تازيون خبرون

رنگ رعنايون چند ڏهاڙا،انت سڀ جو ماٺ آ…..: پروفيسر منير ڊومڪي

انسان ۽ خدا پاڪ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟اِهو ته انسان فاني دنيا جي فاني مخلوق آهي،جڏهن ته خدا لافاني آهي.ادب ۾ فانيت جو موضوع توڙي تصور اڪثر ڪري رومانوي شاعرن جي شاعري جي خصوصيتن مان  هڪ نمايان خصوصيت رهي آهي.انگريزي ادب ۾ رومانوي شاعر جان ڪيٽس،اردو ادب ۾ پروين شاڪر ۽ جڏهن ته سنڌي ادب ۾ شيخ اياز اهي ناميارا شاعر آهن،جن جي شاعري اڪثر ڪري فانيت جي عنصر سان معمور آهي.اڄوڪي اسان پنهنجي بحث ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موجود فانيت جي تصور کي زير بحث آڻينداسين.اياز جو فانيت وارو تصور صرف ماڻهوفانيءَ تائين محدود ناهي،بلڪه هن جي زندگي،فطرت ،وقت،سونهن،محبت ۽ موت تائين هڪ وسيع ۽ جامع تصور آهي.

انسان کي زندگيءَ جهڙو خوبصورت تحفو ته ملي ٿو،پر پوءِ به هو پنهنجي حياتيءَ ۽ عمر جي مٿان قادر ناهي،هو پنهنجي وس آهر اهو سڀ ڪجھ ڪري ٿو، پنهنجي صحت جي باري ۾ محتاط رهڻ کان وٺي دوا ۽ دعا تائين ته جيئن هو پنهنجي زندگيءَ جي عمر کي ڊگھو ڪري سگھي،پر پوءِ به بي وفا عمر انسان کي ٺڳي ٿي:

حاصلِ صد زندگي آهي گرچ،

بي وفا آ عمر انسان،اي اديون!

مذهب کان وٺي،ماءُ پيءُ ۽ استاد سڀ جا سڀ ماڻهوءَ کي ننڍپڻ کان ئي جڏهن هو اڃا شعور جي سطح تائين ئي نه پهنچندو آهي ۽ زندگيءَ کي اڃا مس سمجهڻ ۽ گذارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي،ته هن اندر اها سوچ پيدا ڪئي ويندي آهي ته بشر جي حيات هڪ گھڙيءَ کانسواءِ ٻي ڪجهه به ناهي ۽ اها ڳالهه ڪا اڄ جي چيل ناهي.

ازل کان هلي ڳالهڙي تنهنجي منهنجي،

حيات بشر هڪ گھڙي تنهنجي منهنجي.

ٻاروتڻ يا جواني جي جوڀن جي نشي ۾ ته ماڻهوءَ کي اها خبر نه ٿي رهي،ته ڪڏهن صبح ٿي ٿو ۽ ڪڏهن شام ٿئي ٿي ۽ ڪيئن پئي هن جي سڄي عمر تمام ٿئي،پر جڏهن ماڻهو پنهنجي انجام جي ويجهو پڄي ٿو ته پوءِ نه چاهيندي به ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبورٿئي ٿو ته:

ڪيئن اڀري ٿو ڪيئن اُلهي ٿو،

ڪيئن پئي عمر تمام ٿئي،

مان سوچيان ٿو ڪيستائين،

ٿو صبح ٿئي ۽ شام ٿئي.

انسان سان وڏي ويڌن اها به آهي، ته هو پنهنجي آغاز ۽ انجام وانگر پنهنجي روز جي درد ۽ پيڙا کان مستقل نجات جو فن به نٿوڄاڻي.نه هن کي پنهنجي ڊوڙيندڙ عمر جي روانگيءَ تي اختيار آهي، نه ان کي روڪڻ جو ته هن جي عمر آخرڪار ڪيڏانهن ٿي ڪهي.ماڻهوءَ جو هن جي جيون سان صرف ايترو مختصر ساٿ آهي جيئن خوشبوءِ جو هوا سان،پر ماڻهو ويچارو ته اهو به نٿو ڄاڻي ته اهو ساٿ آخر ڪيستائين رهندو.جڏهن انسان فاني، پنهنجي آغاز،انجام،عمر،زندگيءَ ۽ ان جي مختصر ساٿ بابت مڪمل طور ڪو به علم يا قدرت نه رکندو، ته هو ته پوءِ انهن جي باري سوال ته پڇندو نه!

ڪيئن اڀري ٿو ۽ ڪيئن لهي،

مان ڇا ڄاڻان،مان ڇا ڄاڻان،

ڪيڏانهن پئي هي عمر ڪهي،

مان ڇا ڄاڻان،مان ڇا ڄاڻان،

جي انت اهو ئي ٿيڻو آ

۽  ساههُ  اڳي پوءِ  ڏيڻو  آ،

ڇا لاءِ حياتي درد سهي،

مان ڇا ڄاڻان، مان ڇا ڄاڻان،

هر خوشبو ويندي رهندي  آ

۽ دور هوا ۾ ڪهندي  آ،

ٿو ڪيسين توسان ساٿُ رهي،

مان ڇا ڄاڻان،مان ڇا ڄاڻان.

اياز،جنهن کي اها پروڙ نه هئي،ته زندگيءَ جي ابدي حقيقت ڇا آهي، هو ۽ هن جي حياتي جو نڀاءَ گهڻا ڏينهن آهي،پر هن کي اها خبر ضرور هئي، ته بظاهر دنيا جي روشنين ۽ رنگ رعنائين ۾ رهندڙ ماڻهو توڙي فطرت جي ٻي مخلوق،سڀ جو سڀ انت ماٺ آهي ۽ سڀني کي هڪ نه هڪ ڏينهن اوندهه ڏي وڃڻو آهي.

ڪير ڄاڻي حياتي،گھڻا ڏينهن؟ آءُ،

**

رنگ رليون ڪجھ ڏهاڙا،انت سڀ جو ماٺ آ،

ڏس پکي اڏري شفق ۾،نيٺ اوندهه ڏي ڪهن ٿا.

شايد اهو ئي سبب هو جو اياز عمر جي وڇوٽي ۽ فاني زندگاني جي کوٽِي تي هميشه پئي ويچاريو:

عمر بس تنهنجي وڇوٽي ايتري!

زندگاني آهه کوٽِي ايتري!

آدم فاني جي فاني حياتي جي فانيت تي اظهار بي وسي کانپوءِ اياز فطرت جي طرف لڙي ٿو.۽ هتي به هو پنهنجي اڻ ڄاڻي جو اظهار ڪري ٿو، ته آخرڪار ٻهڪندڙ ۽ ٽرندڙ گلن جي قسمت به ماڻهو فانيءَ وانگر ٽڙي ڪري ڇڙڻ آهي ته ائين ڇو؟!

گل ٽڙن ٿا ڇڻي وڃڻ جي لاءِ،

مدعاءِ صبا خدا معلوم !

شام جو جڏهن ماڻهو سمنڊ ڪناري لهندڙ سج کي سمنڊ جي مست ڇولين ۾ لهندي پسي ٿو،ته ان دلڪش لمحي جي باري ۾ ماڻهو اهو سوال به ڪري ٿو ته:

شام جو سَجُ سمنڊ تي آهي ،

ها، مگر ڇوليون! رهي ڪيسين ؟

رات جي گھگھ تاريڪي کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪو ڏيئو ٻاريو ويندو آهي،ته آخرڪار اهو ڏيئو ڪيتري دير تائين ٽمڪندو؟!

ويندو نيٺ وسامي، هاءِ،

ٽمڪي ٽمڪي ڪو ڏيئو!

بطور تخليقڪارشيخ اياز جي اک ٽيلي اسڪوپ هئي.هو سائنسدان نه هوندي به فطرت جي ويرانگي ۽ اجاڙ جو جيترو بطور شاعر ڳوڙهو مشاهدو ڪيو،اوترو ڪو شايد ناميارو سائنسدان به نه ڪري سگھي.جڏهن وڻن تي ڪوماڻا ڪانوَ هجن،پڙلاءُ به نه هجي،ڪنڊيءَ نه سِڱري،سائو ٻٻر،ساوڪ ۽ ڇانگو نه ڇيلڙا هجن،سڄو آسمان برپٽ ۽ اجڙيل زمين وانگر ڏيک ڏي ۽ ٻنهي ۾ ڪو به فرق باقي نه رهي،پوءِ ماڻهوماروئڙن جي زندگيءَ ۾ ٿورڙيءَ جهٽ لاءِ آيل انهن هوائن،فضائن ۽ بهارن جي لاءِ دل ۾ سوال ته اٿندا نه، ته آخر اهي سڀ ڪجھ ڇا هئا؟

وڻ وڻ تي ڪوماڻا ڪانَو،

پن پن ۾ پڙلاءُ نه ڪو.

**

ڪنڊيءَ نه سِڱري،ٻٻر نه پلڙو،

سائو نه سلڙو

ڇانگو نه ڇيلڙا

مارون اڪيلڙا!

مارون اڪيلڙا!

**

هوائون، گهٽائون، فضائون، بهار،

اَلا ڇاهيا سڀ ، الا ڇا هيا!

مشهور انگريز رومانوي شاعر شيلي پنهنجي نامياري “ چنڊول پکيءَ کي مخاطب ٿيل جذباتي نظم”۾ جڏهن چنڊول پکيءَ کي وڏي لاڏ ڪوڏ سان شفق ۾ اڏرندي ڏسي ٿو ته هو ان کي چوي ٿو ته اهو پکي جنهن لاڏ پيار سان هوا ۾ اڏري ٿو ته ڇا ان کي اها سڌ به آهي، ته دنياوي پيار جي اڃ صرف چند گھڙين جي مختصر عرصي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.پر ساڳئي ابدي ڳالهه جڏهن اياز سمجهائي ٿو، ته سچ پچ  ماڻهو سرحد غم جي قريب اچي وڃي ٿو۽ ماڻهو ان ڏکائيندڙ سوال جي باري سوال ضرور ڪري ٿو ته:

سر حد غم قريب آ اي دوست!

ساٿ ڪيسين محبتون رهنديون؟

پيار جي مختصر ساٿ کان علاوهه ماڻهوءَ کي اهو به ياد رکڻ گھرجي ته هو، جيڪو پيار ڪري ٿو هو پاڻ ۽ جنهن سان پيار جا پيچ اڙائي ٿو اهي سڀ آخر ڪيسين رهندا؟

پيار هي ڏينهن ڏون ، رهي ڪيسين؟

هو ته آ، آءُ تون، رهي ڪيسين؟

ماڻهو اياڻو جيڪو عشق و محبت جي دنيا کي پنهنجي ڪُل زندگي سمجهي ٿو،جيڪڏهن ان تي ٿورڙو غور ڪري ڏسي ته اها محبت ڪجهه به ناهي.اها عشق محبت جي دنيا ائين اک ڇنڀ ۾ گذري وڃي ٿي جيڪا صرف باقي وڃي هڪ ياد کانسواءِ ڪجهه به نه ٿي بچي ۽ هڪ ڏينهن محبت وانگر اها ياد به گذري ٿي وڃي:

محبت هونءَ پنهنجي زندگي آهي،

مگر ڏس غور سان يارا،ته ڪجھ ناهي.

**

هوءَ عشق و محبت جي دنيا

گذري به وئي، گذري به وئي ،

آ ياد جنهن جي باقي،

سا، گذري به وئي، گذري به وئي.

دنياداري جي  بي حس نظام ۾ ڦاٿل اڄ جي ماڻهو کي اها به خبر ناهي ته ايندڙ چند گھڙين ۾ هن سان ڇا ٿي سگھي ٿو. هو دنيا جا سڀ ڪم ترت سرانجام ڏيڻ چاهيندو آهي،ڇو ته هن کي ان حقيقت جي ڀليءَ ريت پروڙ آهي ته بي وفا عمر وانگر وقت به آدم جو وفادار دوست ڪڏهن به نه رهيو آهي،تنهنڪري:

وقت ڪيڏو نه ٿورو آهي،

ڪم ڪيڏو اڃا پيو آهي.

پرهه ڦثيءَ جا گونجندڙ،نچندڙ ۽ ڪڏندڙ پنڇي صرف ان وقت سرها هوندا آهن،پر شام جي وقت ماڻهوءَ فاني وانگر انهن لاءِ به موسم خزان هوندي آهي:

ٿي وئي شام چپ ٿيا پنڇي،

تون به خاموش ٿي وئين آهين!

وقت جي سِير ڪيتري تڪڙي وڃي ٿي ان بابت ڪو پڇي ته صرف اياز کان پڇي:

وقت جي سِير تڪڙي ٿي وڃي اياز،

راتڙي ٿي لٿي ۽ ندي ٿي وهي.

جڏهن اها مچيل محفل به نه رهي،جام پياريندڙ،ڀريل پيالا،تڙپندڙ پياسي، اها شمعِ سحر، اها حسين ۽ يادگار رات به نه رهي،ته پوءِ ماڻهو ان جي گذري وڃڻ جو روئڻ پٽڪو ته ڪندو نه!

محفل به نه رهي، ساقي نه رهيا،

پيالا نه رهيا پياسي، نه رهيا،

اي شمعِ  سحر، ڇا رات  اُها،

گذري  به وئي، گذري  به وئي.

وقت جو دوکو ڀلا ان کان وڌيڪ ڪهڙو ٿي سگھي ٿو، جو وار ڪارا ڏسي ماڻهو ڀلي پوي:

اڄ ڪٿي هو اياز،جو اڳ هو،

وار ڪارا ڏسي ڀُلي آهين.

دوکي جو شڪار ته ماڻهو ان وقت به ٿئي ٿو جڏهن ماڻهوءَ پنهنجي هٿن سان ٺهيل وڏيون عمارتون ۽ شهر اڏي ٿو، ته ان خوشفهمي ۾ رهي ٿو ته اهي وڏيون عمارتون ۽ وڏا شهر تاحيات ائين ئي پنهنجي اصل سالم شڪلن ۾ برقرار رهندا.اياز جي جنم ڀومي واري شهر شڪارپور جو مثال وٺو، جيڪو ڪنهن دور ۾ پنهنجي زيب زينت جي ڪري سنڌ جو پئرس سمجهيو ويندو هو،هاڻ ڄڻ ته موئن جو دڙو جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ۽ پئرس جي جاءِ تي هن شهر جي نئين شناخت ڄڻ ته”پير نه رک“شهر بڻجي وئي آهي.ماڻهو جڏهن ٻاهرين دنيا جي سنسانيت ۽ ويرانگي ڏسي ٿو، ته پوءِ پنهنجي زندگيءَ جي مختصر پنڌ ۽ اصلي پڄاڻي تي غور ويچار ڪرڻ تي به ضرور مجبور ٿئي ٿو:

سُنسان ڊگر،ويران نگر،

ڪنهن وقت هيو آباد مگر،

ٿي منهنجا پير ڇڪين ان ڏي،

۽ منهنجو پنڌ پڄائين ٿي.

**

زندگيءَ  جو  سفر  ڪيترو  مختصر  آ!

الوداعون  ڪري  ٿي  ڪَپرَ  ٽِمٽمايو.

انسان جڏهن ٻار هوندو آهي، ته پوءِ هو زندگيءَ جي دوکي، پيچيدگين ۽ موت جي مونجهارن کان آجو هوندو آهي،ان وقت بظاهر ته اسان کي ائين لڳندو آهي ته زندگي ٻار جي ڳالهه آ،پر اڻ ڏٺو ۽ اڻ ٽرموت ماڻهوءَ جي اهڙي بيخبري ۽ ناداني تي سواءِ مسڪرائڻ جي ٻيو ڪجھ به نه ڪندو.

موت    ڄڻ    مُسڪرايو    ٻُڌي،

زندگي     ٻارَ    جي    ڳالهه    آ.

ماڻهو متارا،جيڪي پنهنجي انجام ۽ موت کي نٿا ڏسي سگھن،ڀلي دنيا جي رنگ رلين ۽ روشنين ۾ اهي ڪيڏو به ڪڏن،پر موت هر ڪنهن کي پنهنجي شڪار لاءِ پيو ٿو ڳولي ۽ ڏسي.پنهنجي هن فاني حياتيءَکي حقيقت سمجهڻ واري ماڻهو کي ان ابدي حقيقت کان به آشنا هجڻ گھرجي ته جڏهن موت جو ڪاپاري ڌڪ زندگيءَ کي لڳندو آهي،ته پوءِ زندگيءَ جي باري ۾ جيڪو ڪجھ تو چيو مون چيو، اهي سڀ راز پاڻ مرادو عيان ٿي وڃن ٿا:

ٿو موت  هر ڪنهن کي  ڏسي،

ٿا   آدمي   ڪيڏو   ڪُڏن.

**

تو  چيو  زندگاني  حقيقت  هُئي ،

ڪيتري زور سان موت جي لَت هئي !

(ليکڪ انگريزي ادب جو استاد آهي)

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *