تازيون خبرون

سنڌ، پيپلز پارٽي ۽ ذوالفقار مرزا جا انڪشاف: عاجز جمالي

آسلامي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ حڪمراني جو دور عباسي خلافت يا عربن جو دور سڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ سڄي دنيا جي مسلمانن تي حڪمراني ڪئي وئي. ان حڪمراني يا اسلامي بادشاهتن جي زوال جا ٻيا به ڪيترائي سبب هئا، پر پڇاڙي ۾ نااهل مسلم حڪمرانن يا عرب حاڪمن جي حد کان وڌيڪ عياشين، عوام سان ٿيندڙ ناانصافين، عوام تي ڳرا ٽيڪس مڙهڻ، سون جي تعداد ۾ ڪنيزون يا غلام خريد ڪرڻ، مسلمانن جون هڪ ٻئي سان جنگيون ڪرڻ شامل آهي. عرب حاڪمن خلاف سندن ئي مُلڪ ۾ جڏهن به ڪنهن عالم، درويش، صوفي يا الله جي ٻانهي سچ ڳالهايو ته انهيءَ کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاءِ جتن ڪري، وقت جي مولوين ۽ قاضين (ججن) کي ساڻ ڪري حاڪم انهن سچن ماڻهن خلاف فتوائون ڏياري انهن کي قتل ڪرايو. انهن مٿان طرحين طرحين جا ظلم ڪرايا. تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهڙن ظلمن جي نتيجي ۾ مضبوط کان مضبوط بادشاهتون به ڊهي پيون.

مون يارهن سؤ سال اڳ عباسي خلافت ۾ سچ جو آواز بُلند ڪندڙ درويش، صوفي، انالحق جو نعرو هڻندڙ حسين بن منصور حلاج بابت لکيل ڪتاب ٽيون ڀيرو پڙهي انهي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، ته اندازو ٿيو ته سچ ڪڏهن به برداشت ناهي ڪيو ويو. حسين بن منصور حلاج کي سنگسار ڪرڻ، کيس ڪوڙا هڻڻ، سندس جسم کي ڳترا ڳترا ڪرڻ جي سزا به اسلامي خلافت جي دور جي قاضي ڏني هئي. اڄ تاريخ ۾ يزيد وانگر ان خليفي جو نالو نشان ئي ڪونهي، پر انالحق جو نعرو زنده آهي، جيئن حسينيت زنده آهي، يزيديت تي ڦٽڪار آهي.

هر دور جي حاڪمن سان ائين ئي ٿيو، ڇو ته حاڪم جڏهن انڌ جي گهوڙي تي سواري ڪندو آهي ته کيس هر ظلم جائز لڳندو آهي، هو تاثر اهو ڏيندو آهي ته هر ظلم عوام جي ڀلائي ۾ ڪري پيو، پر ظلم کان بيزار مخلوق جڏهن حاڪمن خلاف نڪرندو آهي ته سڀ تاج تخت اُڏامي ويندا آهن.

سب تاج اڇالي جائين گي

سب تخت گرائي جائين گي

بس نام رهيگا الله ڪا

سنڌ ۾ جمهوريت ۽ شهيدن جي نالي تي گذريل ستن سالن کان حڪمراني جو جيڪو دور هلي رهيو آهي، ان بابت سچ لکڻ ۽ ڳالهائڻ به ائين ئي آهي جيئن ڪاريهر تي پير رکيو هجي. حاڪمن لاءِ هر شيءِ مارڪيٽ ۾ وڪامندڙ شيءِ آهي. ڪرپشن جي خزاني مان هو اسان جا آقا بڻجي نه رُڳو اسان جا جسم ۽ ذهن خريد ڪري رهيا آهن پر هو اسان جي ضميرن جي خريداري لاءِ واڪ ڏئي رهيا آهن. اڄ جي دور ۾ ضمير ۽ ذهن به روڊن جي ٺيڪن وانگر ٽينڊرز تي نيلام ٿي رهيا آهن. بُک، بدحالي، ضمير فروشي، غربت، ٻچا وڪڻڻ جو رواج ائين ئي وڌي رهيو آهي، جيئن عباسي خلافت ۾ غلامن جو وڪرو ٿيندو هو.

حاڪم وٽ عوام جو پئسو آهي، جيڪو عوام تي خرچ ڪرڻ بدران پنهنجي محلاتن تي خرچ ڪري رهيو آهي يا چند ذهن چند ضمير، چند درٻاري، ٻولڙيا، ڪجهه ڪوڙا ليڊر خريد ڪري سڄو ڏينهن ڪوڙ جي دهل جي ڊم ڊم ڪرائي عوام کي ڀولڙي وانگر نچائڻ يا خيرات گهرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.

اخبارن ۾ اهي تصويرون روز ٿيون ڇپجن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا هزار رپيا وٺڻ لاءِ ڪيئن نه مسڪين عورتون لٺيون کائينديون آهن يا ڀتين تي چڙهي ماتم ڪنديون آهن.

هن سرڪار جي ستن سالن ۾ سڀ بُرا ڪم بينظير ڀُٽو جي نالي تي ٿي رهيا آهن، ڪٿي بينظير بستي آهي ته ڪٿي بينظير اسڪول آهي. ڪٿي بينظير ڪاليج آهي ته ڪٿي بينظير يونيورسٽي، نوابشاهه جو نالو بدلائي بينظيرآباد رکيو ويو. لينڊ مافيا، بلڊر مافيا، ٺيڪيدار مافيا، سڀ جو سڀ ڪرپٽ مافيائون بينظير ڀٽو جو ئي نالو استعمال ڪري رهيون آهن. ڇو ته اهو رواج سرڪاري طور تي بينظير جي پارٽي ۽ وقت جي حاڪمن رائج ڪيو آهي.

پيپلز پارٽي جي سرڪار ۾ پنج سال اڳ سڀني عهدن، وزارتن کي واپس ڪندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اڄڪلهه پنهنجي پڳ مٽ يار جي خلاف ميدان تي لٿل آهي. سنڌ ۾ ذوالفقار مرزا اهو پهريون ماڻهو آهي جنهن سرڪار جي اهم وزارت ۾ هوندي مُلڪي صدر جو سگهارو دوست هوندي به ايم ڪيو ايم جي خلاف آواز اُٿاريو هو. سندس اها بغاوت اڄ تائين جاري آهي ۽ بغاوت جي سزا به جاري آهي. ڪير نه ٿو ڄاڻي ته ڪمال چانگ، نثار مورائي، پير فريد جان، امير ڀنڀرو سميت هڪ ڊگهي لسٽ آهي، انهن ماڻهن جي ذوالفقار مرزا سان ڇا نسبت رهي. اهو سچ آهي ته جهڙي طرح آصف زرداري ذوالفقار مرزا سان ياري نڀائي کيس اڳتي آندو، تيئن وري مرزا سوين ماڻهن کي اڳيان ڪيو. منهنجي ذاتي راءِ ۾ مرزا جي اها ئي غلطي هُئي، خبر ناهي ته سندس يارن ۾ ڪيترا مڙس ماڻهو هوندا، پر في الحال ائين پيو لڳي ته هڪ هڪ ڪري سندس سمورا يار سرڪار جي کاتي ۾ اچي ويا. ذوالفقار مرزا جون تازيون ڳالهيون هڪ دفعو وري ميڊيا ۾ بحث جو موضوع آهن، پر مرزا کان سندس ڪراچي ۽ بدين جي گهرن تان سيڪيورٽي واپس وٺڻ، پوليس موبائيلون واپس گهرائڻ عجيب ڳالهه هئي.

ڪراچي ۾ اهڙا کوڙ فضول ماڻهو به آهن جن وٽ نه سرڪاري عهدو آهي نه ڪو منصب، نه وزارت نه مشيري، نه آفيسر نه صحافي پر پوءِ به سندس گاڏي اڳيان پوليس موبائيل ٽران ٽران ڪندي ويندي آهي. هڪ وزير موصوف جي سيڪيورٽي قافلي ۾ 10 کان وڌيڪ پوليس جون گاڏيون هونديون آهن. هڪ محترمه کي ته ان کان به وڌيڪ سيڪيورٽيءَ جون گاڏيون آهن. شهري پارٽي جي هر ايم اين اي، ايم پي اي کي پوليس موبائيلون مليل آهن. هاڻي هتي عجيب ڳالهه آهي ته هڪ اڳوڻو گهرو وزير، هڪ ايم اين اي، هڪ ايم پي اي، هڪ اهڙو ماڻهو جنهن سان دشمنيون به تمام گهڻيون هجن، جنهن کي خطرا به هجن، صرف انهيءَ کان سيڪيورٽي واپس ورتي وڃي ته…. حاڪمن جي نيت جو اندازو ٿئي ٿو، سندن ذاتيات نظر اچي رهي آهي. ذوالفقار مرزا جڏهن سڌي ريت پنهنجي قتل جو خدشو ظاهر ڪري ٿو ۽ ڪراچي ۾ بي درديءَ سان مارجي ويل مير مرتضيٰ ڀُٽو جي قتل جي نشاندهي ڪري ٿو ته ڳالهه اڃا به خطرناڪ بڻجي وڃي ٿي. مير مرتضيٰ ڀُٽو جي قتل جي واقعي جي شاهدن ۾ مان شامل آهيان، ان زماني ۾ سڄي واقعي کي رپورٽ ڪيو هو. مير مرتضيٰ به سڌي ريت سنڌ سرڪار جو مخالف هو، هُن به ڪيترائي ڀيرا اهو چيو هو ته سندس حياتي کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميواري ادي جي سرڪار (بينظير حڪومت) تي هوندي. اڄ لڳ ڀڳ ساڳي ڳالهه ذوالفقار مرزا پيو ڪري. خدا نه ڪري پر ڏاڍي خوفائتي ڳالهه آهي. مرزا به مير وانگر سڌو سڌو الزام هنيو آهي. مرزا چوي پيو ته سندس گهر ۽ مل تي انور مجيد ذريعي قبضو ڪرايو ويو. هو چوي ٿو کانئس زمينون ڦريون ويون آهن، هو چوي ٿو ته سندس زندگي کي خطرو آهي. هن مُلڪ جي سمورن اهم ادارن کي خط به لکيو آهي. عدالت ۾ به ويو آهي. سرڪار کي به لکيو آهي، پر پوءِ به اڄ انهيءَ ساڳئي ذوالفقار مرزا کي سرڪار پوليس موبائيل ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن جي هٿ ۾ سڄي سنڌ جي پوليس هُئي، سبب صرف اهو ته هو اختلاف رکي ٿو، هو سچ چوي ٿو، هو جهڪي نه ٿو.

مون ڪجهه ڏينهن اڳ اخبارن ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو هڪ بيان پڙهيو هو. سيد سڳورو چوي ٿو ته، ”ذوالفقار مرزا جي زال ۽ پُٽ کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻي پوندي.“ ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي، جڏهن اهو چئو ٿا ته هڪ زال آهي، ٻيو پُٽ آهي، وري سوال ڪجي ته پوزيشن واضح ڪريو. مطلب هو ڇا چون؟ ته اسين زال يا پُٽ ناهيون. سچ ته ڳالهه ٻُڌي به ڪنڌ جهڪي ٿو وڃي. واقعي به سياست ڏاڍي بي رحم شيءِ بڻجي وئي آهي، سياسي اخلاقيات مري وئي آهي يا انهي به سياسي غربت ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، پر حاڪمن لاءِ مڙئي خير آهي. هنن سڀني افعالن منجهان ته ائين پيو لڳي ته سنڌي عوام کي پاڻ پنهنجو دوست ڪرڻو پوندو. هڪ نئين سياسي جماعت تشڪيل ڏيڻي پوندي. سنڌي عوام جي دعويدار جماعت پنهنجي انجام طرف وڃي رهي آهي. سڄي مُلڪ جي ڪينٽونمينٽ جي چونڊن جو نتيجو سامهون آهي. ڪراچي ته مڪمل طور تي سندس هٿن منجهان نڪري چُڪي آهي يا هن پاڻ لکي ڏني آهي، جيڪڏهن بلدياتي چونڊون شفاف ٿيون، تڏهن به ڏسجو، لياري ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ سڄي لياري کي سيل ڪيو ويو، لياري بدران سڄي ڪراچي ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن منجهان عوام کي گڏ ڪيو ويو. ستن سالن ۾ لياري کي پاڻي نه مليو، هاڻي ٽن مهينن ۾ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي. لياري کان وٺي لاڙڪاڻي تائين، شهيدن جي پارٽي جا حال پورا ٿي ويا آهن. 4 اپريل جو ڏهاڙو ياد ڪريو جو ڳڙهي خدا بخش ۾ ذوالفقار علي ڀُٽو جي ورسي تي جلسو ڪونه ٿي سگهيو، قصا کوڙ آهن، بس ائين پيو لڳي ته ڪڏهن سنڌ وارن کي ائين نه چوڻو پئجي وڃي ته هئي پيپلز پارٽي به ڪا سنڌ ۾. مسلم ليگ جو مثال سامهون آهي، جيڪا بس اسٽبلشمينٽ جي جماعت رهجي وئي آهي ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ مسلم ليگون موجود آهن. سڀ جون سڀ پاڪستان جي خالق جماعت جون دعويدار آهن. ٽي چار پيپلز پارٽيون به نظر اچي رهيون آهن، سڀ جا سڀ ڀُٽو جا پيروڪار سڏائن ٿا. ڏسون ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي؟

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *