تازيون خبرون

رنجشون ۽ رسڪ!؛عديل مهر

’متحده، مُسلم ليگ ۽ مولانا صاحب ٽيئي پرچيا آهن پاڻ ۾! هو ٿورا مڃن عمران خان جا، جنهن هنن کي هڪ ٿيڻ تي مجبور ڪيو. هي جي ائين نه پيا ڪن ته تحريڪ انصاف تڪ پئي کسين! ڪراچيءَ جي ننڍين چونڊن ۾ وڏي ڳالهه ٿي وڃي ها، کوڙ ساريون سيٽون پي ٽي آءِ کٽي وڃي ها. استعيفائون ڏيڻ وارا ننڍين چونڊن ۾ ته ڪونه بيهن ها، پنهنجو نقصان ڪري بيهي رهن ها. متحده پنهنجي هاريل پاڻيءَ تان تِرڪندي ترڪندي بچي وئي. هوڏي مسلم ليگ کي پنهنجي هڪ قومي تڪ 122 تي وڏو ڌڪ لڳو آهي، هن جو اسپيڪر آئوٽ ٿي ويو آهي. اها به عمران خان جي فتح! نئين اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ايوان ۾ به ووٽ کپن، 24 ميمبرن واري متحده ٻاهر رهي اهو به ليگ کي لوڏو!! ٻئي ڌريون تحريڪ انصاف جون تپايل! پي ٽي آءِ ٻنهي کي عام چونڊن ۾ سهڪائي چڪي آهي، ننڍين چونڊن ۾ به ٽُڪرَ لاهي سگهي ٿي! اها ڳالهه هنن جي مٿي ۾ مولانا صاحب ويهاري ته چريا نه ٿيو ٺهي وڃو، ڇنڻ ۾ ڇا رکيو آ، ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪيو، ٺهي وڃڻ ۾ توهان جو ڀلو آ، نه ته تحريڪ انصاف ترا ڪڍي رکندوَ!! اهو ئي سوچي ٽيئي پَرتا پاڻ ۾، م- م ۽ م!!

متحده ۽ مسلم ليگ (ن) مفاهمت ڪري ڄڻ مولانا صاحب تي ٿورو ڪيو. هانءُ هن گهڻو لاٿو هو، ننڊ هن جي گهڻي ڦِٽل هئي. خط، فونون، نياپا، پنڌ، پارتون، اصل وسان نه گهٽايائين، توڙي جو هڪ ڌر دلچسپي نه پئي ڏيکاري، ٻيءَ هٿ ٻڌي چيس ته هاڻي زحمت نه ڪجو، پر هن يار هٿ نه ڪڍيو ۽ هڻي هنڌ ڪيائين. ٺهڻ وارا ٺهي وڃڻ کانپوءِ ڇا به ڪن، پر هنن کي ٺاهڻو آهي. تحريڪ انصاف هنن کي ري پليس ڪري اهو برداشت کان ٻاهر آهي. حڪومت کي هيٺيون، متحده کي مٿيون ٻُڌائي مڙئي هيٺيون، مٿيون ڏئي هنن کي ٺاهي ورتائين. مولانا جيتري محنت ڪئي، اوتري جو جس هجيس!! هي ڪم هن کان ئي پڳو آ، نه ته ڪير ٿو ڪنهن جي لاءِ ڪري، پنهنجي ڇڏي ڪير ٿو پرائيءَ ۾ پوي! ٺهي هُو ويا مٺائي مولانا صاحب ورهائي هوندي. ان خبر ۾ ڏاڍو خوش ٿيو هوندو. هاڻي هو ڪجهه گڏجي ڪن يا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي، انهيءَ صدقي جو ثواب مولانا صاحب کي ملندو پيو!!

”سِر بچو لک ٿيو!“ اها ئي جيڪڏهن اصل ڳالهه آهي ته پوءِ متحده کي پنهنجون سيٽون بچائڻ جي مبارڪ هجي، باقي جيڪو نه ملڻ تي متحده مُٺي هئي ۽ نه ٿيڻ تي رُٺي هئي، اهو ته هاڻي به نه مليو، نه ٿيو ۽ نه اهڙي پَڪ جنهن کي دلجاءِ چئجي! ڪاوڙ ۾ اُڇليل شيءِ واپس کڻي وٺڻ کان وڌيڪ جي خبر ئي ناهي ٺهي- هيو ڇا؟ هيو هي ته 12 آگسٽ تي متحده جي 83 ميمبرن سنڌ، قومي ۽ سينيٽ ٽنهي ايوانن مان انهن شڪايتن سان استعيفائون ڏنيون ته ”ڪراچي ۾ اسان جي خلاف آپريشن ٿو ٿئي، اسان جي 200 ڪارڪنن کي رينجرز ۽ پوليس پڪڙيو آهي، ڇڏين ڪونه ٿا، عدالتن انصاف ناهي ڏنو، عسڪري قيادت وقت ناهي ڏنو، رينجرز ڪراچيءَ ۾ اسان جي خلاف ڪارروايون ڪري پي ٽي آءِ ڪاڻ راههَ هموار ٿي ڪري، انهيءَ ڪري اسان استعيفائون ٿا ڏيون. اهي تڏهن واپس وٺنداسين جڏهن ڪراچي آپريشن جي نگراني لاءِ پارلياماني ڪاميٽي ٺهندي.“ 13 آگسٽ جي اخبارن ۾ ڏسو ته اهي شڪايتون آهن يا ٻيون؟ هاڻي جڏهن هوءَ پنهنجي ڪاوڙ تان لهڻ تي راضي ٿي آهي ۽ استعيفائون واپس پئي وٺي ته انهن مان ڪهڙي شيءِ جو ازالو ٿيو آهي؟ هن گهُر ڪئي هئي آپريشن جي لاءِ پارلياماني نگران ڪاميٽيءَ جي، پر هوءَ راضي ٿي آهي صرف سنديون شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ٻنهي پارٽين جي گڏيل ڪاميٽيءَ تي جنهن کي “Redressal and Regrevenceis committee” چيو وڃي ٿو. يعني ڏک تڪليف دور ڪرڻ واري ڪاميٽي، جنهن جي اڳواڻي وزيراعظم ڪندو. هاڻي ان لاءِ وزيراعظم کي جڏهن وقت ملي! جنهن وزيراعظم استعيفائن جي باوجود هنن کي ملڻ لاءِ ايڏو رولايو آهي، ڪراچيءَ کان ڪڍ لڳا هئس ته مولانا جي معرفت مَس وڃي اسلام آباد ملاقات ٿين، اهو وزيراعظم هاڻي ويهي هنن جون شڪايتون ٻُڌندو! سَوال هي آهي ته جڏهن سومر ڏهاڙي 3 ڪلاڪ اهي ئي شڪايتون ٿي چڪيون ته باقي ڪاميٽي ڇا لاءِ؟ هاڻي ته ڪنهن ازالي جي ڳالهه ڪجي نه، ان حوالي سان ڇا مليو؟ استعيفائون ڇا تي واپس ٿينديون!

يا ته هي پاڻ ايتري تي راضي هئا، مڙئي مولانا صاحب هنن جو نڪ ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي، يا هنن سان هڪ جي ٻي ٿي. مولانا هنن جو مَٿو وڍائي آيو آهي. سادن لفظن ۾ اهو ئي چئبو ته متحده ان تي ماٺ ڪئي، جنهن تي شور ڪري هن استعيفيٰ ڏني هئي. هن مطالبن تان هٿ کنيو، هن سوچيو جان ڇُٽي لک ٿيو!! ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪا دلجاءِ هو مولانا جي معرفت وٺي موٽي آيا اها ته گهر ويٺي استعيفيٰ کان اڳي ۽ استعيفيٰ کانسواءِ به ملي پئي سگهي، اسلام آباد وڃي ڇا وٺي آيا؟ هڪ ڪاميٽي ٺهندي (جڏهن ٺهي) شڪايتون ٻُڌندي (جڏهن وزيراعظم ويهي) غور ڪندي (جيترو وقت ڪري) پوءِ جيڪو ٿيو! سڀاڻي ڪنهن ڏٺي آهي!؟ تيستائين هي حڪومت سان تعاون ڪندا ۽ حڪومت وري وفاقي ڪابينا ۾ انهيءَ ڏينهن اهو طئه ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن تيزيءَ سان جاري رهندو، هي يار خاطريءَ تي کير کنڊ!!

وقت وقت جي ڳالهه آهي، وقت هو پي ٽي آءِ وارن استعيفائون ڏنيون هيون ته وقت جي حڪومت جو ساههُ ٿي ويو، هي به وقت آ، متحده استعيفائون ڏنيون ته پنهنجو ساهه پيو وڃيس. ٻيو مولانا صاحب کي پئي مُونجهه ٿئي، وقت جي حڪومت وتي لنوائيندي، هي هڙئي ڪڍ، ”وقت ڏي ته واپس وٺي ڇڏينداسين!“ واندڪائيءَ ۾ وقت ڏنائين ۽ ڪنڌ لوڏي هڪڙي ”ها“ ڪري ڇڏيائين! هي راضي! پريس ڪانفرنس به پاڻ ڪيائون، اعلان به پاڻ ڪيائون! هاڻي جي هي ان تي خوش ٿين ته پاڻ سنڀالي ڪري پي ٽي آءِ لاءِ موقعا وڃاياسين ته انهيءَ تي بيشڪ خوش ٿين، باقي ان حوالي سان هنن جي خوشيءَ جي ڪا ڳالهه ڪانهي ته هي رُٺا ته حڪومت مري پئي ۽ هي پنهنجي مڃائي پوءِ موٽيا. ڳالهه فقط ايتري آهي ته ماضيءَ جيان ماڻو ڪري متحده ان تان مُڙي وئي. جهرڪيءَ چيو هو وڻ کي ته ويهانءِ ٿي پاڻ جَهلجانءِ، وڻ لُڏيو ڪونه، جهرڪي ويٺي ۽ اُڏري وئي!متحده استعيفائن لاءِ چوٽيءَ تي چڙهي پاڻ ئي وري ائين پئي لهي جيئن خار ۾ ڪو خودڪشيءَ لاءِ ٽوڙهو ڳچيءَ ۾ وجهي ۽ پوءِ کولي چوي ته گهٽو پيو اچي! اهي انجام اڳ ۾ سوچبا آهن، روز چِڙ اچي روز چڙهي بيهي رهجي ٿنڀي تي، چڙهڻ وارو ڀلي نه ٿڪجي، پر کِلي کِلي خلق ٿڪجي پوندي آهي! هاڻي ته اهڙي خبر ڄڻ خبر ئي ناهي. اهڙين خبرن کي کڻڻ وارا هاڻي نيوز چئنل به تفريحي ٿا لڳن. مُلڪ جي سياسي جماعتن سان جهيڙا ۽ وقت جي حڪومتن سان رُساما متحده لاءِ نئين ڳالهه ناهي.تنهنجي نوخيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي،هر تير لڳو نشاني تي گٿو ڪو ڪونهي.سڀني جيڪي سُور پِرايا آهن، تنهن جي روشنيءَ ۾ سندن اها راءِ رهي آهي ته ”تيري دشمني مجهي قبول، تيري دوستي سي ڊرتا هون.“ انهيءَ جي دوستيءَ جو دم جن به ڀريو تن کي پوءِ دانهون ڪندي به ڏٺوسين، جن کي هنن جي مرڪز جون حاضريون ڀريندي ڏٺوسين تن کي بعد ۾ انهيءَ دوستيءَ ۾ ڏٺو ٿيندي به ڏٺوسين! هڪڙي وقت ۾ جن کي هنن سان ڪو واسطو نه رکڻ جون قراردادون پاس ڪندي ۽ پڙهندي ڏٺوسين تن کي ٻئي وقت ۾ هنن ڏي ويندي ڏٺوسين! هنن وٽ به ڪي ڪاغذن جا گُل آهن، اچڻ وارن جي ڳلي ۾ وجهي ٿا ڇڏين. جهڙي سياست تهڙا استقبال. ڪڏهن حمايت ڪڏهن مذمت! ڪڏهن حمايت ۾ ريلي وري انهن جي مخالفت ۾ ريلي. هو به هنن سان هنن جهڙا، جهڙا رُوح تهڙا ختما! هنن جا ”اُصولي“ اختلاف، ”ذاتي“ مفادن تي ختم ٿي وڃن ٿا، هنن جا فرض هنن جي ضرورتن تان قربان ۽ ساک سندن ساڙ تان صدقي!سومر ڏهاڙي واري نه هي مليا آهن نه هنن جون دليون مليون آهن، اها مصلحتن پاڻ ۾ ملاقات ڪئي، هي جي نه ٿي پرچيا ته تحريڪ انصاف جي راهه هموار پئي ٿي، ٻنهي وٽ ڪا لچڪ نه هئي، پر عمران خان جي خيال ٻنهي کي رٻڙ ڪري ڇڏيو. هتي ”مقصد“ پنهنجا ايترا ڪم ناهي ڪندو جيترا ”حسد“ ڪندو آهي. خوف ماڻهوءَ کان اهي ڪم ٿو ڪرائي جيڪي لالچ به ناهي ڪرائي سگهندي. هنن جڏهن ڏٺو ته تحريڪ انصاف تاڙيون ويٺي آهي تڏهن دير ئي نه ڪيائون ۽ پرچي ويهي رهيا. ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي، رنجشون رئي ٿي ويون، نه ڪنهن ڳالهه تي ڳنڍ ڏني نه ضرورتن تي زور، پريس ڪانفرنس ۾ ڏيکاريل سڄي ڪاوڙ ڪاميٽي ٺاهڻ جي آسري تي ختم! عمران خان لاءِ ميدان ڇڏڻ وڏي رِسڪ آهي، ان رسڪ کين رام ڪري ڇڏيو ۽ هي پرچي ويهي رهيا!!

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *