان آهي، جتي هڪ محنت ڪش هاريءَ ميان محمد جويو جي گهر ۾ 13 آگسٽ 1915ع ۾ جنم ٿيو ۽ سندن والد جي ان وقت وفات ٿي جڏهن محمد ابراهيم جويو جن تمام ننڍا هئا. جڏهن ته سندن ڏاڏو محبوب جويو کي ڳوٺ ۾ وڌيڪ پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار هجڻ جي ڪري“ آخوند” جي نالي سان سڏيو ويندو هيو.

محترم محمد ابراهيم جويو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ 1927ع ڌاري اينگلو ورٽيڪلر ( اي ـ وي ) اسڪول سن ۾ داخلا ورتائون. جنهن بعد اڳيان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کين سنڌ مدرسـ ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪرڻي پئي، جتي لوڪل بورڊ طرفان کيس ڏهـ روپيـ ماهانه وظيفو بـ جاري ٿيو، ان زماني ۾ اهو وظيفو انهن شاگردن کي ئي ملندو هو جن جي تعليمي ڪارڪردگي نمايان هوندي هئي ۽ ابراهيم جويو صاحب اڳيان هلي سنڌ مدرسـ ۾ اسسٽنٽ ٽِيچر جي حيثيت سان ٻن سالن تائين خدمت بـ سرانجام ڏني، جنهن سان سندس جو ڪردار سنڌ واسين لاءِ هڪ فڪري استاد ۽ شعوري شخصيت طور پڻ رهيو آهي.

ويهين صدي عيسوي جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ جڏهن سنڌ انگريزن کان آجپي واري تحريڪ شروع ڪئي ويئي، ان زماني ۾ ايم. اين. راءِ جي فڪري تحريڪ اڀري رهي هئي ۽ ان فڪري ماحول ۾ محمد ابراهيم جويو ان تحريڪ جو فڪري ۽ شعوري طور تي ڳوڙهو اڀياس ڪيو. ان زماني ۾ هن ايم. اين. راءِ جي مضمونن جو مطالعو پڻ شروع ڪيو، جيڪي ان وقت جي ٽائيمز آف انڊيا ۾ شايع ٿيندا هئا. جنهن سان جويو صاحب کي اهو احساس ٿيو تـ سنڌ ۾ سائنسي ۽ تعليمي شعور جي جيڪا گهٽتائي آهي، تنهن لاءِ جاڳرتا جي انتهائي اشد ضرورت آهي ۽ اڳيان هلي جڏهن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي ڳالهـ ٿي ۽ حڪمرانن طبقي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ مسلم رياست جو مطالبو ڪيو تـ ان وقت محمد ابراهيم جويو جهڙي دورانديش ۽ قابل ڏاهي اهو محسوس ڪري ورتو تـ آئنده لاءِ سنڌ ۾ سماجي، علمي ۽ فڪري طور ڪي مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون ۽ ان حوالي سان سنڌ واسين جي جاڳرتا لاءِ پاڻ هڪ ڪتاب پڻ رقم ڪيو.

سنڌي ادب ۾ جويي صاحب بين الاقوامي ادب کي متعارف ڪرائڻ لاءِ پرڏيهي ڪتابن کي ترجمو ڪري ڪيترائي انيڪ ڪتاب به ڇپرايا، جنهن ذريعي هن پنهنجي ترجمن ۾ فڪري ۽ شعوري طور سنڌ ۾ جديد سائنسي علم جي اوسر، ٻوليءَ جي تحفظ ۽ سماجي سڌارن بابت وسيع ڄاڻ ڏنائون ۽ گڏوگڏ هن سنڌ کي روايتي ذات پرستي، وڏيرائي سوچ ۽ تعليمي کوٽ مان پڻ ڪڍڻ ٿي چاهيو. اهڙي ريت هن هميشـ پنهنجي قلم ذريعي ٻولي، تعليم، ادب ۽ سماج جي وڏي خدمت ڪئي ۽ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءَ نه ٿيندو ته اڄ سنڌ ۾ علمي، ادبي ۽ فڪري طور تي جيڪو پڪو پختو شعور آهي تـنهن ۾ نمايان حصو جويو صاحب جو به آهي ۽ سنڌي ادب جي ڪيترن وڏن ليکڪن شيخ اياز، سراج ميمڻ، حسام الدين راشدي، محمد عثمان ڏيپلائي، الهداد ٻوهيو ۽ ٻين ڪيترن وڏن ناليواري شخصيتن سندس کان گهڻو ڪجھ سکيو آهي.

محمد ابراهيم جويو سنڌ جو اهو دانشور، مفڪر، معلم ۽ اديب آهي جنهن پنهنجي زندگي جو مقصد سنڌي ادب جي خدمت لاءِ وقف ڪري چڪو آهي ۽ سنڌ جي حساسيت کي محسوس ڪندي هو سنجيده مزاج ۽ گهڻ پاسائو اتساهيندڙ ڏيندڙ ڪردار هميشـ سنڌ لاءِ هڪ روشن خواب به ڏسندو رهيو آهي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *