تازيون خبرون

سنڌين جي ووٽ جو اي ٽي ايم ڪارڊ!: عاجز جمالي

سنڌ واسي ڳچ سالن کان ترقي ۽ تبديليءَ جو خواب اکين ۾ سجائي ويٺا آهن. پاڪستان جي ستر سالن ۾ هِن ملڪ جي جوانيءَ ۾ جن خواب ڏٺو، اُهي حياتيءَ کان موڪلائي ويا يا حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ جيئرا هوندا پر اُهي پنهنجو خواب نئين پيڙهيءَ ڏانهن منتقل ڪري سُک جي ننڊ سُتا ته سنڌ ۾ تبديلي ضرور ايندي، اُهو خواب هاڻي ٽين پيڙهيءَ ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي. ڇو جو اسان جي پيڙهيءَ پنهنجي وڏڙن کان ورثي ۾ مليل خواب کي سانڍي سانڍي پنهنجي ايندڙ پيڙهيءَ جي اکين ۾ اوتي ڇڏيو. اسان جي نسل به پنهنجي گذريل نسل وانگر ”سُک ڀري سنڌ“ جو سپنو پنهنجي نئين پيڙهيءَ ڏانهن منتقل ڪري جهڙوڪر فرض نڀائي ڇڏيو، پر مان ڏسان پيو ته گذريل اڌ صديءَ کان اسين ترقيءَ جي نالي تي تنزليءَ ڏانهن وڃون پيا. ائين پيو لڳي ڄڻ اسين ”خواب نگر“ ۾ رهندڙ هڪ اهڙي قوم هُجون جيڪا شهزادن ۽ شهزادين جي روپ ۾ خوشحاليءَ جا سپنا ڏسندي هجي پر سچ ڏاڍو ڪڙو آهي، حقيقتون ڏاڍيون تلخ آهن، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ آهي پر سچ اِهو آهي ته اسين سڀ ڪوڙ جي پاسي آهيون، جيڪو سچ جي پاسي آهي اُهو اسان جي نظر ۾ ڪوڙو آهي. سنڌين جي نمائنده سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي جوش ۽ ولولي سان پنهنجي پنهنجي سالگرهه ملهائي رهي آهي. پيپلز پارٽيءَ جي ٽين نسل ۽ سنڌ جي عوام جي ٽين پيڙهي گڏجي نوان خواب ڳولي رهي آهي پر بادشاهن جي خوابن ۽ رعايا جي خوابن ۾ فرق هوندو آهي. غريبن جا خواب به ته غريب هوندا آهن ۽ بادشاهن جي اکين ۾ ”بادشاهتون“ هونديون آهن، ان ڪري سنڌ جي بادشاهن، سنڌ جي حاڪمن، سنڌ جي اميرن جا سپنا هميشه ساڀيان ٿي پوندا آهن ۽ غريب جا سپنا اڪثر بادشاهن جي گاڏين هيٺان چيڀاٽجي ويندا آهن، پر مرڻ کان بچي ويندا آهن. گهايل سپنا ڪجهه سالن تائين پنهنجا ڦٽ چڪائي ٻيهر ڪنڌ کڻندا آهن ۽ جيئڻ جي آس سان گڏ سماجي تبديليءَ لاءِ پنڌ شروع ڪندا آهن.

پنجاهه سالن کان سنڌ جي ڦٽيل خوابن جو اهو پنڌ جاري آهي. هڪ سپنو جيڪو اسان جي وڏڙن ”پاڪستان“ جي صورت ۾ ڏٺو هو، مون گذريل پنجويهه سالن دوران پنجويهه لک ڀيرا 1940ع جي ٺهراءَ بابت سياسي بازيگرن کان ٻڌو هوندو ته 1940ع جي ٺهراءَ تي عمل ڪونه ٿيو. اها خبر ته اسان کي 1947ع ۾ ئي پئجي وئي هئي ته هي اهو ملڪ ئي ڪونه هو، جنهن جا نيڻ نقشا ٻڌايا ويا هئا. هي ته اُهو ٻار هو جيڪو پينگهي ۾ ئي پڌرو هو. اسان جي اک ته 1970ع ۾ بنگالين کولي هئي، تيستائين ته اسان سنڌ جي آزاديءَ بابت سوچيو به ڪونه هو، اهو خواب به ڄڻ اسان پراين اکين کان چورايو هُجي، ان قوم جي اکين کان چورايو جنهن قوم پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سان مُهاڏو اٽڪائي پنهنجي آزاديءَ جي جنگ شروع ڪئي هئي. ڇا ٿي ويو جو لکين ماڻهو مارجي ويا، باقي بچيل ته سکيا ستابا رهجي ويا، سنڌي قوم ته سڄي سوليءَ تي ٽنگيل آهي. ڪو ٻڌائي سگهندو ته ستر سالن ۾ ڪيترا سنڌي ماريا ويا، ساڙيا ويا، تيل ڪڙهائيءَ ڪاڙهيا ويا، زهر پيئاريا ويا، چوٽيءَ تان اڇلايا ويا يا جيئرا گهرن مان کڻي مٽيءَ ۾ پُوريا ويا؟ هي اهڙو سوال آهي جنهن جو خواب ڪنهن به ”ڊيٽا بيسڊ سسٽم“ ۾ نه ملي سگهندو نه هن سوال جي جواب ڳولڻ لاءِ ڪڏهن سنڌ جي حاڪمن کي ”زحمت گوارا“ ٿي. ڇو ته حاڪم سدائين ”زحمت“ جا فرشتا بڻيا هوندا. آزاديءَ جو خواب پاسيرو رکي اسين انقلاب جو سپنو اکين سان گڏ سينن ۾ سانڍيو. جنون جي حد تائين اسين ”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“ جي ڌن ۾ انقلاب جو پيڇو ڪندا رهياسين. هٿين خالي پٿر کڻي توپن جو مقابلو به نه ڪري سگهياسين ۽ چوندا رهياسين ته نظريو اُتم آهي، نظرئي جو هٿيار مضبوط آهي، اسان اُهو وساري ويٺا هئاسين ته اسان جو مقابلو ان جرنيلي اسٽيبلشمينٽ سان آهي جن جو نظريو صرف ڏاڍ هوندو آهي، جن جي طاقت صرف بندوق هوندي آهي، اسان تڏهن به سبق ڪونه سِکيو جڏهن بنگالين کي سيکت ڏني ٿي وئي ۽ اسين پُرامن سنڌ جا گيت ڳائيندي صوفين جي درگاهن تي ڌمال هڻندا رهياسين.

اسين پُرامن قوم آهيون، ان ۾ ڪو شڪ ناهي، اسين امن ۽ آشتيءَ جو سڏ ڏيندا آهيون، اسين صوفين جا پرچارڪ آهيون، ان ۾ ڪو شڪ ناهي پر اسين ساڳي وقت ”ڌمالي قوم“ به آهيون، هر قسم جي ڌمال ۾ خوش ٿي ويندا آهيون، آزاديءَ جي نالي تي ڌمال هڻندا رهياسين، انقلاب جي نالي تي ڌمال هڻندا رهياسين، جمهوريت جي نالي تي اسين پنجاهه سالن کان ڌمال هڻي رهيا آهيون. ديشي ڌمال، انقلابي ڌمال، جمهوري ڌمال، ڌمال رڳو مزارن تي هُجي ها ته مڃون ها ته سماج جي هڪ طبقي کي ورغلايو ويو پر هتي ته سڄي قوم کي ستر سالن کان پاڪستان جي نالي تي ۽ پنجاهه سالن کان جمهوريت جي نالي تي ورغلايو پيو وڃي. اسين پنجاهه سال اڳ وڌيڪ سُکيا ستابا هُئاسين، اڄ سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جو مٺو پاڻي به نه ٿو ملي. جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي، درياهه جو پاڻي گدلو ٿي ويو آهي، سڄي سنڌ سِم بڻجي رهي آهي، ڪلر بڻجي رهي آهي، اُٺ تڏهن پئي رڙيا، جڏهن ٻورا ٿي سبيا. اسان ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي جو ماتم تڏهن به ڪيو هو جڏهن هي منصوبا شروع ٿي رهيا هئا پر بادشاهن کي ڪير سمجهائي. بادشاهه جڏهن ڊالر ڏسندا آهن ته انهن جي گگ ڳڙي پوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ڪراڙن چرئي لاءِ بادشاهه جو لفظ ڪتب آندو. اڄ به سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ ڪو وڏو ماڻهو ڪو خراب ڪم ڪندو آهي ته ان لاءِ چوندا آهن فلاڻو ته بادشاهه آهي، مطلب ته چريو آهي. سو سنڌ جا بادشاهه جيڪڏهن سياڻا هُجن ها ته اڄ سنڌ به خوشحال هجي ها. سنڌي عوام جي ووٽن تي بادشاهت ماڻيندڙ پيپلز پارٽي منهنجي هم عمر آهي، جڏهن هالا ڪنوينشن ٿيو هو ته ان کان ڪجهه مهينا اڳ مان ٻانڌيءَ جي شهر ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم وٺي چُڪو هئس. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي چونڊ مهم تي هو ته اسان جي تڪ تي تلوار جي نشان تي چونڊ وڙهندڙ اميدوار حاڪم علي زرداري هو. بابا سائين ٻڌائيندو هو ته ان زماني ۾ نوابشاهه جو سيد گهراڻو سياست ۾ سگهاري ڌر طور سُڃاتو ويندو هو. ان سان گڏ غلام مصطفيٰ جتوئي جو وڏو نالو هو. اسان جي خاندان جو خيال هو ته ووٽ نه حاڪم زرداري کي ڏبو نه غلام مصطفيٰ جتوئي کي ڏبو. خاندان جو ڀروسو رئيس سومر خان جمالي تي هو، جنهن جو خيال هو ته نذر شاهه کي ووٽ ڏبو. امان ٻڌائي ٿي ته ان چونڊ ۾ تلوار بدران اسان ”هوائي جهاز“ جي نشان تي ٺپو هنيو هو. هوائي جهاز شايد نذر شاهه جو چونڊ نشان هو. خير حاڪم علي زرداري چونڊ کٽي ويو هو ۽ بعد ۾ مرحوم سومر خان جمالي به پيپلز پارٽيءَ جو حامي بڻيو هو (پيپلز پارٽي ضلعي نوابشاهه جو هاڻوڪو صدر رئيس اڪبر خان جمالي سندس خاندان مان آهي) ان ساڳي سيٽ تي هن وقت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ايم اين اي آهي. مون ڏهه سالن جي عمر ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ريل گاڏيءَ ۾ ويندي ڏٺو جڏهن هزارين ماڻهو ريلوي اسٽيشن تي کيس ڏسڻ لاءِ گڏ هئا، جڏهن 1977ع ۾ سندس سرڪار ختم ڪئي وئي هئي، پري کان کيس هٿ لوڏيندي ڏٺو هو، پر ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ کانپوءِ سنڌي ماڻهوءَ جو ووٽ هڪ اهڙو اي ٽي ايم ڪارڊ بڻجي چُڪو آهي، جنهن مان هميشه پاڪستان جي اقتدار لاءِ ڪيش ڪڍرائي ويندي آهي. اهو ووٽ واقعي به ڏاڍو قيمتي ووٽ ثابت ٿيو. پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ کانپوءِ اڄ تائين ڀُٽي کان جان ڇڏائي نه سگهي آهي نه سنڌي عوام سياست ۾ ”ڀٽو ازم“ کان ٻاهر نڪري سگهيو آهي.

ذوالفقار علي ڀٽو جي سياست ۾ سحر طاري هو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جي سياست ۾ وڏي تبديلي آندي. جيتوڻيڪ ڀٽو نه آزادي پسند هو نه انقلابي هو پر ڀٽو پنهنجي دور جو تبديلي پسند ماڻهو هو. پنهنجي حالتن کان باغي هو، جاگيرداراڻي طبقي سان واسطو رکندڙ ڀُٽي جڏهن زرعي سُڌارن جو اعلان ڪيو ته ان جي شروعات ”ڀٽو جاگير“ جي زمينن کان ڪئي ته سڄو ڀٽو خاندان کيس چريو چوڻ لڳو. خود ذوالفقار علي ڀٽو جي صِفن ۾ ويٺل جاگيردار پريشان ٿي ويا، چوڻ لڳا ڀٽو سوشلزم پيو آڻي. حالانڪه اسلامي سوشلزم صرف هڪ نعرو هو. ذوالفقار علي ڀٽو نه سوشلزم پئي آندو نه انقلاب پئي آندو پر هُن هڪ بهتر سماج جو سپنو ضرور ڏٺو هو. ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي وفاقي ادارن جا بند پيل دروازا سنڌين لاءِ ضرور کوليا هئا. ڪسٽم، پي آءِ اي، بندرگاهه، نيشنل هاءِ وي، واپار ۽ صنعت، فوج، پي ٽي وي، ريڊيو، ايف سي ۽ ٻين ادارن ۾ سنڌي ماڻهن کي سرڪاري نوڪريون مليون. ذوالفقار علي ڀُٽي سنڌ ۾ ترقي ۽ تبديليءَ جو سفر شروع ڪرڻ چاهيو پر کيس اندازو نه هو ته ساڻس کاٻي ساڄي بيٺل سمورا ڀوتار، چوڌري، سردار، مير، پير، مُلان، سندس خواب جا قاتل هُئا. ڀٽو جا سپنا ان خواب نگر ۾ ئي مارجي ويا، جنهن خواب نگر جو ڀٽو شهزادو هو. ڀٽو جيڏو وڏو عقلمند هو اوڏو وڏو کلاڙي هو پر ان سان گڏ هٺ به هوس. کيس اندازو نه هو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ساڻس ئي گڏ بيٺل جاگيردارن ۽ سرمائيدارن ذريعي سندس تڏا ويڙهه جي ڪوشش ڪري رهي هئي. خود عالمي سامراج آمريڪا کي به اهو خطرو هو ته ڀٽو چين، روس ۽ عرب ملڪن سان گڏجي ايشيا ۾ سندس لاءِ وڏا مسئلا کڙا ڪري رهيو آهي. شاهه فيصل، ياسر عرفات، ڪرنل قذافي، شاهه حسين سميت اسلامي بلاڪ جي ڳالهه ڪندڙ سمورا مسلمان حڪمران آمريڪا جي اڻ وڻندڙ لسٽ ۾ شامل هئا. ڀٽو سان گڏ بيٺل سندس يار وفادار نه هئا. هونئن به سنڌ جي وڏيرڪي ڪلاس جي اها وڏي بيماري آهي، سندن وفاداري صرف اقتدار سان هوندي آهي. ڀٽو کي اندازو ئي نه هو ته مولانا ڪوثر نيازي، غلام مصطفيٰ کر، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ ٻيا جاگيردار ڪهڙي طرف وڃي رهيا هئا. هوائن جو رخ بدلجي رهيو هو. سوشلسٽ ڀُٽي کان اسلامي قانون منظور ڪرايا ويا، قاديانين کي غير مسلم قرار ڏياريو ويو، بلوچستان ۾ آپريشن کي جاري رکيو ويو، نيشنل عوامي پارٽيءَ جي سرڪار ختم ڪرائي وئي، سانگهڙ ۾ حُرن خلاف آپريشن ڪرايو ويو، هر طرف ڀٽو جا دشمن وڌڻ لڳا. پاڪستان قومي اتحاد ٺهرايو ويو. 1977ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلين جي بنياد تي هنگاما ڪرايا ويا ۽ نيٺ 5 جولاءِ 1977ع تي مارشل لا لڳائي وئي. ڀٽو ازم جو اي ٽي ايم ڪارڊ بعد ۾ 1988ع کان وٺي 2013ع تائين وفاقي سرڪار جي اي ٽي ايم مشين ۾ استعمال ٿيندو رهيو ۽ ڀٽو جي پارٽيءَ کي اقتدار تائين سنڌين جو اي ٽي ايم ڪارڊ پهچائيندو رهيو. اڄ به سنڌ ۾ سنڌين جي اي ٽي ايم ڪارڊ (ووٽ) تي سرڪار هلي رهي آهي ۽ سنڌي ايڏا سخي آهن جو اکيون بند ڪري ڌمال هڻڻ ۾ پُورا آهن. ان جو ڪارڻ اِهو آهي ته هرطرف بي ايمانيءَ جو راڄ آهي، هرڪو ئي اسان کي لُٽڻ، ڦرڻ ٿو چاهي، فريب ڪرڻ ٿو چاهي، دوکو ۽ دولاب ڪرڻ ٿو چاهي، اسان جي اکين ۾ ڪوڙا خواب ٿو ٽنبڻ چاهي، ڇو ته هُو اسان کان اسان جو اي ٽي ايم ڪارڊ وٺي استعمال ڪرڻ ٿو چاهي. سنڌين جا اي ٽي ايم ڪارڊز ورهائجي رهيا آهن، ڪجهه بلاول جي کيسي ۾ ته ڪجهه عمران خان جي پرس ۾، ڪجهه پير پاڳاري جي جهوليءَ ۾ ته ڪجهه وري ٻين وٽ.

سنڌين کي اندازو ئي ناهي ته هر ڌر سندس اي ٽي ايم ڪارڊ جو ”پاس ورڊ“ (ڪوڊ) چورائڻ چاهي ٿي، سڀني ڌرين جي منزل ساڳي آهي. سنڌ ۾ ترقي ۽ تبديليءَ جو خواب هاڻي کوٽيل رستن جهڙو سفر بڻجي چُڪو آهي، جنهن جا کڏا وڏا ٿي رهيا آهن، پر گذريل ويهارو سالن کان اهو رستو اڻ پورو آهي، سفر ٿڪائيندڙ پيو بڻجي. ڪرڙ ۽ ڪانڊيري جي اکين ۾ سپنا هميشه لاءِ پُورجي ويا، ڇو ته اهي اکيون ئي پُورجي ويون، نه اسپتال ۾ علاج مليو، نه اسڪول ۾ علم مليو، نه گهر تائين پڪو رستو مليو نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي مليو نه اڇو اُجرو اٽو، لٽو، اجهو مليو نه آزادي آئي نه انقلاب آيو. جمهوريت جي نالي تي مليو ته فراڊ مليو. تبديليءَ جي نالي تي ڪوڙ جا قصا مليا. سنڌي ماڻهوءَ جي قسمت جي ڊڪشنريءَ ۾ ڪوڙ جي معنيٰ واري خاني ۾ رڳو ڀوتار ئي نه مليا پر دوکيباز دانشور، ليڊر، مُلان، عالم، اديب، اسڪالر، جڳاڙي جمهوريت پسند، قومپرست، آفيمي انقلابي ۽ مفادپرست ميڊيا جا لکيل لفظ مليا. سنڌي عوام جي ڊڪشنريءَ ۾ سچ کي ڳولجي ٿو ته ڪوڙ لکجي اچي پيو. جديد سيٽلائيٽ جي زماني ۾ سنڌين جي گوگل سرچ ۾ به ڪٿي سچ نه ٿو اچي، ڳولي ڳولي ٿڪجي پونداسين ته به سچ بدران ڪوڙ ملندو. هر شعبي ۾ ڪوڙ، هر اداري ۾ ڪوڙ، هر ماڻهو ڪوڙ جو سهارو وٺي ڪم ڪڍڻ ٿو چاهي. وزير، مشير، حڪمران ڇڏيو، امير ڇڏيو، آفيسر ڇڏيو، غريب وٽ به ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه نه بچيو.

هن سڄي پٽاڙ کانپوءِ ذهن ۾ سوال اڀريو جيڪو هر سڄاڻ ماڻهوءَ جو سوال هوندو ته آخر ان سڀ ڪجهه هوندي به ڪرڻ ڇا گهرجي؟ آخر سمورن مسئلن جو حل ڇا آهي؟ آخر سنڌ لاءِ آجپي، انقلاب، ترقي ۽ تبديليءَ جو سپنو ساڀيان ڪيئن ٿيندو؟ اچو ته گڏجي ننڍڙي سطح تي تبديلي آڻيون. پنهنجي گهر ۾، پاڙي ۾، ڳوٺ ۾، شهر ۾ موجود اسڪول، اسپتال، هنرمند مرڪز، نياڻين جي اسڪول، ڪميونٽي سينٽر تي نظر ضرور وجهون. سماجي رابطن جي ميڊيا ذريعي ئي ڪجهه نه ڪجهه آواز ضرور اٿاريون. سنڌ ۾ ايماندار ۽ فضيلت ڀرين ماڻهن جو قدر ڪرڻ ضرور سِکون. ووٽ جو اي ٽي ايم ڪارڊ سوچي سمجهي استعمال ڪريون، ان ڪارڊ جو ڪوڊ نمبر پنهنجي اندر ۾ ئي محفوظ رکون. سنڌ ۾ سُٺا ماڻهو، سنڌ دوست ماڻهو، انسان دوست ماڻهو ضرور موجود آهن پر اليڪشن جو ڪاروبار حرام جي پئسن جو ڪاروبار بڻجي ويو آهي. اليڪشن جوئا جو مثال آهي، هرڪو ئي ڇڪو هڻڻ ٿو چاهي، پئسو ڪمائڻ ٿو چاهي، پر اچو ته گڏيل سوچ، گڏيل فهم ۽ گڏيل صلاح سان سنڌ جو ڀلو سوچيون، اجتماعيت جي ادراڪ سان اڳتي وڌون.

aajizjamalijamali@yahoo.com

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *