تازيون خبرون

رياست جو فرد سان مقابلو: عاجز جمالي

رياست هڪ اهڙي منظم اداري جو نالو آهي، جيڪا عوام جي سگهه تي بيٺل هوندي آهي. ڇو ته رياست کي عوام ئي منظم سگهه فراهم ڪندو آهي. جڏهن عوام رياست جي خلاف ٿي وڃي ته اها بظاهر ڪيتري به منظم هجي پر عوام جي سامهون گهڻو وقت بيهي نه سگهندي آهي. رياست ۾ سرڪار، اقتدار، فوج، عدليه، پوليس، قانون، سرڪاري کاتا، انتظاميا، وزير، مشير اصل ۾ عوام جي خدمت لاءِ هوندا آهن. ڇو ته رياست ماڻهن جي ڏنل ٽيڪس تي ئي هلندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ رياست جي ذميواري ۾ شامل آهي، جنهن ۾ تعليم، صحت، روزگار، اٽو، لٽو، اجهو ۽ جان مال جو تحفظ شامل آهي.

رياست ڪنهن به فرد جي مقابلي ۾ مضبوط ۽ منظم هوندي آهي. ان ڪري ڪو فرد رياست سان ٽڪر کائيندو آهي ته رياست پنهنجي مشينري ذريعي انهي کي پاش پاش ڪري ڇڏيندي آهي، پر تاريخ ۾ هميشه ائين ٿيندو آهي ته رياست جڏهن ظلم، ناانصافي ۽ فردن خلاف تشدد ۽ جبر جو رستو اختيار ڪندي آهي ته بظاهر ڪمزور فرد به رياست جي خلاف ميدان تي نڪري ايندا آهن ۽ رياست خلاف بغاوت جو علم کڻندا آهن.

ويجهي ماضي ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو، اڪبر بگٽي جا مثال سامهون آهن، جن رياستي حڪمن خلاف بغاوت ڪئي. مون کي لال مسجد جي عبدالرشيد غازي جو نالو به ان تسلسل ۾ ياد اچي پيو. هي رياست خلاف ويجهي ماضي جون اهي بغاوتون آهن، جيڪي فردن رياست جي خلاف ڪيون ۽ رياست پنهنجي طاقت ذريعي انهن کي ڪچلي بظاهر ته فتح حاصل ڪئي پر دائمي طور ڏٺو وڃي ته انهن فردن جي موت سان ٿلهي ليکي رياست ڪمزور ٿي آهي.

مير مرتضيٰ ڀٽو، وزيراعظم بينظير ڀٽو جو ڀاءُ ۽ شهيد وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو وڏو فرزند هو، جنهن پنهنجي والد جي ڦاهيءَ کانپوءِ رياست خلاف بغاوت شروع ڪئي هئي، هو جڏهن بينظير ڀٽو جي سرڪار ۾ وطن آيو ته کيس پنهنجي ئي گهر جي اڳيان بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. گذريل ڏينهن بدين جي ماڊل ٿاڻي تي پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ذوالفقار مرزا پنهنجي ساٿين کي ڇڏائڻ پهتو ته اهي ئي منظر نظر آيا جيڪي مرتضيٰ ڀٽو جي دور ۾ ڏٺا. مان هنن ڪالمن ۾ مسلسل ان طرف اشارو ڪندو پيو اچان ته پيپلز پارٽي وارن کي عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي، هي سندن خلاف ئي ڪا گهري سازش ٿي رهي آهي، هن وقت حالتن مان اِهو محسوس ٿئي پيو ته سندن ئي صفن منجهان پيدا ٿيل هڪ ذوالفقار مرزا کي سندن ئي سرڪار ۾ شهيد ڪرائي سندن ڪم تمام ڪيو ويندو.

مون کي پيپلز پارٽي جي وزيرن جون ان زماني جون پريس ڪانفرنسون ياد پيون اچن، جيئن اڄ ڪلهه ٿي رهيون آهن، اڄ ڪلهه جا کوڙ وزير ان زماني ۾ پيپلز پارٽي ۾ ڪو نه هئا ۽ پيپلز پارٽي جي ان زماني جا کوڙ وزير اڄ پيپلز پارٽي ۾ ناهن. پيپلز پارٽي جي ان زماني جا وزير نه رڳو مرتضيٰ ڀٽو بلڪه بيگم نصرت ڀٽو خلاف به تقريرون ڪندا هئا، مرتضيٰ ڀٽو به چوندو هو ته سندس حياتي کي بينظير جي سرڪار ۽ آصف زرداريءَ کان خطرو آهي. مير جي شهادت کانپوءِ مون انهن وزيرن کي بينظير ڀٽو اڳيان روئيندي ڏٺو، جيڪي مير مرتضيٰ خلاف پريس ڪانفرنسون ڪندا هئا. هڪ وزير کي ته بعد ۾ مون ستر ڪلفٽن جا چڪر ڪاٽيندي به ڏٺو هو. ڪيترائي وزير سرڪار ختم ٿيڻ کانپوءِ چوندا هئا ته اسان مرتضيٰ ڀٽو کي غلط طريقي سان ڊيل ڪيو، اسان کي اندازو ڪونه هو ته اسان جي سرڪار ختم ڪرڻ جي سازش ٿي چڪي هئي. مان پيپلز پارٽي جي انهن همراهن کي چوان پيو ته هو هڪ دفعو وري ذوالفقار مرزا کي غلط ڊيل ڪري رهيا آهن، هو پنهنجي ئي هڪ ساٿي کي ۽ سنڌ جي هڪ اهڙي اڳواڻ کي مارائي رهيا آهن، جنهن سنڌ جي حقن خاطر ان وقت کي للڪاريو، جنهن کي للڪارڻ جو پيپلز پارٽيءَ ۾ دم ئي ناهي.

دنيا ۾ ڪجهه اهڙا چريا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي رياست ۽ اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار هوندي به بغاوت ڪندا آهن، رستو بدلائيندا آهن، اڪبر بگٽي به انهن منجهان هو، اڪبر بگٽي کي قتل ڪرائي رياست عارضي طور تي سوڀاري ٿي پر بلوچستان جي اڄوڪي حالت رياست خلاف نفرت جي علامت بڻيل آهي. ساڳي ڳالهه لال مسجد جي عبدالرشيد غازي جي آهي، جيڪو رياستي ادارن جو ئي پيدا ڪيل ماڻهو هو، پر هڪ وقت اهڙو آيو جو هن جهڪڻ کان انڪار ڪيو، هي ٻئي هاڻي تاريخي ڪردار بڻجي ويا، چاهي ڪنهن کي وڻن يا نه وڻن.

اڄ ڪلهه ڪجهه ماڻهو ذوالفقار مرزا لاءِ اهو چون ٿا ته هو سڄي حياتي آصف زرداري سان گڏ رهيو، مٿس آصف زرداري جا احسان آهن، هو خود ڪرپٽ آهي، هو اڳي ڪرپشن جي خلاف ڇو ڪو نه هو، هن جي حمايت ڪندڙ ماڻهو هرو ڀرو پيپلز پارٽي جي خلاف آهن، وغيره وغيره. ڳالهه اها آهي ته، حُر، امام حُسين جي مخالف فوج جو سپهه سالار هو، هڪ وقت اهڙو آيو جو هن امام حسين عه جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ وقت جي حڪمران جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيائين. بظاهر ته حُر سرڪاري حڪم جي خلاف ورزي ڪئي ۽ ڪربلا ۾ شهيد ٿي ويو پر سندس زندگي جو هڪڙو عمل سڄي زندگي تي حاوي رهيو ۽ حُر تاريخ ۾ هميشه زنده آهي. بلڪل سچ آهي ته ذوالفقار مرزا سڄي حياتي آصف زرداري جو يار رهيو، اهو به سچ آهي ته ذوالفقار مرزا ڪو فرشتو ڪونهي پر هُن ان وقت بغاوت جو علم کنيو، جنهن وقت وٽس ڪيترائي عهدا هئا، اهي ڇڏي هن دهشتگردن کي وائکو ڪيو، پر پيپلز پارٽي ان وقت مفاهمت جي نشي ۾ ٻڏل هئي.

رهي ڳالهه ته ذوالفقار مرزا هڪ فرد آهي، پيپلز پارٽي رياست ۽ اسٽيبلشمينٽ جي نمائندگي ڪندڙ سرڪار آهي، جڏهن سرڪاري مشينري، سڄي سرڪار، سڄي رياستي طاقت هڪ فرد خلاف استعمال ڪندي ته عوام ان فرد جو ساٿ ڏيندي، نه ڪي رياست جو ساٿ ڏيندي. رياست به اهڙي جيڪا جبر، ظلم ۽ ڪرپشن تي ٻڌل هجي، عوام جي اڪثريت بيزار هجي ته اهڙي ماحول ۾ رياست کان بغاوت ڪندڙ ڪوبه فرد عوام جي اڳيان هيرو بڻجي وڃي ٿو، چاهي اهو مير مرتضيٰ هجي، اڪبر بگٽي هجي يا ذوالفقار مرزا هجي. بنيادي ذميواري رياست جي هوندي آهي ته هو ماڻهن سان ورتاءُ اهڙو ڪري جو ماڻهو سندس خلاف نه هجن، ڪو فرد جڏهن بغاوت ڪري ٿو، مرڻ مارائڻ تي اچي ٿو ان جو مطلب آهي ته هو ”پوائنٽ آف نو رٽن“ تي پهچي چڪو آهي. يعني هو اهڙي سرحد تي پهچي چڪو آهي، جتان هن جي واپسي مشڪل آهي. اهڙي ماحول ۾ رياست ۽ سرڪار جي ذميواري وڌي وڃي ٿي ته اها فرد جي خلاف سڄي رياستي مشينري استعمال ڪرڻ بدران ان جو مسئلو ٻڌي. هتي ته فرد به اهو آهي جيڪو گهر جو ماڻهو آهي، پر معاملو سڄو انائن جي ور چڙهيل آهي، رئيس وڏو صفا ضد تي چڙهيل آهي.

رئيس وڏو ضد جي چوٽي تي چڙهي هيٺ ڏسي ٿو ته سندس اهو ضديرو دوست هزارن ماڻهن سان گڏ بيٺو آهي، انهن ماڻهن ۾ گهڻائي ته بينظير جي جيالن جي آهي. رئيس وڏي پاڻ ئي ته پنهنجي دوست کي بينظير جي سيڪيورٽي جي ذميواري ڏني هئي، کيس خبر آهي ته هي اهو ضدي همراهه آهي، جيڪو پيٽارو ڪاليج کان وٺي هوم منسٽريءَ تائين سندس هر ڳالهه مڃڻ سان گڏ جڏهن به ضد تي چڙهندو هو ته خاموشي ۾ غائب ٿي ويندو هو، پر اڄ آخر هو ٿاڻن تي ڏند چڪ ٿو ڪري ته انهي کي هن ’پوائنٽ آف نو رٽن‘ تي ڪنهن پهچايو؟ ان سرڪار ئي کيس اهڙي نتيجي تي پهچايو جو هو رياست کان بغاوت ٿو ڪري. منهنجي ذاتي راءِ ۾، عقل جي تقاضا اها آهي ته ڪنهن به سانحي کان بچڻ جو سولو طريقو اهو آهي ته رياست کي طاقت استعمال ڪرڻ بدران صبر ۽ عقل جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *