تازيون خبرون

سماج لاءِ ناسور بڻجي ويل ڪرپشن ۽ ناانصافيون!: نسيم بخاري

اسان جي سماج ۾ گهڻ رخيون سازشون سدابهار رهنديون آيون آهن. هر هنڌ ڪو ڪنهن جون ڄنگهون ڪڍڻ ۽ ڪو ڪنهن جو ترو ڪڍڻ ۾ رڌل رهي ٿو. اهڙي ماحول ۾ عام، شريف ۽ فرض شناس ماڻهوءَ کي وک وک تي جن انيڪ للڪارن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، تن جي پيڙا ۽ انهن جو داستان تمام ڊگهو آهي، هتي آئون رڳو هڪ واقعي جو حوالو ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪو هڪ بئنڪ ڪيشيئر ۽ ان جي خاندان جي زندگيءَ ۾ ڀونچال آڻي ڇڏي ٿو، جنهن جو جُرم رڳو اها بغاوت هوندي آهي ته هو اليڪشن وارن ڏهاڙن ۾ ايم اين اي جي اُميدوار جي حامين کي پنهنجي گهر جو ڪمرو پارٽي آفيس کولڻ لاءِ نه ڏيندو آهي. پوليس جي معرفت ان سان جيڪي جٺيون شروع ٿين ٿيون، سي گهٽجڻ جو نانءُ ئي نه ٿيون وٺن، ويتر اهي وڌنديون ئي رهن ٿيون.

هڪ ڏينهن ٿاڻي جو حوالدار اچي کين زور زبردستي اهو قبولرائڻ جو ڪم وٺي ٿو ته هنن جي گهران ٻارنهن سال اڳ چوري ٿيل ٽيبل فين هڪ چور وٽان هٿ آيو آهي، جنهن ان جرم سميت ڪيترن ئي ٻين ڏوهن جو اعتراف به ڪيو آهي، سو پنهنجي شيءِ هو وصول ڪري هن جي پيءَ بيزار ٿي پکي جي چوريءَ واري ڳالهه مڃي وٺي ٿو، کين پابند بڻايو وڃي ٿو ته ٻئي ڏينهن تي ٿاڻي پهچي پنهنجي امانت وصول ڪئي وڃي. همراهه ٿاڻي پهچي ٿو ته کيس عدالت هلڻ جو چيو وڃي ٿو، جتان جج وٽان سندس پکي حوالي ٿيڻ جي لکت ۾ اجازت وٺڻي آهي. ڪورٽ ٻاهران حوالدار کيس ٻه منٽ انتظار جو چئي هليو وڃي ٿو، جتي ٻن ٽن ٻين پوليس وارن ٻن عورتن ۽ ٻن ٽن ماڻهن کي فحاشيءَ جي تهمت مڙهي گرفتار ڪيو هوندو آهي. هن همراهه کي به ڇڪي ان تهمت جي طوفان آڏو بيهاريو ٿو وڃي. ايتري ۾ حوالدار پهچي وڃي ٿو ۽ پنهنجي ساٿين کي 2000 ڏئي هن جي جان ڇڏائي بعد ۾ اُهي پيسا هن کان واصول ڪري ٿو. همراهه رڙيون ٿو ڪري ته جڏهن ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث ئي ناهيان ته رشوت ڇاجي!؟ حوالدار سمجهائي ٿو ته تو ڏوهه ڪيو هجي يا نه پر ان ڳالهه جي منظر عام تي اچڻ سان توکي جيڪو تعارف ملي ها اهو بهتر هو يا 2000 روپيا وڏا آهن!؟

هن کان 100 روپيا ٻيو به وٺي حوالدار چئي ٿو اڄ گواهه ناهي آيو، هيءَ منهنجي خرچي آهي، سڀاڻي توکي پڪ سان پکو ملندو. ٻئي ڏينهن تي وري گواهه نه ٿو اچي، گواهه هڪ ڪيبن هلائيندو آهي، جيڪو ان شرط تي ڪورٽ اچڻ لاءِ آماده ٿئي ٿو ته کيس ڏهاڙي ڀري ڏني وڃي، همراهه اها چٽي به ڀري ٿو، ڪورٽ اچن ٿا ته هن جي وڪيل نه هئڻ وارو معاملو آڏو اچي ٿو، حوالدار کيس وڪيل ڪري ڏيڻ ۽ ان کي گفٽ طور ٽچ وارو وڏو موبائل سيٽ وٺي ڏيڻ تي جبري طور آماده ڪري ٿو. ٽئين ڏينهن تي وري جج موڪل تي وڃي ٿو. گواهه جي ٻئي ڏينهن جي ڏهاڙي به ضايع ٿي وڃي ٿي، اڳين ڏينهن تي پکي جي حاصلات واري رسيد ته ميسر ٿي ٿي وڃي پر سندس ڪورٽ ٻاهران بيهاريل موٽر سائيڪل کسڪائي ٿي وڃي. حوالدار موٽر سائيڪل چورن سان رابطو ڪري انهن وٽ وٺي وڃي ٿو. معاملو 3000 هزار ڀنگ تي طئي ٿئي ٿو. بينڪ ڪئشيئر چوي ٿو چور کي پڪڙي نه ٿو، ڀنگ مون کان ٿو ڀرائين، اهو ڪهڙو انصاف آهي. هنن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته مان مٿي تنهنجي شڪايت ڪندس، حوالدار داٻو ڏيندي ڌمڪائي ٿو ته انهن چڪرن ۾ پوندي ته 6 مهينا تڪليف ۾ اچي ويندين.

ڀڳل پکي جي حاصلات توکي گهٽ لوڙايو آهي. مجبور ٿي همراهه کيسي ۾ رکيل 2100 روپيا ڏئي جان ڇڏائي ٿو. ٿاڻي تي پهچي وڏي منشي کان پکو گهري ٿو ته اهو کيس ٿيلهي آڻڻ لاءِ چوي ٿو، جنهن ۾ پکو کيس کڻي وڃڻو آهي. وڏي منشيءَ سان ٿوري ڇڪتاڻ ٿئي ٿي. همراهه پکو ته وٺي گهر پهچي ٿو پر رات جو ايس ايڇ او وٽس پهچي منشيءَ سان منهن ماري واري معاملي تي داٻا ڏئي رشوت وٺي جند ڇڏي ٿو.

بئنڪ ڪيشئر جو سڄو گهر پريشانيءَ ۾ وٺجي وڃي ٿو کيس والد ان منحوس پکي مان جند ڇڏائڻ لاءِ چئي ٿو هو رات جو ٿيلهيءَ ۾ پکو کڻي ڦٽي ڪرڻ لاءِ نڪري ٿو ته روڊ تي بيٺل چيڪنگ لاءِ پوليس کيس تنگ ڪري ٿي. پکي جي مالڪيءَ جي تصديق طلبي ٿي ۽ نيٺ رشوت وٺي اڳتي وڃڻ ڏي ٿي، جنهن پل تان هو نديءَ ۾ پکو اڇلائڻ چاهيندو آهي تنهن تي پوليس جي چرپر ۽ ماڻهن جي اچ وڃ سبب پکو اڇلائي نه سگهندو آهي. ٻئي ڏينهن تي همراهه بس ۾ سوار ٿي سيٽ جي هيٺيان پکو رکي پاڻ لهي وڃي ٿو ته ڀرسان ويٺل همراهه اهو پکو کڻي کيس بينڪ ۾ وڃي ڏئي اچي ٿو. ٽئين ڏينهن تي هو هڪ هوٽل تي چانهه جو آرڊر ڏئي پکو رکي پاڻ هليو وڃي ٿو. ان دوران هڪڙا دهشتگرد به ساڳئي ٿيلهي ۾ بم رکي هليا وڃن ٿا. هوٽل جو بيرو غلطي سان بم وارو ٿيلهو کڻي ڀڄندو همراهه وٽ اچي ٿو ٿورو اڳتي هلي فوٽ پاٿ تي بيهي هو ڪجهه خريد ڪري ٿو ۽ ٿيلهو اتي ئي ڇڏي وڃي ٿو پر ٿوري دير ۾ جنهن کان ڪجهه هن خريد ڪيو هوندو آهي سو ڀڄندو ڀڄندو همراهه جي ٿيلهو حوالي ڪندو آهي.

همراهه نيٺ ٿيلهو نديءَ ۾ اڇلائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو ته بم ڦاٽي پئي ٿو، پوليس دهشتگردي جي الزام هيٺ کيس گرفتار ڪري وڃي ٿي. ڪيسن سان منهن ڏيڻ ۽ انهن مان جند ڇڏائڻ لاءِ هنن کي پنهنجو گهر وڪڻڻو پئجي وڃي ٿو. همراهه جيئن آزاد ٿي گهر پهچي ٿو ته ڪرپٽ ۽ بدعنوان ايم اين اي به هن وٽ پهچي وڃي ٿو ۽ مبارڪ ڏيڻ سان گڏوگڏ اهو به ٻڌائي ٿو ته اسان جي ورڪرن کي تو ڪجهه ڏينهن جي اليڪشن جي ڪيمپ لاءِ گهر جو هڪڙو ڪمرو نه ڏنو هو هاڻ تنهنجو اهو گهر خريد ئي مون ڪيو آهي، جيڪو تمام جلد پارٽيءَ جي آفيس طور ڪتب ايندو.

اهو ته هڪڙو واقعو ۽ هڪڙو حوالو آهي پر اسان جي سماج ۾ عام ماڻهوءَ کي وک وک تي جن انيڪ عذابن ۽ المين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو تن جا وِچُور تمام وڏا آهن. مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي هڪڙي اڻ کٽ قطار جو سلسلو آهي، جنهن کي وقت ۽ حالتون تسلسل ته بخشين ٿيون پر ان مان جند نه ٿي ڇُٽي. مٿي جنهن واقعي جو ذڪر ڪري آيو آهيان سو انڊين فلم ”گلي گلي چور هي“ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جي ترجمان آهي.

ان فلم جو جيڪو نالو آهي اهو ئي ان جو ٽائيٽل سانگ به آهي:

”گلي گلي شور هي، ڪرپشن ڪا دور هي،

چورون سي بندهي هوئي، چورون ڪي ڊور هي.

مٿين صورتحال اڄوڪي تناظر جي سچي پچي تصوير آهي ۽ تبديلي جي ڀرپور تمنائو آهي. اها تبديلي جيڪا وقت ۽ حالتن جي ضرورت آهي ۽ جنهن کانسواءِ هن سماج اندر خوشگوار مثبت ۽ جٽادار سڌارا ممڪن نه ئي آهن. اها اڻٽر آهي هر صورت ۾ ان کي يقيني بڻجڻو آهي ۽ ان سان ئي معاشري جي سمورن مرضن جو علاج ممڪن آهي، جنهن لاءِ ضروري آهي ته اسان کي هر ممڪن حد تائين ڪرپشن مخالف ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مهاڏو اٽڪائڻو پوندو، بغاوت ڪرڻي پوندي.

سماج کي عوام دشمن قوتن جون سرگرميون، نيتون ۽ عمل ايترو نقصان نه ڏيندا آهن جيترو حساس ماڻهو جي لاپرواهي ۽ خاموش تماشائي واري ڪردار جي ادائگي نقصان ڏيندي آهي. هن جي اها سانت ڏوهارين کي ڏڍ بخشيندي آهي. ڪرپٽ سياستدانن ۽ نااهل حڪمرانن جي دل وڌائيندي آهي. اها ڪامورن ڪڙن کي بي لغام بڻائي ڇڏيندي آهي ۽ ان سڄي صورتحال جي نتيجي ۾ جهڙيءَ ريت سماج جو توازن بگڙجندو آهي، تنهن جا حال اسان اوهان سڀني جي آڏو موجود آهن.

اسان جي سماج ۾ عام ماڻهو ۽ ڪميٽيڊ سياسي ورڪرن جا خواب ڪهڙيءَ ريت چڪناچور ٿيندا آهن. ان کي ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ هونئن ته اسان جون حالتون ۽ انهن ۾ پيش ايندڙ واقعا ئي وڏي ڳالهه آهن پر ڪرپٽ سياسي ڪلچر ۽ عوام دشمن قوتن توڙي ڏوهارين جي ڳٺ جوڙ کي وائکي ڪرڻ لاءِ نور الهديٰ شاهه جي ڪيترا سال اڳ پي ٽي وي تي قسطوار سيريل ”تپش“ به انيڪ حقيقتن کي اگهاڙو ڪري عوام جون اکيون کولي وئي هئي. اها سيريل هاڻ به يوٽيوب تي موجود آهي پر اسان مان ڪنهن وٽ ايترو وقت ئي ڪيترو آهي جو اهڙيون سيريلز ڏسون.

حقيقت ته اها آهي ته اهڙين ڊاڪيومينٽريز جون لکين سي ڊيز ٺاهرائي عام ماڻهن ۾ مفت ورهايون وڃن، ڪيبل نيٽ ورڪ جي معرفت هلايون وڃن، اهڙين سرگرمين سان عام ماڻهو ۾ سياسي ۽ سماجي تحرڪ واري گرمي پيدا ڪري سگهجي ٿي.

انڊين فم ”گبر“ ۾ هڪڙو عام ماڻهو سڄي ڪرپٽ سسٽم لاءِ خوف جي علامت بڻجي ويندو آهي. انيل ڪپور جي فلم ”نائيڪ“ ۾ هڪ ڏينهن جي وڏ وزارت سڄي سماج جي صورتحال بدلائي ٿي ڇڏي، اهي فلمون ۽ اهي ڊراما معاشري لاءِ آڪسيجن ۽ اتساهه جي علامت ثابت ٿيڻ ڪاڻ مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرايا ويندا آهن پر اسان وٽ ان حوالي سان انهن جو اثرائتو ۽ لاڀائتو ڪردار عملي طور تي ٿي به ۽ ڪڏهن به منظرعام تي نه اچي سگهيو آهي. سوال اهو آهي ته آخر اهو ائين ڇو آهي؟ ڇا سبب آهي جو تبديلي جي تمنا باوجود اسان متحرڪ نه ٿا ٿيون. ٻين جا بار پنهنجي ڪلهن تي نه به کڻون پر پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪريون ته اها ڳالهه به وڏي غنيمت آهي. اردو جو هڪڙو شعر آهي ته:

شڪوه ظلمت شب سي ڪهين بهتر ٿا،

اپني حصي ڪي ڪوئي شمع جلاتي جلاتي.

هر طرف ۽ هر هنڌ رڳو منفي معاملا آهن، مايوسين ۽ محرومين جا ٿاڪ آهن، ڪٿي به ڪا اُميد جي چڻنگ ٻرندي ۽ دُکندي نظر نه ٿي اچي، ان حوالي سان جيڪڏهن ڪٿي ڪا اتساهيندڙ صورتحال سامهون اچي ٿي ته ان کي اڳتي وڌڻ نه ٿو ڏنو وڃي، ان جي راهه ۾ سوين رڪاوٽون آهن. اها انيڪ الجهنن جي ور چڙهي يا ته وجود ئي وڃائي ويهي ٿي يا ته پنهنجي مقصد کان ئي ٿڙي وڃي ٿي. اوهان ڪو به ٽارگيٽ کڻو، ڪنهن به پراجيڪٽ ۾ هٿ وجهو ۽ ڪنهن به مشن سان اڳتي نڪري پئو، شروع شروع ۾ ته توهان جي ارادي سان ئي هزارين اختلاف ٽڪراءَ ۾ ايندا پر جي توهان ثابت قدم سچار ۽ بااعتماد انسان آهيو ته پوءِ توهان کي نت نون مشورن ۽ صلاحن توڙي تجويزن جا اهڙا ۽ ايڏا ته تحفا ملڻ شروع ٿي ويندا جو اوهان جو دماغ چڪرائجي ويندو. منزل وسري ويندي ۽ مقصد فوت ٿي ويندو.

اسان کي ان رجحان ۽ رويي کي هٿي ڏيڻ بدران ان جو ڳلو گهٽي ساهه ڪڍڻو پوندو، اسان کي اهڙن ماڻهن ۽ عنصرن کان الڳ ئي مثبت سوچ رکندڙ حلقي جي ويجهو اچڻو پوندو، آڪسيجن رڳو وصول ڪرڻ ڪافي ناهي پر ٻين لاءِ آڪسيجن بڻجڻ وارو عزم به پنهنجي ايجنڊائن ۾ شامل ڪرڻو پوندو. ها جڏهن ائين ٿيندو تڏهن ئي ڪرپشن سميت سماج لاءِ ناسور بڻيل سڀني مرضن مان ڇوٽڪاري جي شروعات ٿيندي!

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *