تازيون خبرون

رني ڪوٽ جي تاريخ تي حملو: تحرير : وقاص کوسو

دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ اثارِقديمه ، تاريخي اثاثن ، قلعن ڪوٽن ۽ ٻين تاريخي دڙن ۽ عمارتن جي قدامت کي جاچڻ، انهن جي تاريخ ۽ ڪم کي محفوظ ڪرڻ ۽ دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ عالمي سطح جي ادارن يا يونيورسٽين کان تحقيق ڪرائي ويندي آهي ڇو ته کين اها پڪ آهي ته سندن قدامت جو عملي ثبوت اهي تاريخي شيون آهن ان ڪري اهي انهن شين کي اهميت ڏينديون آهن.

باشعور قومون پنهنجي اثاثن شهرن انهن جي گهٽين، روڊن ، رستن ۽ ويران پيل ميداني علائقن سان به پيار ڪنديون آهن اهي قومون پنهنجي ڀرڀانگ علائقن کي سون ۾ تبديل ڪرڻ ۽ تاريخي حيثيت ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪنديون آهن، جئين آمريڪي رياست پنهنجي ويران ۽ اجڙيل ميدان کي زنده رکڻ لاءِ اتي 1940 ع ۾ اسڪرينگ جا مقابلا ڪرايا هئا، انهن مقابلن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا مان هزارين سياح اتي آيا، ان کان پوءِ ان ويران علائقي کي ايتري ترقي ملي جو اڄ دنيا ان کي ” اولمپڪ ويلي “ جي نالي سان سڃاڻي ٿي ۽ اهو علائقو نه رڳو راندين جي ڪري مشهور ٿيو پر تاريخي حيثيت به حاصل ڪري چڪو آهي اتي روز هزارن جي انگ ۾ سياح اچن ٿا. اهڙي طرح وري مصر جي حڪومت احرامِ مصر جي قدامت تي نه رڳو فخر ڪري ٿي پر ان جي وڌيڪ تحقيق ۽ سندس حفاظت لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي اهو سڄو ڪم ڪو عام رواجي ادارو نه پر اتي جي وڏي ”يونيورسٽي آف ايمسٽرڊرم “ جا محقق ڪري رهيا آهن. ائين دنيا جو هر ملڪ پنهنجي اثاثن جي حفاظت لاءِ فڪرمند آهي پر افسوس جنهن ملڪ ۾ اسين رهو ٿا اتي تاريخي اثاثن سان جيڪا جٺ ڪئي پئي وڃي اها ڪنهن کان به لڪل ناهي.

سن شهر کان 35 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي کيرٿر جابلو پٽي سان لڳو لڳ واقعي عظيم ديوارِ سنڌ ”رني ڪوٽ“ جو قعلو موجود آهي جيڪو پنهنجي تعمير ۽ بناوٽ جي لحاظ کان عظيم فنِ مهارت جو مظهر آهي. هن قعلي کي ڏسڻ کان پوءِ فوجي جنگي تعميراتي فن جو بهترين نمونو ملي ٿو. رني ڪوٽ ۾ اندر 3 ٻيا قعلا يا ڪوٽ موجود آهن جن ۾ 1) موهن ڪوٽ (2) شير ڳڙهه (3 ) ميري ڪوٽ شامل آهن. رني ڪوٽ جي گجهه کي کولڻ لاءِ مختلف محققن پنهنجي تعليم ۽ مطالعي جي بنياد تي تحقيق ڪئي اها هن وقت تائين جامع ۽ تصديق شده مرحلي تائين پهچي نه سگهي آهي. رني ڪوٽ پهرين ڏينهن کان ئي اسان کان اهو مطالبو ڪندو رهيو آهي ته عالمي ادارن ۽ ماهرن کي گهرائي هن جي قدامت کي جاچڻ جي لاءِ تحقيق ڪرائي وڃي پر اهو سڀ ڪجهه ته پري جي ڳالهه پر سنڌ ثقافت کاتي ڄڻ ته هن عظيم ديوار کي ميسارڻ جو ٺيڪو پنهنجي ئي اداري انڊوويلينٽ فنڊ ٽرسٽ (اي ايف ٽي) کي ڏئي ڇڏيو آهي، اصل ۾ هن اداري کي ٺاهڻ جو مقصد پنهنجي تاريخي اثاثن کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ۽ عالمي سطح تي ملندڙ فنڊن جي بنياد تي تحقيق ڪرائڻ لاءِ عالمي ماهرن کي گهرائڻ ۽ انهن قلعن ۽ ڪوٽن جي ٻيهر تعميرِنو ڪرائڻ آهي پر افسوس اي ايف ٽي جي ماهرن جيڪو ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رني ڪوٽ جهڙي تاريخي ماڳ سان روا رکيو آهي ان سان هن عظيم ديوارِ سنڌ جي قدامت کي فائدو ته نه ٿيندو پر ابتو سندس تاريخي حيثيٽ مثارجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.

تاريخ جي علم تي دسترس رکندڙن کي اها ضرور خبر هوندي ته لوهه کي تعميراتي ڪم ۾ ڪتب آئڻ وارو رواج انگريز دور ۾ پيو هو، جڏهن ته انگريز دور کان اڳ ۾ تعميراتي ڪم ۾ ڪاٺ استعمال ڪيو ويندو هو سو رني ڪوٽ جو قعلو نه ڄاڻ ڪهڙي دور ۾ ۽ ڪنهن تعمير ڪرايو هو،البته اهو ضرور ملي ٿو ته 1812ع ۾ مير اڪرم علي ٽالپر هن قلعي جي مرمت ڪرائي هئي،ان به  ان جي مرمت ۾ تاريخي پهلوئن کي مدنظر رکيو هو، هئڻ ته ائين گهرجي ها ته ان وقت جي قدامت کي جاچڻ جي لاءِ ريڊيو ڪاربان ٽيسٽ ڪرائي انهيءُ دور ۾ تعميراتي ڪم ۾ ڪتب ايندڙ شين سان هن قعلي جي مرمت ڪرائي وڃي ها پر اي ايف ٽي وارا بجو مل وانگر پنهنجيون تجوريون ڀرڻ خاطر هن عظيم ديوار کي به نه بخشي رهيا آهن.

ڪجهه ڏهاڙا اڳ سنڌ هيريٽيج ريسٽوريشن فورم جي دوستن پاران هن عظيم قلعي کي بچائڻ لاءِ شوشل ميڊيا کان وٺي هر ميڊيائي فورم تائين ڊاڪمينٽري ۽ تحقيقي پوسٽون جي صورت ۾ مهم هلائي وئي جنهن کان پوءِ ثقافت کاتي پاران ميري ڪوٽ جي اڳڻ تي سنڌ هيريٽيج ريسٽوريشن فورم جي تعاون سان مچ ڪچهري به ڪوٺائي وئي، جيڪو يقيني طور تي هڪ سٺو عمل هو، اتي ئي ثقافت کاتي جي موجوده سيڪريٽري ميري ڪوٽ کي بچائڻ لاءِ دروازو لڳائڻ ۽ قعلي جي مرمت جو اعلان ڪيو هو هاڻ جيڪو دروازو لڳايو پيو وڃي اهو لوهه جي ٽيئرن کي ويلڊ ڪري ٺاهيو ويو آهي ان کان سواءِ دروازو لڳائڻ لاءِ هن عظيم ڪوٽ کي بيدردي سان ٽوڙيو پيو وڃي ڪو به محقق اهو ٻڌائي ته ڇا اهو طريقو درست آهي؟ جڏهن ته عالمي اصولن موجب تاريخي اثاثن جي ٻيهر مرمت وقت ان جي قدامت، هنرڪاري ۽ تعميراتي فن کي جئين جو تئين قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ان لاءِ بهتر اهو ٿيندو ته اي ايف ٽي ۾ ويٺل ڪامورا ان ويلڊنگ ٿيل دروازن بدران ڪنهن مضبوط ڪاٺ جو دروازو لڳائين جئين حيدرآباد جي پڪي قلعي ۽ ميرن جي دور جي ٻين ماڳن جا دروازا جڙيل آهن. جن ۾ اعليٰ قسم جو ڪاٺ لڳل آهي ۽  ان ڪاٺ مٿان لوهه جا تيز ڌار وارا حفاظتي سمڀا لڳل آهن، جن کي لڳائڻ جو مقصد موسمي حالتن سان مقابلو ڪرڻ ۽ دشمن کي منهن ڏيڻ جي ٽيڪنيڪ سمايل هوندي آهي. تاريخدانن کي اها به ڄاڻ هوندي ته انهن دروازن کي کولڻ ۽ بند ڪرڻ جي لاءِ ان دور ۾ خاص درٻان مقرر ڪيل هوندا هئا.جڏهن ته اي ايف ٽي جو هڪ ٻيو ڪارنامو اهو آهي ته تازو ئي شير ڳڙهه جي مرمتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب شيرڳڙهه جي اها ديوار پاڻ ئي پاڻ پٽ پيجي وئي آهي ان لاپرواهه ۽ غلطي کي لڪائڻ لاءِ اهو بهانو بڻايو ويو آهي ته هتي شديد قسم جو زلزلو آيو هو پر اتي جا مقامي ڳوٺاڻا ۽ صحافي اهڙي ڪنهن به قسم جي زلزلي جي تصديق نٿا ڪن، ٻيو ته مرمتي ڪم ۾ اڇو سيمنٽ استعمال ڪيو پيو وڃي جيڪو پڻ پراڻي پٿر جي لاءِ نقصانڪار آهي.آئون اهو مطالبو ٿو ڪيان ته اسان جي عظيم ماڳ ۽ سنڌ جي سڃاڻپ عظيم ديوارِ سنڌ سان مرمت جي نالي تي اهڙي مذاق بند ڪئي وڃي،هي مرمتي ڪم نه پر عظيم ديوار سنڌ جي قدامت ۽ تاريخي تي حملو سمجهون ٿا ۽ آئون عالمي اداري يونسڪو کان به مطالبو ٿو ڪيان ته هو پنهنجي قانون ۽ قائدن مطابق اي ايف ٽي ۽ ثقافت کاتي کان پڇاڳاڇا ڪري ته آخر ڇو هن عظيم تاريخي ماڳ کي هٿ سان تباهه ڪيو پيو وڃي؟ ان سان گڏوگڏ آئون اهو به چوندس ته جس هجي سنڌ هيريٽيج ريسٽوريشن فورم جنهن نه  رڳو هن عظيم رني ڪوٽ جي مالڪي ڪئي آهي بلڪ ان جي بقا لاءِ آواز به اٿاريو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *