تازيون خبرون

سارنگ سار لهيج الله لڳ اڃين جي ( سر سارنگ  ): تحرير ربنوا راز ڄامڙو

ڪافي ڏينهن کان ملڪ ۾ مينهوڳي مند هلي رهي آهي .  مون کي به خيال آيو ته سر سارنگ جي روشني ۾ مينهوڳي مند  کي پنهنجي ڪالم جي زينت بڻايان  ته منهنجا سائين ! مينهن هڪ اهڙي نعمت آهي جنهن جي آبياري سان مئل زمين ۾ به ساھ پئجي ويندو آهي ان ڳالھ نه ڪو شڪ ۽ نئي وري ڪو گمان آهي اها هڪ مڃيل مڃايل حقيقت آهي . منهن  جو وسڪارو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن چوماسي هوائون لهرا ڏينديون آهن ته آسمان تي ڪڪر ( بادل) سوڻ جا ويس ڪري منڊلن کي ابر رحمت جو وسڪارو ڪري  بوکڙو وڻن کي ساوڪ جي سونهن بخشيندو آهي برسات جي پاڻي کي پلر ، مينهن چئبو آهي جڏهن ته جنهن ٻاڦ مان مينهن وسندو آهي انکي ڪڪر ، بادل ، جھڙ  ۽ آگم سڏبو آهي    لفظ سارنگ جي معني!  مختلف اديبن پنهنجي پنهنجي حساب سان بيان ڪئي  آهي  ڪن مينهن ، ڪن مينهن جو پاڻي ڪن وري مور پکي جو ناچ ڪڍي آهي اصل ۾ سا مان مراد ( اها ) وٺي سگھجي ٿي سا اشاري طور استعمال ٿيل آهي رنگ مان مراد جھلڪ آهي جنهن سان زمين تي موجود گاهن ۽ وڻن ۾ هريالي اچي .   هن روح زمين تي پاڻي يا ته  تباهي آندي آهي يا زمين کي رونق بخشي آهي ڪڏهن پاڻي اڻلڀ هوندو آهي ته ڪڏهن مينهن جي پاڻي تباهي مچائي زميني حقيقتن کي اکيڙي ان جا هليا مٽائي ڇڏيندو آهي جڏهن ته پاڻي زندگي جي وجود جو اهڃاڻ به آهي. جڏهن پاڻي اڻلڀ ٿي ويندو آهي پکي پکڻ انسان توڙي حيوان ٻاڪاريندا آهن هن ڪائنات جي خلقڻهار کان مينهن گھرندا آهن . خاص ڪري ريگستاني علائقن ۾ اڄ به پاڻي اڻلڀ آهي جتي زندگي گھارڻ ڏکيو ڪم آهي هاڻي ته پاڻي جي حاصل ڪرڻ جا ٻيا ذريعا به بڻجي پيا آهن پر لطيف سائين جي زماني ۾ پاڻي حاصل ڪرڻ جو ذريعو کوھ ۽ برساتي پاڻي  هو. سر سارنگ مينهوڳي  مند جي آٽيجن آثارن کان ويندي  مينهن جي وسڪاري  ، گوڙ جي گجگار ، کنوڻ جي تجلن ، ڦڙن ٽپ ٽپ ، ڪڪرن جي رنگن کي  لطيفي رنگ سان خوب بيان ڪيو آهي .  سارنگ راڳداري ۾ هڪ راڳ به آهي جنهن کي  سر جھيل ۾ ڳائڻ سان برسات وسي پوندي آهي . سر سارنگ ۾ هون ته ڪافي بيت ۽ ٻيا ڪلام آهن پر وقار حسين ٻانڀڻ جي بقول ته  منهنجو والد عبدالمجيد ٻانڀڻ  هي بيت ڪثرت سان اڪثر هنڌ تي جھونگاريندو هو ،

ٿر اٺو بر وٺو ،   اٺو جيرمير ،

مکڻ تن ماهيڙياڻن جو ، ٽڪي لڳندو سير،

وٺندو انهن کان ڪير ، جو وطن منهنجو وسي پيو .

سندس چوڻ آهي ته لطيف سائين جو هي بيت لطيف سائين جي  ڪنهن به رسالي ۾ ناهي شامل ڪيو ويو. پر بقول  حافظ لطيف هوت فقير ڄامڙو جي ته هي بيت  ضلعي بدين جي هڪ ناليواري سگھڙ ( جھنجھو) جي مرتب ڪيل رسالي ۾ شامل آهي . هي بيت بدين ۾ عام رائج آهي .  اها ته ٻن ڏاهن مفڪرن جي راءِ آهي جيڪي لطيف جا پارکو آهن. جن جي راءِ کي رد ڪرڻ جو مون کي حق ناهي  هن بيت ۾ لاکيڻو لطيف ڀٽائي ڀرجھلو سنڌ جي حدن کي اورانگھيندي پنهنجون نظرون  پاڙيسري ملڪ ڀارت جي علائقي جيسر مير تائين کپايون آهن جاءِ بجاءِ مينهن جي وسڪاري جي نشاندهي ڪئي آهي ته هند ۽ سنڌ ۾ مينهن وسي پيو آهي ان مان صاف ظاهر آهي ته لطيف سائين پوري عالم جو شاعر آهي . مينهن وسڻ کان پوءِ واريون حقيقتون هن بيت ۾ هن طرح بيان ڪيون آهن ته  اجھي  هاڻي ساوا گاھ گجگار ڪري ڦٽا جيڪو مکڻ اڻلڀ ٿي ويو هو سو هاڻي ججھو جام ٿيندو مکڻ جو ملھ گھٽجي ويندو مکڻ ولوڙڻ وارن کان ملھ مهانگو مکڻ ڪير به نه وٺڻدو،  پوءِ  مکڻ ايترو سستو ٿي ويندو جو ٽڪي ۾ سير ملندو هتي لطيف سائين مکڻ جو ملھ به ظاهر ڪيو آهي هن بيت ۾ انهن ماڻهن کي لطيف سائين آٿت ڏني آهي ته گھٻرائڻ جي ڪابه ڳالھ نه آهي ڏکن جا ڏينهن ويا گذري برسات برسي آهي سڪر سهائو ٿيڻ وارو آهي . جن ان ارادي سان مکڻ گڏ ڪيو هو تهمن گھريو ڌن ڳنڌيون سين  انهن کان هاڻي ڪو به نه وٺندو ڇاجي ڪري جو منهنجي ساڻيھ ،  وطن منهنجي ديس  مٿان رب پاڪ جي ابر رحمت برسي پئي آهي هاڻي مکڻ جي ولولڻڻ وارن جي مکڻ جو ملھ ڪري پوندو هي هڪ قسم جي دعوا آهي جيڪا لطيف پيش ڪئي آهي .  ٻئي  هنڌ لطيف سائين فرمائي ٿو ته ؛

بر وٺا تر وٺا ، وٺــيون تـرايون

پرھ جو پٽن تي ڪن ولوڙا وايـون

مکڻ ڀرين هٿڙا ، سنگھاريون سايــون

ساري ڏهن سامهيون ، ٻولايون رانيون

ٻانهيون ۽ ٻايون ، پکي سونهن پاهنجي .

هن بيت ۾ لطيف سائين اها ئي ڳالھ مارونئڙن جي ڪئي آهي ته جڏهن سانوڻ جي مينهن جو وسڪارو ٿيندو آهي ويران ريگستان  ، هيٺانهيون مٿانهيون  پلر جي پالوٽ سان رسيليون ٿي وينديون آهن . صبح جو باکاٽڙي مهل  پٽن تان (جھو جھو) جا آواز ايندا آهن ، جيڪي سنگھرا  سڪي ويا هيا اهي هاڻي مکڻ وارن سڻڀن هٿن سان ساوا ٿي ويندا  .  مٿي تي ٽڪي وارن جانورن کي ٻولايون ۽ هلڪي ڪڪڙي رنگ ( ٺڪر جي ڪني تان لهندڙ  ميرانجھڙي رائي ) جهڙي رنگ کي رانيون سڏبو آهي  هتان جون عورتون  ساري سنڀالي  رنگن ۽ نشانين سان ڄاتل سڃاتل جانورن کي ڏهڻ کان پوءِ هر ڪا پنهنجي پنهنجي پکي ۾  سونهندي آهي .  آرامي ٿيندي آهي . هن بيت ۾ پڻ لطيف سائين ٿر بر جي وسڻ جي ڳالھ هن ريت ڪئي آهي .

ٿر وٺا بر وٺا وٺو جيسر مير

آگم ڪري آئيو پائر ڀري پير

لاٿائون لطيف چئي واندين مٿان وير

سرها ڪيائون سير،  سرهيون سنگھاريون ٿيون

هن بيت ۾ به اهو ئي ذڪر جيسر مير جو ملي ٿو هن بيت ۾ نمايان ڳالھ اها آهي ته پائر ۽ آگم کي هڪٻئي سان تشبيھ ڏني وئي آهي  پر واندڪائي واري ويل جي وڃڻ جو ذڪر پڻ هن بيت ۾ ملي ٿو ۽ سنگھارن جي سرهائي ۽ خوشحالي جي پڻ نشاندهي  ڪيل آهي لطيف اها هستي آهي جنهن پنهنجي ڪماليت سان هر موضوع کي خوبصورت لفظن سان جوڙيو آهي پان فرمائي ٿو ته

ٿر وٺا بر وٺا ، وٺي ڪڇ ڪنار

پو نياڙي پٽن تي ، ڏس نايائون نار

سٻاجھي ستار لاٿا ڏرت ڏيھ تان

هي بيت به لطيف سائين ٿر بر جي نالي ڪري ڇڏيو آهي هن بيت ۾ ڪڇ ڀڄ جي علائقي جي ويجھڙو مينهن جي وسڪاري جي پنهنجي لفظن ۾ بياني ڪئي آهي ته جڏهن سانوڻ جي برسات وسڪارو ڪندي آهي ته جبلن پهاڙن ۽ رڻ پٽ ريگستانن ۾ ساوڙي گاھ ڦوھ ڪري ڦٽندو آهي جنهن ڪري ڏوهل جانورن جي ٿڻن ۾ کير جو نيون وهڻ شروع ويندو آهن جڏهن سڱجي سج جي پونئين پهر  شام جو وٿاڻن تي ڏڀنديون آهن ته سندن ٿڻن مان کير نار ڪري وهندو آهي سانوڻ جي وسڪاري کان پوءِ رب پاڪ  سمورا ڏک لاهي چڏيا آهن هر طرف سڪر سهائو ٿي ويو آهي . هن بيت ۾ لطيف سائين سارنگ کي ساريندي  فرمائي ٿو ته اي سارنگ  الله جي وسطي اڃارن جي سار لھ اچ  سمورا جاندار اڃ مري رهيا آهن . پاڻي جي تمام گھڻي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي مينهن جو وسڪارو ڪر ته جيئن زمين تي تمام گھڻو اناج اپائي سگھجي جيڪڏهن ديس تي مينهن جون بوندون برسي پيون ته سنگھارن جا سکي ٿي پوندا

سارنگ سار لهيج الله لڳ اڃين جي

پاڻي پوڄ پٽن تي ارزان ان ڪريج

وطن وسائيج ته سنگھارن سک ٿئي

 

سارَنگَ سائي سِٽَ، جَھڙِي لالِي لاکَ جي؛

اِئَن سي اُٻُنِ اَنگِيا، جِئَن سي چُنيءَ چِٽَ؛

بَرِسيو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائين ڪُنَ ڪِراڙَ ج

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *