تازيون خبرون

سنڌ، عورتن لاءِ جهنم ٿيندي پئي وڃي!؛لياقت راڄپر

اسان سدائين جڏهن به ڪا شيءِ لکڻ شروع ڪندا آهيون ته سنڌ جي ماضيءَ کي ياد ڪندا آهيون، جنهن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي ڪلچر، مهمان نوازي، امن، محبت، شخصيتون، خوشحالي ۽ سماج جي ٻڌي، رسمون ۽ رواجن جو ذڪر ضرور هوندو آهي پر هن وقت سنڌ جي جيڪا حالت آهي، ان کي ٻڌائڻ لاءِ ڪوبه تيار ناهي. سنڌ ۾ ايتريون ته بي قاعدگيون ۽ ظلم وڌي ويا آهن، جو ان کي لکڻ لاءِ ڪاغذ ۽ مس کٽي ويندي. ان لاءِ مان صرف هڪ معاشرتي زيادتي ڏانهن ڌيان ڇڪايان ٿو، جنهن ۾ عورتن سان ٿيندڙ زيادتيون ۽ ناانصافيون شامل آهن.

منهنجي جنم کان اڳ ۾ جيڪا سنڌ هئي، ان جون ڳالهيون وڏڙن وٽان ٻڌندو رهيس پر مان پاڻ به گهڻو ڪجهه ڏٺو ۽ هاڻي به ڏسان پيو، جنهن جو واضح فرق عام ماڻهو ڏسي پيو پر خاص ڪري نوجوان نسل انهن ڳالهين کان واقف ئي ناهي ته اڳ سنڌ ۾ عورت جو مقام ڇا هو ۽ هن وقت اسان اُن جي عظمت کي ڪيئن پائمال پيا ڪيون، جنهن سان سنڌ جي وڏي بدنامي ٿي رهي آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪو به اڳتي ناهي آيو. ڪجهه عورتن جي ڀلائي ۽ انهن تي تشدد روڪڻ لاءِ اين جي اوز ڪم ڪن پيون پر اهي به رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد  جي وڏن هوٽلن تائين محدود ٿي ويون آهن.

منهنجي زندگيءَ جو شروع وارو ٻالڪپڻ وارو زمانو گهڻو ڪري ٻهراڙيءَ ۾ گذريو آهي ۽ جوانيءَ کان هن وقت تائين شهر ۾، ان دوران  مون ڏٺو ته ڪيترن ئي گهراڻن ۾ گهر جي وڏي مرد جي وفات کانپوءِ عورت ئي گهر جي وڏي هوندي هئي ۽ اها سڀ فيصلا پاڻ ڪندي هئي ۽ گهر جا مرد توڙي ٻيون عورتون هن جي فيصلي کي خوشيءَ ۽ ادب سان تسليم ڪندا هيا. جڏهن به ڪو پٽ گهر کان ٻاهر ويندو هو ته ماءُ ۽ ٻين وڏڙن کي پيرين پئي ۽ پُٺي ٺپرائي موڪلائيندو هيو ۽ جڏهن گهر موٽندو هيو ته ساڳئي ادب جو مظاهرو ڪندو هو.

ننڍين ۽ جوان ڇوڪرين کي نياڻي چئبو هيو ۽ انهن جي تمام گهڻي عزت ڪئي ويندي هئي، اُن جي مانُ جو اندازو اِن ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته، جيڪڏهن دشمن ڏانهن به ڪو نياڻي ميڙ کڻي ويندو هو ته نه رُڳو دشمنيون ختم ڪيون وينديون هيون، پر ماڻهو خُون به معاف ڪري ڇڏيندو هيو ۽ نياڻي کي تحفا ڏئي يا مٿي تي رئو يا اجرڪ پارائي روانو ڪيو ويندو هيو.ان کان علاوه ڪنهن تي ڪا مشڪل ايندي هئي ته اهي ڳوٺ جي نياڻين کي گهرائي دعا گهرائيندا هئا. ڪڏهن به نياڻين تي هٿ نه کڻندا هيا ۽ نه ئي انهن کي ڪو دڙڪو ڏنو ويندو هيو. جڏهن ڪا شادي يا خوشيءَ جو ٻيو ڪو موقعو ايندو هيو ته ڪافي اڳ ئي شادي شده ۽ ڪنوارين ڇوڪرين کي گهرائبو هيو ته جيئن گهر ۾ برڪت پوي. ان لاءِ ته قرآن ۾ به آهي ته جڏهن الله انسان تي راضي ٿيندو آهي ته ان کي ڌيئر عطا ڪندو آهي، جنهن لاءِ چئبو آهي ته ڌيءَ خدا جي رحمت آهي ۽ جڏهن بارشون نه پونديون هيون ته  نياڻين کي چئبو هيو ته هٿ کڻي دعا ڪن. اڄ تائين اوهان ڏسو ته ڇوڪرا شادي ڪري زال جي چوڻ تي پيءُ ماءُ کان جدا ٿي رهن ٿا ۽ والدين جي پرگهور نٿا لهن جڏهن ته ڇوڪري شاديءَ کانپوءِ به بيمار والدين جي خدمت ڪندي رهي ٿي.

خبر نه آهي ته سنڌ ڌرتيءَ کي ڪنهن جي نظر کائي وئي جو جتي امن ۽ محبت هئي، اتي اڄ خون جي هولي کيڏي پئي وڃي ۽ سڀ رت ۽ دوستيءَ وارا رشتا ختم ٿيندا پيا وڃن. هن ۾ خاص ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي ظلم، تشدد ۽ انهن جي عزت کي پائمال ڪيو پيو وڃي. مان ته جڏهن به سنڌي اخبارون پڙهندو آهيان، جيڪا منهنجي مجبوري آهي ته رڳو خون خرابي جون خبرون هونديون آهن. جن کي پڙهڻ سان اکيون رت جا ڳوڙها روئينديون آهن ۽ دل بيهجڻ لڳندي آهي ته هيءَ اها ئي ڀٽائي، سچل ۽ قلندر جي ڌرتي آهي، جتي عورت کي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ ٻين رشتن ۾ وڏو مانُ ۽ عزت ڏني ويندي هئي.

اهي ماڻهو سنڌ ڌرتي ڄاوا ناهن، جيڪي پنهنجون نياڻيون ٽڪن عيوض 60 سالن جي ماڻهن کي پرڻائي ڏين ٿا يا وري پنهنجن ڪرتوتن جي عيوض نياڻيون ۽ ونيون جوا ۾ هارائي ڇڏين ٿا. پاڻ خون ڪن ٿا ۽ خون جو عيوضو چڪائڻ لاءِ معصوم نياڻيون سڱ چٽيءَ ۾ ڏئي پنهنجي زندگي بچائن ٿا يا وري اهي ماڻهو جيڪي اهڙو فيصلو ڏئي سٺو محسوس ڪن ٿا.

اهي ڪهڙا مڙس ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي مخالفن جي معصوم نياڻين کي اغوا ڪري وڃن ٿا. سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن ته طاقتور ماڻهن جا لاڏلا ڇوڪرا ڳوٺ جي غريب هارين، مزدورن ۽ مسڪينن جي نياڻين سان ڏاڍايون ڪري انهن کي گوليون هڻي ماري ڇڏين ٿا ۽ پوءِ وري پاڻ کي مڙس ماڻهو سڏائن ٿا. هڪ خبر ته ايڏي افسوس ناڪ هئي جو، شايد خيرپور ضلعي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ وڏيرن عورت تي ڪتا ڇڏيا، جن ان کي زخمي ڪري وڌو. ڪي ته وري اهڙا بزدل آهن جو شادي نه ٿيڻ جي صورت ۾ يا وري دوستي نه رکڻ ڪري ڇوڪرين مٿان تيزاب هارين ٿا. اڃا به ڏسو ته ڪجهه ماڻهو پاڻ چار چار شاديون ڪن ٿا پر پنهنجي نياڻين جي عمر ختم ٿيڻ تائين انهن کي قيد ۾ رکي ملڪيت جي ورهاست کي روڪن ٿا.

اڳي پنجاب جي علائقن ۾ اهو پڙهبو هو ته عورتن کي ڪپڙن کان آجو ڪري شهر ۾ گهمايو ويو پر سنڌ ۾ اهو ڪڏهن ڪونه ٿيو هيو پر هڪ واقعي ۾ ته سنڌ ۾ به اهو رپورٽ ٿيو ته ڪنهن نينگريءَ کي ڀڄائڻ جي ڏوهه ۾ نوجوان جي ڀيڻ سان ڏاڍائيءَ جو فيصلو ڪيو ويو. هڪ ٻي خبر ۾ اهو به هيو ته ڪنهن شخص هڪ زميندار کي سامهون جواب ڏنو جنهن تي زميندار اهو حڪم ڪيو ته جيڪو ان شخص جي پٽ سان جنسي تشدد ڪندو ان کي ڪجهه ايڪڙ زمين ڏني ويندي. هي سڀ ڪجهه اخبارن ۾ آيو پر ڪنهن به ان جو نوٽيس نه ورتو. هڪ علائقي ۾ مڙس دوستن سان گڏجي پنهنجي ئي زال کي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايو.

ٻيو ته ٺهيو پر جڏهن ڪنهن سان ڏاڍائي ڪن ٿا ته ان جي وڊيو موبائل تي ڀري فيس بڪ يا انٽرنيٽ تي رکن ٿا. نابالغ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن سان ڏاڍائي ڪري انهن کي ماريو وڃي ٿو ۽ پوليس هميشه وانگر پيسا وٺي ڪيس دٻائي ڇڏي ٿي يا وري ٻارن جي مالڪن کي ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائي، ڌمڪائي چپ ڪرايو وڃي ٿو. ٻنين، ڪارخانن ۽ ٻين ادارن ۾ ڪم ڪرڻ وارين عورتن سان به وڏي زيادتي ڪئي وڃي ٿي پر هو پنهنجو آواز پاڻ ئي بند ٿيون ڪري ڇڏين. ڇو جو هو ڄاڻن ٿيون ته وري به بدنامي انهن جي ئي ٿيندي. ٻي ڳالهه اڄڪلهه جيڪا سامهون آئي آهي ته ڪافي مردن ڪمائڻ کي الوداع چئي ڇڏيو آهي ۽ عورتن کي چون ٿا ته اُهي ڪمائي اچن ۽ پاڻ سڄو ڏينهن هوٽل تي چانهه ويٺا ٿا پيئن ۽ ڪيبل تي فلمون ٿا ڏسن.

سنڌ هاڻي عورتن لاءِ جهنم بڻجندي پئي وڃي، جتي ان جي عزت محفوظ نه رهي آهي. جڏهن ته ڪو وقت هو جو عورت ڪٿان لنگهندي هئي ته ماڻهو ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيندا هيا يا وري ڀت ڏي منهن ڪري بيهندا هيا. ماڻهو مٿي اگهاڙو يا بٽڻ کولي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ به نه گهمندا هيا. سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ضمير کي جاڳائڻ گهرجي ۽ سنڌ ۾ عورت جي تقدس کي بحال ڪري پاڻ ملهائڻ کپي ۽ جيڪي ٻين سان ظلم ۽ زبردستي ڪن ٿا انهن کي سوچڻ گهرجي ته انهن جي گهرن ۾ به نياڻيون آهن. اڳ ۾ ئي اسان تي ڌاڙيل ڪلچر جو داغ لڳل هيو وري هاڻي وري اها سڃاڻ، سنڌي سماج کي اڃا به داغدار بڻائي ڇڏيندي. سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين کي انهيءَ مامري تي ضرور ويچارڻ گهرجي ۽ اهڙي منفي سڃاڻ کان بچڻ لاءِ ڪو لائحه عمل ڳولڻ گهرجي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *