تازيون خبرون

سنڌ، سياسي دل ۽ سياسي شعور جي کوٽ ؛وينگس

”اسان سڀئي اڄڪلهه ڪجهه اهڙي ئي ٻوساٽيل سماج ۾ ساهه کڻون پيا، جڏهن به تون سچائي ۽ اصولن تي هلندي، ان وقت تون اِهو سمجهي وٺ، تون اڪيلو هوندي ۽ تنهنجي آواز کي ڪير به ٻڌڻ پسند نه ڪندو.“

مون کي هي لفظ ڇو ياد اچن پيا، شايد سماج ۾ انهن ٻنهي جو کوٽ ڏسي هي لفظ منهنجي اندر مسلسل زور سان دستڪ ڏئي رهيا آهن، لفظن کي ڳالهائڻ انتهائي آسان آهي توهان ڪنهن کي به اسٽيج تي گهرائي سچائي ۽ اصولن تي ڳالهرائي سگهو ٿا پر اصل ۾ انهن جا چهرا ڏسو، توهان کي ڀيانڪ نظر ايندا، جن وٽ سچائي ۽ ايمانداري جو ڪو وجود ئي ناهي.

سچائي ۽ اصولن تي هلڻ ڄڻ تلوار جي ڌار تي هلڻ جيان آهي جنهن ۾ هر قدم تي زخمي ٿيڻ پهريون شرط آهي، ان تي اهي ئي هلي سگهن ٿا جن جي دل بهادر ۽ روح هر گهاو جو ڌڪ جهلي سگهي.

اهي، جن وٽ سچائي ۽ اصول صرف زباني خرچ آهن اهڙن کوٽن سڪن سان سماج ڀريل آهي جنهن سماج جا رکوالا، ٺيڪداري ڪرڻ شروع ڪن، جيڪي سچائي ۽ اصولن کي شو پيس ڪري استعمال ڪن، ان سماج جي سياسي دل ڪمزور ٿي ويندي آهي.

انسان اڌ ماني ٽڪر تي گذارو ڪري سگهي ٿو پر انسان جي ذهن تي تالو هنيو وڃي ۽ ان کان سوچڻ جي سگهه کسي وڃي ته پوءِ ان جو نقصان صرف هڪ انسان کي نه پر پوري سماج کي پهچندو آهي. سماج، ان وقت تباهه ٿئي ٿو جڏهن ان جي عوام کي انڌير نگري ۾ ڦٽو ڪري، ان جي سوچ جي جوت کي وساميو وڃي ٿو.

اسان سڀئي انهن شين تي واويلا مچائي رهيا آهيون جيڪي اصل بيماري ڪري پيدا ٿيون آهن اصل مرض تي ڪير به ڳالهائڻ لاءِ تيار ڪونهي، ڇاڪاڻ جو هر هڪ وٽ پنهنجا، پنهنجا ذاتي مفاد آهن. ماضي ۾ جهاتي پائي ڏسون ته اسان جي سامهون اهي ڪردار ايندا جن جو قد وڏو ان ڪري آهي جو انهن سچ جي چيچ نه ڇڏي ۽ جيڪڏهن توهان هاڻوڪي دور ۾ نظر ڦيرائي ڏسو ته توهان کي پتڪڙا ماڻهو نظر ايندا جيڪي بظاهر وڏو ڪردار ٿي پيش ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا.

سماج آخر اهڙن ناٽڪي ڪردارن ۽ کوٽن سڪن کي ڇو نه پيو ڏسي سگهي؟ ڇا هن سماج جون اکيون نه ٿيون ڏسي سگهن ته سنڌ جي سياسي دل ڪمزور ٿي وئي آهي، هتي اصل مرض سياسي دل جو ڪمزور ٿيڻ آهي.

هينئر جيڪي سياسي پارٽيون، سياست ڪري رهيون آهن انهن جي سياست، رکوالي نه پر ٺيڪداري جو ڪم ڪري پئي ۽ انهيءَ جي ڪري اڪثريت کي نقصان پهچي رهيو آهي. هاڻي جنهن وقت جي گهٽيءَ مان گذريون پيا ان ۾ دنيا گهڻي اڳتي ترقي ڪري چڪي آهي ۽ سنڌ اڳتي وڌڻ بجاءِ وڌيڪ پٺتي ٿيندي پئي وڃي.

سنڌ جي ترقي صرف روڊ رستن واري ترقي ناهي جو تنقيد ڪرڻ لاءِ تنقيدي پٿر کڻي حڪومتن کي هڻي ڏيو پر مسئلو پوءِ به اتي ئي رهندو. سڀاڻي حڪومت پوري صوبي ۾ ترقي ڏياري ڇڏي ۽ ڏيکاءُ واري ترقي عوام جي سامهون اچي وڃي پر مرض سماج جي رڳن ۾ ڊوڙندو رهندو.

آسمان هيٺ انهن قومن ترقي ڪئي آهي جن وٽ سياسي دل مضبوط آهي انهن کي ڪير به ڌوڏي ناهي سگهيو. اهڙي ئي مضبوط سياسي دل سنڌ وٽ ايوب ۽ ضياءَ جي دورن ۾ هئي جن پنهنجي سياسي شعور سان آمريت جو مقابلو ڪيو. انهن جي آڏو اصول ۽ عوام جا مفاد عزيز هئا انهن ڪڏهن به سياسي دل کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو.

مون کي ياد آهي ته هڪ پنجابي اديب مون کي چيو ته ”مس وينگس آپ ڪا ريهڙي چلاني والا ڀي سياست په بهت اڇي بحث ڪرليتا هي.“ پر اڄ جڏهن سنڌ جي ريهڙي هلائيندڙن کي هڪ پاسي تي رکو، توهان انهن ماڻهن سان ڳالهايو جيڪي سياسي يا سماج ۾ اهم سيٽ تي ويٺل آهن، انهن جي سياسي سوچ کي ڏسي، سنڌ جي قسمت تي ترس ايندو آهي ته واقعي ۾ به هي اُها ئي سنڌ آهي يا هن جي سيني مان خوبصورت آواز مري چڪا آهن…!

سنڌ جي هلندڙ صورتحال سنڌ سياسي طورتي يتيم ٿي چڪي آهي ۽ ڪنهن يتيم ٻار جي بدحالي ائين ئي هوندي آهي جيئن سنڌ جي ٿي چڪي آهي. سنڌ جي سياسي يتيمي جو الزام ڪنهن ٻئي تي نه ٿا هڻي سگهون هميشه گهات هڻندڙ پنهنجا ئي هوندا آهن.

سنڌ جي سياسي ڪمزور تي عذر پيش ڪيو ويندو آهي ته سنڌ صوفي ازم جي پروي ڪندڙ آهي. ان کان ڪير به انڪاري ناهي پر صوفي ازم جو مطلب اهو هرگز ناهي جو دانهه ڪرڻ ڇڏي ڏجي يا سچ تي تالو هڻي خاموشي اختيار ڪجي. صوفي ازم وٽ ٻٽي معيار رکندڙ ماڻهن جي ڪا به گنجائش ناهي. اهي سياسي پارٽيون جيڪي پاڻ کي صوفي ازم جي راهه تي هلندڙ سڏن ٿيون اهي پاڻ ٻٽي معيار يا وري ابن الوقت جهڙن ماڻهن سان سمجهوتو ڇو پيون ڪن؟سنڌ جي سياست ۽ سياسي شعور ختم ٿيندو پيو وڃي هاڻي اها سياسي سگهه ناهي رهي جو سنڌ پنهنجن مسئلن کي رکي سگهي.ها! سنڌ جي سياسي سگهه مضبوط هئي پر هاڻي اها ڪمزور ٿي چڪي آهي. ان جي ذميواري سنڌ جي سياسي پارٽين تي وڃي ٿي پوءِ پارليامينٽري يا قومپرست پارٽيون هجن هي سڀئي سياسي پارٽيون سياست کي ڪمزور ۽ هتان جي سياسي شعور کي زنگ هڻي رهيون آهن.نهن سڀني سياسي پارٽين پهرين مرحلي ۾ سياسي پارٽين مان اسٽيڊي سرڪل کي ختم ڪيو جن جيڪڏهن قائم به رکيو آهي ته نه ان جي ڪا اهميت آهي، صرف نالي ماتر اسٽيڊي سرڪل کي رکيو ويو آهي.

سياسي پارٽين اسٽيڊي سرڪل کي ڇو ڪمزور ڪيو؟

انهن کي چڱي ريت خبر آهي ته جيڪڏهن سياسي شعور کي ڪتابن جي چڻنگ لڳي ته پوءِ انهن (اڳواڻن) جي بوگس سياست هلي نه سگهندي. اسٽيڊي سرڪل کي ختم ڪرڻ مطلب معاشري مان ”سوال“ پڇڻ جي سگهه کي بند ڏئي ڇڏڻ آهي، نه ئي سوال ڪندا ۽ نه ئي جوابده ٿيندا. ”سوال“ جيڪو شعور جي طاقت ۽ بهار ڪردارن کي جنم ڏئي ٿو. اهو سڀ ڪجهه ختم ڪرڻ لاءِ پوري سازش رچائي وئي آهي.

سياسي اسڪولنگ کي سوچي سمجهي ختم ڪيو جو هاڻي سياسي شعور جي کوٽ ٿيندي نظر پئي اچي. سياسي اسڪولنگ، جلسن ۾ نعره هڻڻ ۽ جهنڊا جهلي ٿيڻ سان ناهي ٿيندي.

سنڌ جا نوجوان ڪنهن به مسئلي کي پيش نه ٿا ڪري سگهن، ائين بلڪل به ناهي ته سنڌ جو نوجوان محنتي ناهي، اهي پنهنجي سر محنت ڪن پيا.

انهن (نوجوانن) جو جنم هڪ اهڙي دور ۾ ٿيو جتي موبائيل ملڻ آسان آهي پر سماج مان سياسي اسڪولنگ تي تالو هنيو ويو آهي.

حڪومت ٻارڙن جي لاءِ اسڪول پوري سنڌ ۾ ڪڏهن کوليندي پر سياسي پارٽين کان ڪير پڇي ته انهن پنهنجن پارٽين اندر سياسي اسڪول تي تالو ڇو هنيو آهي؟ سياسي اسڪولنگ – اسٽيڊي سرڪل  جو سياسي پارٽين مان ختم ٿيڻ جو سڌو سنئون ٽارگيٽ سنڌ جي سياسي شعور کي قتل ڪرڻ آهي.

ان جو اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سامهون سنڌي شاگرد سياسي پارٽين جا نعره هڻندا پر ڪٿي نه ڪٿي انهن ۾ سياسي کوٽ محسوس ٿيندي. حڪومت يونيورسٽين اندر شاگرد يونين تي پابندي مڙهي سگهي ٿي پر پارٽين اندر اسٽيڊي سرڪل ۽ سياسي اسڪولنگ تي پابندي حڪومت به مڙهي نه ٿي سگهي ان جي باوجود به سياسي پارٽين کي معاشري جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري پڇو ته انهن پنهنجن پارٽين مان اسٽيڊي سرڪل کي ڪمزور ڇو ڪيو آهي؟

افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته ان جي مٿان بندش خود سياسي پارٽين هنئي آهي جو نوجوان نسل سياسي پارٽي جي اڳواڻن اڳيان اکيون بند ڪري گول دائري ۾ چڪر لڳائيندو رهي. سنڌ جي اهم يونيورسٽين ۾ مذهبي جماعت الدعوه اچي پئي ان تي ڪنهن به سياسي پارٽي هاءِ گهوڙا نه ڪئي ته ان سان سياسي شعور جو قتل ٿيندو ڪنهن ڪجهه به نه ڳالهايو سڀئي هڪ ئي ليڪي تي بيٺل آهن. عوام جي ڳالهه يا اهي جيڪي سنڌ جو نالو کڻن ٿا، سڀئي پنهنجن ذاتي مفادن کي اڳيان رکي هلن پيا.

جيستائين سنڌ پنهنجي سياسي شعور کي ٻيهر نئون جنم نه ٿي ڏئي ۽ سياسي دل کي مضبوط ڪري اڳيان نه ٿي اچي ته پوءِ سنڌ ختم ٿي ويندي. اڄڪلهه سنڌ کي مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جهڙن مسئلن جي دلدل ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

جيڪڏهن ڪير به اهو چاهي ٿو ته اهي انتهاپسندي جي ڪينسر کان سنڌ کي بچائڻ گهُرن ٿا ته پوءِ سنڌ جي سياسي سگهه کي نئين سر جنم ڏيڻو پوندو.

سنڌ جي نوجوانن کي سياسي پارٽين اندر اسٽيڊي سرڪل کي ٻيهر کولڻو پوندو جنهن ڏينهن سنڌ جي نوجوان اسٽيڊي سرڪل ۽ سياسي اسڪولنگ ڪرڻ شروع ڪئي ان وقت پارٽين اندر موجود ون مين شو ختم ٿيندو. دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته پارليامينٽري پارٽين اندر ون مين شو سمجهه ۾ اچي ٿو ڇو جو اهي پاور پالٽيڪس ڪندڙ آهن پر سنڌ جون قومپرست پارٽيون، پاڻ پارليامينٽري پارٽين جي ڪاپي ڇو پيون ڪن؟ قومپرست پارٽين ۾ اڳواڻ جي چونڊ بنا مقابلي به ٿيڻ لڳي آهي. اهڙي سياست کي ڏسي صرف افسوس ئي ٿئي پيو ته ڇا سنڌ جي سياست ڪڏهن ائين روپ اختيار ڪندي!

اهڙي سياسي انداز سان سياسي پارٽيون سنڌ جي سياست کي هلائينديون ته پوءِ سنڌ جي سياسي دل، موت جي چادر اوڙهي سگهي ٿو.

سنڌ جي سياسي شعور کي نئون ساهه ۽ سوچ تي قدم رکڻو پوندو ان ڪري سنڌ واسين کي پاڻ پنهنجي بنيادي مسئلن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي سياسي دل جو علاج نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ ڪيئن قدم کڻي سگهندي؟ جنهن جسم مان شعور ۽ دل کي ڪڍي ڇڏجي ته پوءِ ان جسم ۾ ڇا باقي رهندو؟

سنڌ جي سياسي پارٽين کي ٺيڪداري واري سياست کان ٻاهر نڪري، سياست کي وڌيڪ ڪمزور ٿيڻ کان بچائڻ گهرجي. سنڌ کي ايڪڙ ٻيڪڙ احتجاجن جي ضرورت ناهي جيتري سنڌ کي سياسي پارٽين اندر اسٽيڊي سرڪل ۽ سياسي اسڪولنگ جي سخت ضرورت آهي.

سنڌ وڌيڪ سياسي شعور جي کوٽ برداشت نه ٿي ڪري سگهي. سنڌ جي نوجوانن مٿان ذميواري اچي پئي ته اهي پاڻ کي ڪهڙي پاسي رکڻ چاهين ٿا، ڇا اهي ٻوساٽيل ماحول ۾ اکيون بند ڪري گول دائري ۾ چڪر کائيندا رهندا يا وري پنهنجي دور کي بهادر سياسي دل جي ڌڙڪن ڏيندا؟

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *