تازيون خبرون

زلزلو: مورک ماڻهوئڙا……!: حافظ سڪندر تنيو

پاڪستان ۾ هر ٻئي ٽئين سال زلزلا، طوفان، ٻوڏيون، اچن  ٿيون، جيڪي تمام گهڻي انساني تباهيءَ جو باعث بڻجن ٿيون، هتان  جون حڪومتون فوٽو سيشن لاءِ روايتي ڏک جا ڳوڙها ڳاڙي،  ميڊيا کي ڏيکاري، همدرديءَ جا چار اکر چئي چپ ڪري ويهي رهنديون آهن، ان تباهيءَ کان بچڻ جا طريقاڳولهڻ جي ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان ڪوشش ئي نه ڪنديون آهن ۽ پوءِ انهن آفتن کي منهن نه ڏيئي سگهڻ سبب انساني جانيون زيان ٿين ٿيون ته ٻئي پاسي وري دنيا جي ملڪن کي خيرات جي مدد لاءِ سندن آڏو هٿ ٽنگيو پيو هوندو آهي، کانئن امداد وٺڻ جون اپيلون ڪنديون رهن ٿيون  ۽ پوءِ هينئن به ڏٺوسين ته جيڪا امداد ٻاهرين ملڪن پئي موڪلي سا حڪومت جا اولي الامر يعني آفيسر ۽ آفيسرن کي اهم عهدن تي رکرائڻ وارا سياسي ليڊر صاحب پاڻ ۾ ساٽڙيا گاٽڙيا بڻجي، خوراڪ، ڪمبل، دوائون پنهنجي وڏن گودامن ۾ رکرائي لوڪ کان لڪائيندا آهن ته جيئن واپارين وٽ وڪرو ڪري، پنهنجا ڀڀ ڀريا وڃن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اها ڳالهه کلي پوندي  آهي ته ٿوري وقت لاءِ سندن خواري ٿيندي آهي، پر جيڪي هضم ڪري ويا تن کي هر ڳالهه ڦٻي ويندي آهي.

اسان وٽ تدبيرون ڪجن ئي نه ٿيون،هر مصيبت کي قدرت جي تقدير جو نالو ڏيئي، پنهنجو بار هلڪو ڪيو ٿو وڃي سموري ڏوهه ۾ فطرت کي ڦاسايو ٿو وڃي. اسان جا درياهه برساتن جي مند ۾ جڏهن پاڻيءَ سان ٽمٽار ٿي ڇُلندا ٿا رهن، درياهي ڪنارن جي مضبوط پٿرن سان پچنگ ڪئي وڃي ته هُو نهٻاهر پاڻيءَ جي ڪا به اٿل پٿل نه ٿئي. پر جيڪي ڪچي مٽيءَ جا بند انگريزن ٻڌايا هئا تن جي مٽي به ڏوڪڙن عيوض ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي کڻائي وڪئي ٿي وڃي ۽ پوءِ درياهي بند ڪمزور بڻجي ٿا پون ۽ آفيسر پنهنجي نااهليءَ کي لڪائڻ لاءِ چوندا آهن ته درياهه بادشاهه جي مرضي آهي جنهن کي تاري جنهن کي پوڙي، مٿس هٿرادو ڪهاڻي گهڙيل واري خواجا خضر جي حاڪميت ورجائي ويندي آهي. پر سڌريل دنيا جون حڪومتون درياهن تي ڪنٽرول ڪري پاڻي ٻاهر زيان ٿيڻ نه ڏينديون آهن، ان ڪري اتي معمولي نقصان ٿيندا آهن. هينئر هڪ ڀيرو ٻيهر زلزلو آيو آهي، اخبارن ۾ هڪ مولانا صاحب به مضمون لکي گوهر افشاني ڪئي آهي ته هي مصيبتون عملن جي شامتن ڪري اينديون آهن، جو اسان جي معاشري ۾ ٻين رستن واريون عادتون شامل  ٿي ويون آهن، اسين،براين ۾ سڀني کان گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهيون،پوءِ جيڪڏهن زلزلا اچن ٿاته ان تي حيرت ٿيڻ نه جڳائي.

سندس ان آرٽيڪل مان ملان ۽ ملوڪ جي ياري پڪي ٿي ڏسڻ ۾ اچي، جو هو حڪومتن کي آجو ڪري سمورو ڏوهدار عوام کي ٿو بڻائي، قرآن شريف ۾ چيو  ويو آهي ته اسان انسان کي قلم ذريعي علم سيکاريو، کيس پڙهڻ لاءِ پيدا ڪيو ۽ سڀني شين جا علم کيس ڏسياسين، ڪائنات جي رازن کي سمجھڻ ۽ ڳولهڻ جون مٿس ذميواريون رکيوسين، اهي سڀ ڳالهيون مذهبي عالم سمجھي نه سگهيو آهي، هر جديد شيءِ، علم ۽ ايجادات جي مخالفت ڪئي ويئي.  قرآن ۾ عبادت ڪرڻ جا سئو ڀيرا حڪم ڏنا ويا آهن ته، ڪائنات تي قبضو ۽ ڪنٽرول ذريعي کيس مسخر ڪرڻ جا ست سئو احڪام آهن، جن مان هڪ تي به عمل ڪرڻ جو زور نه ٿو ڏنو وڃي ۽ صرف بنا سوچي سمجھي پڙهڻ جي ڪنڌ جي ڌوڻ ۽ جھوٽ لڳي پئي آهي.

سائنسي جدت ذريعي زلزلن ۽ ٻوڏن جي محور مرڪز کي ڳولهڻ بعد دنيا جي ٻين قومن زلزلا پروف گهر ۽ روڊ رستن سان گڏ رهڻي ڪهڻي جا انداز به بدلائي ڇڏيا آهن ۽ هو گناهن ۽ بداعمالين جي تصور کي شڪست ڏيئي چڪا آهن، کانئن گهٻرائڻ بجاءِ مقابلي لاءِ تياري ڪري ورتي آهي، جيڪڏهن گناهن جي ڪري مصيبتن کي مڃجي ته پوءِ اسان وٽ ته چوويهه ڪلاڪ ئي زلزلا اچڻ کپندا هئا.

هتي ته سمجھدار سڏرائيندڙ ماڻهو به بي عقلن جي پو يان وڏا ڏاها ۽ اسڪالر سڏرائيندڙ سيبتا ماڻهو به هڪ معمولي پڙهيل مولويءَ جي بي عقليءَ وارين  ڳالهين کي قبولي دنيا ۽ عاقبت خراب ڪري رهيا آ هن، هي پاڻ رهنما بڻجڻ بجاءِ ٻين جي پويان انڌي جي لٺ جي سهاري جيان رستو ڳولهي رهيا آهن.

جيڪڏهن نام نهاد مولوين جي ڳالهه مڃجي ته پوءِ گناهه گار صرف غريب ئي آهي؟ اميرن جي محلن مٿان آفتون ڇو نه ٿيون اچن؟ ڇو نه ٿا ڪراچي ۽ لاهور جي گلبرگ جي گهرن ۾ رهندڙن جون ڇتيون اڏامجن، ٻوڏن ۾ ڪنهن ڀوتار جو بنگلو ۽ سندس ٻار ٻچا ڇو نه ٿا لڙهندا وڃن، جاگيردار جون پو کون ڇو نه ٿيون ٻڏن.

گناهن جا ڪم ته دولت مند گهڻا ٿا ڪن، غريب ويچارو ته ڪنهن جي سڻڀي کاڌي ڏي به ڏسڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي، هو ته وڏن ماڻهن جي ستن پيڙهين کان نوڪريون ڏيندو ٿو اچي، هو ڪهڙا گناهه ڪندو ٿو رهي، برايون وڏن ماڻهن جون ۽ ان جي سزا ۾ مسڪين ٿا سٽجن. اهو ته الله جي انصاف جي خلاف ٿو بڻجي. خدا قصور وار ناهي، پر هن ڌرتي جي  رهندڙ زميني خدا هن جا ذميوار آهن.

ان ڪري ان ۾ ڪنهن به غريب ماڻهوءَ جو قصور نه آهي. اڳ ۾ به  اهي زلزلا ٻوڏيون اينديون هيون، پر ان وقت انساني آبادي ٿوري هوندي هئي، ڪچن گهرن ۾ ميداني علائقن ۾ رهندي هئي، وڏا پلازا ۽ پختا لوهه جا ٺهيل مڪان نه هئا، ان ڪري زلزلا کين نقصان نه ڏيندا هئا. ڪوئيٽه ۾ جڏهن زلزلو آيو هيو ته سمورو شهر کنڊر بڻجي ويو، ان جا فوٽو اسان ڏسئون ٿا، ان کانپوءِ انگريزن شهر جي نئين سر تعمير ڪرائي، جن اونچا آر سي سي گهر نه ٺهرايا پر ٽين جون ڇتيون وجھرايون ويون، ته جيڪڏهن ٻيهر زلزلو اچي ته نقصان گهٽ ٿئي، انهن اهو بچاءُ جو طريقو ڳولهيو هيو.اڄ به اهڙي طرح جا اپاءَ وٺجن ته جيئن انساني جانيون گهٽ زيان ٿي سگهن.

الله جي نافرماني ڪري جيڪڏهن سزا ملي ٿي ته گهڻي نافرماني ته گهڻي پئسي و ارا ڪري رهيا آهن، خدائي عذاب ته انهن مٿان اچڻ گهرجي. هي زردار هي جاگيردار، هي سرمايه دار سڀ محفوظ پناهه گاهن ۾ ويٺل آهن ۽ عذاب جو ڏنڊو اچي غريب تي جو ٿو وسي ڇو؟

سو ان سوچ کي ذهن مان ڪڍڻ گهرجي. ڪا به عملن جي شامت نه آهي، اهي قدرت جا قائدا قانون آهن، زمين جي اندر پليٽون ڪڏهن ڪڏهن لڏن ٿيون ته لرزش پيدا ٿئي ٿي ۽ ويچارن مولوين جي چواڻي ته زمين ڏاند جي هڪ سڱ تي بيٺل آهي، جڏهن ڏاند ٿڪجي پوي ٿو ۽ سڱ بدلائي ٿو ته زمين ۾ زلزلو اچي ٿو. اهي سڀ غير عقلي، غير سائنسي ڳالهيون آهن. جنهن کي علم جي دنيا رد ڪري چڪي آهي. جيڪڏهن اسان جا مذهبي ماڻهو پنهنجي علمي اپروچ کي اڳتي نه وڌائيندا ۽ پراڻن ڳالهين تي ڳنڍ ڏيئي بيهي رهندا ته سندن مدي خارج دوائون وڪامجي نه سگهنديون. ان ڪري حڪومتن کي ها ها پاڄي ڪجي ته اُها ماڻهن جي بهتر مستقبل لاءِ سائنسي طريقا بچاءَ جا استعمال ڪري، مورک ماڻهو اڳي ئي موڳا بڻيل آهن کين وڌيڪ موڳو نه بڻائجي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *