تازيون خبرون

راهو تنهنجي ريت: عرفان منان

تاريخ جي ڇاتين کي جيڪڏھن نظرن سان ڇھي ڏسبو ته، اکيون ڪيئي ارڏا ڪردار پسي سگھنديون. تاريخ جي ورقن جو ورد ڪرڻ کان پوءِ اھڙن انسانن جي اڻ مٽ جدوجھدن جو پيرائتو پتو ملي ويندو. جن پنھنجن سماجن، خطن ۽ ملڪ جي مظلوم طبقي جي حقن ۽ آسودگي لئه اڻ ٿڪ انقلابي ويڙهه وڙھي آھي. اھڙي قسم جي بي مثال جنگ جوٽڻ تي انھن عظيم سورمن، غريب ۽ حقن کان لاتعلق پيڙهيل پورهيتن ۽ مضلوم طبقي جي ماڻھن جي دلين تي راڄ ڪيو آھي. اھڙن ئي نه جھڪندڙ اڙٻنگن ۽ ڪوپن مڙسن ھن ڌرتيءَ جي وشال سيني تي سوين چٽ چٽيا آھن. انھن جا عڪس، نقش، علامتون، اھڃاڻ ۽ ادا ڪيل اعليٰ ڪردار، اکين کان ڪڏھن به اوجھل نٿو رھي سگھي. انھن جي ڪيل اھڙن انمول ڪمن ماڻھن جي دماغن ۽ دلين ۾ جاءِ والاري آھي. اھڙن بي بھا املهه انسانن ۽ ھيرن مان فاضل راھو به ھڪ آھي. فاضل راھو ھڪ سوچ، ۽ نظريي، ھڪ واٽ ۽ دڳ، ھڪ فڪر ۽ مقصد ۽ ھڪ تحريڪ جو نالو آھي. ساڳيو ئي فاضل راھو ھڪ اهڙي دور جو نالو آھي، جيڪو سچائي، بھادري، ھمٿ ۽ حق ۽ سچ خاطر ويڙهه جو دور آھي. فاضل راھو ھڪ تاريخ جو نالو آھي، جنھن تاريخ تي وقت جي ڌوڙ نٿي پئجي سگھي. فاضل راھو سنڌ جو اھو چمڪندڙ ھيرو ھيو، جنھن جي سدا حيات چمڪ ساري سنڌ کي منور ڪيو. ھو جيڏو پنھنجي قد بت ۾ مضبوط ۽ پڪو پختو ھيو. ايترو ئي پنھنجي ڪردار، جدوجھد ۽ اصول ۾ سگهارو ھيو. سندس ڪيل جدوجھد عام جدوجھد نه ھئي. سندس جفاڪشيءَ سان ھن ديس جي جھانگيئڙن کي نئون جيون مليو. جنھن جيون جون بي شمار معنائون ٿين ٿيون. ھن جو ڳالھائڻ عام ڳالھائڻ نه ھيو. سندس گفتار ۾ ھڪ قسم جي للڪار ھئي. اسٽيجن تي بيھي ڪيل سندس تقريرون وقت جي جنرلن، ڪرنلن ۽ ويڪائو وڏيرن لئه تلوار مثل ھيون. ھن پنھنجي جذباتي ۽ شوخ تقريرن ۽ انقلابي ويڙهه وسيلي قوم دشمن ٽولي جا ڪنڌ جهڪائيو.

فاضل راھو ھن ڳورھاري ڌرتيءَ جو پورن مھينن تي پيدا ٿيل اھو پٽ ھيو، جنھن پنھنجي ٻنڌڻن ۾ ئي ڌرتيءَ ماءُ سان وفاداري جو وچن ڪيو ھو. ھن ته ٻارائپ ۾ ئي نگري جي نينھن جو تلڪ پنھنجي نرڙ تي لڳايو ھو. ھن ته امڙ جي ھنج ۾ ئي سنڌ سان سچائيءَ جون سوين ستيون پيتيون ھيون. ھو ته سنڌوءَ جيڏي دل رکندو ھيو، جنھن جي پاڻي ھن ديس جي ھارين ۽ پورھتن جي ذھني زمينن کي زرخيز ۽ سيراب ڪري ڇڏيو. ھن پورھتن جي بک اجھائڻ لئه اھڙي پوک پوکڻ پئي چاھي، جنھن جي پچڻ کان پوءِ پورھت راڄ جي فاقاڪشي سدائين لئه ختم ٿي وڃي ھا. فاضل راھو ھڪ ئي وقت اڳواڻ به ھيو ته، ڪارڪن به ھيو. پر اھو به سچ آھي ته ھو اڳواڻ گھٽ ۽ ڪارڪن وڌيڪ لڳندو ھيو. ان مان ئي سندس وڏ ماڻهپو ۽ پارٽيءَ سان سچائيءَ جي پرک پسجي سگھجي ٿي. ھن ۾ ھڪ نج انقلابي سپاھي ھجڻ جون سڀئي خوبيون موجود ھيون. ھن پاڻ تي سونپيل ھر ھڪ ذميواري سان پوري طرح نڀاءُ ڪيو. ھو اھڙو چنڊ ھيو جنھن جي چانڊوڪي سان ھن وطن جي ھارين جون دليون ۽ دماغ روشن ٿيا. ھو سادن ماڻھن جو سالار ۽ اٻوجھن لئه ھڪ اجھو ۽ آسرو ھيو. ھو اڪثر ڪري ماڻھن جي ڪکائن جھوپن ۾ لنگھي وڃي مسڪين ماڻھن جا ڏک، درد ۽ اھنج ٻڌندو ھو ۽ ھو انھن کي انھن جي حل لئه طور طريقا ۽ تدبيرون ٻڌائيندو ھو. ھو انھن کي مٿن برپا ڪيل ڏاڍ ۽ ظلم خلاف ويڙهه لئه اتساھيندو ھيو. فاضل راھو جڏھن پورھيت طبقي جي آجپي جو سڏ کڻي جھر جھنگ نڪتو ھو ته، ھارين پاڻ کي صدين جي غلامي مان آزاد ٿيندي ڏٺو. ھو آذاديءَ جو اھو شعلو ھيو، جيڪو ديس مان اونداھي جي خاتمي لئه نڪتو ھو، کيس ڏسي ھارين جي گونگين زبانن مان سنڌ جو ڏاهو جهڙن سچن لفظن جي گونج جا پڙاڏا سنڌ جي ڪوني ڪوني ۾ پوڻ لڳا.

سنڌي ڏاھو!

فاضل راھو،

فاضل راھو.

واقعي فاضل راھو ھن ڏکي ڏيهه جو ڏاھو ھيو، جنھن ھن چرئي سماج کي ڏاھپ جا ڏهه ڏهه ڏس ڏنا. ھن پنھنجي ڏاھپ سان ھارين ۽ پورھيتن جا حق کائيندڙن کي ڪيئي ڏنگ ھنيا ھيا، ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته، کيس يونان جي ديومالائي ڪردار، سقراط جيان زھر به ڏنو ويو. ھونئن به اڪثر ڪري ڏيهه جي ھر ڏاھي کي ڏيهه ۽ ڏوٿي بچائڻ جي جرم ۾ وقت جي جلاد قوتن ڪڏھن زھر ڏنو آھي. ڪڏھن دار جي دڳ تي پنڌ ڪرايو آھي، ته ڪڏھن صليب تي چاڙھيو آھي. ڇو ته سچ وڏو ڏوھاري آھي. ھر ڏاھي کي خون ڏئڻو ئي پوي ٿو. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي ته،

الا ڏاھي م ٿيان،

ڏاھيون ڏک ڏسن.

پر ڪي اھڙا به ڪردار آھن، جيڪي پنھنجي /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 38

ھٿن سان زھر جا پيالا پيئڻ لئه تيار ٿي وڃن ٿا، ۽ ڪڏھن اھي دار جي ڳٽي تي ڊگھي چمي ڏئن ٿا. جيڪي ڪنڌ جھڪائڻ کان اڳ ۾ ڪنڌ ڪپائڻ کي ترجيح ڏئن ٿا. اھڙن بھادر انسانن حق ۽ سچ کي زندهه رکڻ خاطر جان جي به پرواهه نه ڪئي آھي. ڇاڪاڻ ته ھي جان اچڻي وڃڻي آھي، باقي ڪردار ته سدائين جيئرا رھندا آھن. ڪردارن ۽ ڪارنامن کي جيئدان ڏئڻ لئه اھڙن ڏاھن وري ڪجهه ھي به چيو آھي.

الا ڏاھي ٿيان، ڀلي ڏسان ڏک،

ملندا پوءِ سک، مرڪي مونسان ماڳ تي.

فاضل راھو ھارين جي خوشحالي لئه سوين سورج اڀارڻ نڪتو ھيو، ھو ھارين جو حقيقي اڳواڻ ھيو، ھو اھو صبوح ھيو جنھن جو سپنو جنگشاھي جي جوڌي، رسول بخش پليجي ڏٺو ھيو. ان سڀاڳي صبوح ٿيڻ لئه ھن ھارين ۽ پورھيتن کي ايترو ته منظم ۽ متحد ڪيو ھيو، جو مارشلا جي قھري دور ۾ لکين ھارين راھوڪي ۾ گڏ ٿي، اھو چئي ڏنو.

ڪيڏو آ شور فضا ۾، ڏيهه اڀا ڪيا ڏاٽا وو،

سنگن وانگي سوئر، تنھنجا لڻبا ڳاٽا وو.

لکين ھارين جي منظم ميڙ کي ڏسي جنرل ضياءُ کان ڇرڪ نڪري ويو. سندس وايون بتال ٿي ويون ۽ کيس پنھنجو ظلم ۽ قھر تي قائم ٿيل قلعو ڪرندي محسوس ٿيو. ڇو ته ھاري ۽ مذدور ھن ڏيهه کي ھلائيندڙ آھن. اھي جڏھن گڏجي ھڪ آواز ٿيندا ته رھزنن تي قائم راڄ ھڪ ڏينھن به ھلي نه سگھندو. اھڙي سمي کي پسندي ئي شيخ اياز ٻھڪندي ڳايو.

سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪري جي اڀا،

لکين عيد جا چنڊ اڀري پون.

اھڙي چنڊ جي اڀرڻ کان پوءِ محڪوم ۽ مظلوم طبقي جي گھرن جي آڳرن تي سکن جي چانڊوڪي، کير جيان ھارجي پوندي، ۽ سندن اڱڻ ڪڏھن به ميرا نه ٿيندا. سدائين اڇا ۽ اجرا رھندا. فاضل راھو رڳو لاڙ جو لال نه ھيو، پر ھو ته سنڌ جي اھا سڳنڌ ھيو، جنھن پنھنجي خوشبوءَ سان ديس جا سڀئي ويڙھا ۽ وسنديون واسي ڇڏيون ھيون. ھو صدين جي پيڙا کان پوءِ پيدا ٿيل اھو ٻج ھيو، جيڪو موسمن جو محتاج ناھي ھوندو، منجهس اھو جوھر موجود ھوندو آھي، جنھن وسيلي ھو ڦوٽھڙو ڪري سگھي. ھن ڌرتي جي مقدس ڪک مان ھر دور ۾ ان قسم جا ماڻھو پيدا ٿيا آھن، جن حالتن جا رخ موڙي ڏيکاريا آھن. جڏھن اھڙن انمول انسانن جو ھڪٻئي سان واسطو ٿئي ٿو، ھڪٻئي سان خيال ۽ سوچون ملن ٿيون، ھڪٻئي سان ذھني ھم آھنگي ۽ ھم خيالي پيدا ٿئي ٿي، سمجهه، سرت جا پاڻ ۾ سلسلا اچي ملن ٿا ته، پوءِ تڏهن ڳالهه ئي نرالي ٿي پوندي آھي. جڏھن فاضل راھو جي ملاقات رسول بخش پليجو سان ٿي تڏهن، ھيا اڳي ئي ڳڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا. واري ڪيفيت جو عيان ٿيڻ بجا ٿيندو.

اهو سچ آهي، ته جڏھن ٻه عظيم سوچون ۽ اعلي دماغ پاڻ ۾ ملن، جڙن ۽ ھم ڪلام ٿين ٿا ته، ديس واسين لئه سٺو سنوڻ سمجھو ويندو آھي. حقيقت ۾ فاضل راھو کي ارڏو انقلابي بنائڻ ۾ فڪر پليجو جو وڏو ھٿ ھيو. جڏھن فاضل راھو فڪر پليجو سان سلھاڙجي ويو ته سراپا انقلاب بنجي ويو. سندس منزل ۽ مقصد ساڳيو ھيو. سنڌ واسين کان رسول بخش پليجي، فاضل راھو ۽ عوامي تحريڪ جون ھلايل انقلابي تحريڪون ڀلا ڪئين ٿيون وسري سگھن. سنڌ ۽ ملڪ ۾ ھي ٻئي انسان جدوجھدن ۽ انقلابي تحريڪن جا موجد ليکيا وڃن ٿا. قوم لئه کنيل ھنن جا بھتر قدم ڀلا ڪنھن کان وسري سگھندا ڇا؟ عوامي تحريڪ جي مثالي، انقلابي، نظرياتي، منظم سياست، ھن ديس جي چپي چپي تي نه ڊھندڙ نشان ڇڏيا آھن. جن کي زماني جا زلزلا مٽائي نٿا سگھن. ۽ نه ئي وري وقت جا وڏا واچوڙا سندن رندن کي ڊاھي سگھن ٿا. فاضل راھو پنھنجي طبيعت ۾ فقير قسم جو انسان ھيو. منجهس نه ڪا وڏائي هئي، نه ڪو ٺٺ ٺانگر ھو. هو ھن ديس جو اھو جوڳي ھيو، جيڪو انھن واسينگن کي پڪڙڻ نڪتو ھو، جن نانگن صدين کان ھارين ۽ پورھيتن کي پنھنجي زھريلن ڏنگن سان پئي ڏنگيو آھي. فاضل راھو وٽ بھادري، سچائي، ھمٿ، پورھيت نظرئي جي پچار ۽ ان سان پيار جو فقدان ھيو ئي ڪونه. ھو ذھني، شعوري ۽ فڪري  طور ڏاڍو شاھوڪار ھيو. وٽس ڪنھن به قسم جي مسڪيني ۽ غريبي ڪون ھئي. ھو سياست جي دنيا جو اھو سدابھار گل ھيو، جيڪو ازل تائين ڪين ڪوماڻبو. ھن جي من اندر ۾ وڏا وڏا خواب ھيا. پورھيت نظريي جي پچار ڪندي ڪندي پورھيت راڄ جو ھي پاڌيئڙو پورھيتن کي  پنھنجي منزل طرف وٺي وڃڻ ۽ پنڌ پڄائڻ جو وچن ڪري ويٺو ھيو، ۽ وقت ڏٺو ته ويڙيھچن سان ڪيل وچن سان ھن ڇا ته نڀاءُ ڪيو. ان سفر ۾ ھن پنھنجو ڪنڌ ته ڪثائي ڇڏيو، پر مسڪينن سان ڪيل واعدا پورا ڪيا. ۽ پوءِ زماني جي ظالم قوتن ھٿان ھي واٽ ويندي بي ڏوهه ماريو ويو. سندس ڏوهه اھو ھيو ته ھن پيڙھيل طبقي سان پيار جا پڪا پيچ پائي ڇڏيا ھيا. ھن جو ڏوهه اھو ھيو ته، ھو چاھي پيو ته، ھن ديس تي ڏاٽي ۽ ھٿوڙي ھلائڻ وارن جو راڄ قائم ٿئي. سندس اها خواھش ھئي ته، ھن ڏيهه جا ڏوٿي ڪنڌ مٿي کڻي ھلن. ھن جي اھڙي موت تي اھا اک به آلي ٿئي ھئي، جنھن اک مان ڪڏھن ڳوڙھو به نه ڳڙيو ھيو. ھن جو  موت ڪو عام رواجي موت نه ھو. ھن جو موت ھڪ دور، ھڪ سوچ ۽ ھڪ انقلابي ويڙهه جو موت ھيو. ھن جو موت ھڪ جڳ ۽ دنيا جو موت ھيو.

فاضل راھو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي پورھيت طبقي جي ڇوٽڪاري لئه وڏي ويڙهه ڪئي، جنھن جي گواھي تاريخ ڏيندي رھندي. ھو اھو جوڌو ھيو، جيڪو موت سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالھائيندو ھيو. فاضل صاحب جو ھي قول ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آھي ته، ھو واقعي دلير ھيو. ”جيسيتائين  موت جو سوال آھي ته، اسان کي ھڪ نه ھڪ ڏينھن ھوئين مرڻو ئي آھي. جي ڀاڙي ٿيون ته پوءِ به ڪا پنج ڏينھن حياتي وڌي ملي، پر اھا به ڪانه ملندي“ فاضل راھو پنھنجي ريٽي رت سان سنڌ جي قومي، عوامي، انقلابي جدوجھد کي ريج ڏئي ويو. اھڙا ڪردار ڪڏھن به فنا ناھن ٿيندا. تنھن ڪري فاضل فنا نه پر بقا آھي، ۽ بقا کي موت ناھي اچڻو. جسم فاني آھي. انسان فاني آھي. پر عظيم انسانن جا عظيم عمل ۽ ڪمال ڪارنامه سدائين زندهه رھندا آھن. اھي ھميشه ماڻھن کي سچائي، جدوجھد ۽ قرباني جي راهه ڏيکاريندا آھن. بقول شيخ اياز جي.

سمجھو ٿا لوڪو،

راھو مرڻو ڪين آ،

مري ويو ڪو ٻيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *