تازيون خبرون

ذڪر ڪمزور ۽ طاقتور اقليتن جو: شاهد شاهه

اسان جي ذهن ۾ جڏهن به اقليت جو خيال اچي ٿو ته گڏوگڏ مذهبي اقليتن جو خيال پڻ اچيو وڃي، جن ۾ سنڌ اندر هندو برادري جي اڪثريت شامل آهي، سنڌ جي راڄڌاني ۾ وري عيسائي توڙي ٻيون اقليتون پڻ اچيو وڃن ٿيون. اقليتون ٻن قسمن جون ٿين ٿيون: ڪمزور اقليتون ۽ طاقتور اقليتون. ڪمزور اقليتن کان ته توهان واقف هوندا، جن ۾ مذهبي اقليتن سان گڏوگڏ جسماني طور تي ڪمزور اقليتون عورتون ۽ ٻار به اچي وڃن ٿا. توڙي جو عورتون اقليت ۾ ناهن پر انهن جو شمار ان طبقي ۾ ڪيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته اهي جسماني توڙي معاشي طور تي ڪمزور آهن. جيستائين اسان جي اخبارن ۾ رپورٽنگ جو تعلق آهي ته اهي اڪثر طور تي طاقتور کي وڌيڪ جاءِ ڏينديون رهيون آهن. توهان ڪنهن به ڏينهن ملڪ جون مک انگريزي، اردو توڙي سنڌي اخبارون پڙهي ڏسو، توهان کي رڳو مخصوص اٽڪل ڏيڍ سئو کن شخصيتن جي ڪوريج نظر ايندي، توهان ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين اخبارون ڏسندا رهو، ساڳيا ئي نالا گردش ۾ نظر ايندا، جن ۾ اڪثريت سياستدانن جي آهي، جيڪي سدائين اخباري صفحن ۾ ڀريل رهن ٿا. جسماني توڙي سماجي طور ڪمزور طبقن جي ماڻهن کي اخبارن توڙي ٽي وي تي تمام گهٽ جاءِ ملي ٿي.

مون کي ويجهڙائپ ۾ مذهبي اقليتن جي حوالي سان مختلف پروگرامن ۾ شامل ٿيڻ توڙي سينئر صحافين کان سکيا وٺڻ جو موقعو مليو. جيئن ته انهن پروگرامن ۾ وسيلن جي اڻاٺ هئڻ سبب تمام ٿورڙن صحافين ۽ مذهبي ڌرين جي شرڪت ممڪن ٿي سگهي هئي، آئون هتي عبرت اخبار جي پڙهندڙن سان انهن پروگرامن ۾ بحث هيٺ ايندڙ معاملن کي پيش ڪريان ٿو. گڏوگڏ طاقتور اقليت جو ذڪر ڪندو هلان، جيڪا ميڊيا تي ڇانيل رهي ٿي. ان طاقتور اقليت جي اسان پڻ سالن کان رپورٽنگ ڪندا رهيا آهيون پر ان طرف ڪجهه وقت پهرين انگريزي ماهوار نيوز رسالي هيرالڊ جي ايڊيٽر ۽ منهنجي دوست بدر عالم عبرت اخبار جي ڪراچي آفيس ۾ ڌيان ڇڪرايو، جتي اسين جرنلسٽس فار ڊيموڪريسي اينڊ هيومن رائيٽس (جي ڊي ايڇ آر) پاران اقليتن جي موضوع تي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن سان ويچار ونڊي رهيا هئاسين. بدر عالم ان ڳالهه تي اختلاف ڪيو ته ڪو اخبارن ۾ اقليتن کي ڪوريج نٿي ملي. هن چيو ته اخبارن، رسالن توڙي ٽي وي ۾ طاقتور اقليت کي جاءِ ڏني وڃي ٿي. سندس چوڻ هو ته اخباري رپورٽر صنعتڪارن کي ته جاءِ ڏين ٿا پر ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جو ذڪر ڪونه ٿو ٿئي، جيڪي اڪثريت ۽ ڪارخاني مالڪ اقليت آهن. زراعت جي شعبي ۾ وري وڏن آبادگارن ۽ زميندارن جي معاملن کي کنيو ٿو وڃي جڏهن ته هارين ۽ زمينن تي ڪم ڪندڙ مزدورن تائين تمام گهٽ رپورٽر پهچن ٿا. سندس ڳالهين ۾ وزن هو. واقعي اخبارن اندر انهن ماڻهن کي اڪثر جاءِ ڏني وڃي ٿي جيڪي بااثر يا اخباري ادارن تائين پهچ رکن ٿا. ضروري ناهي ته ان ۾ صحافين جو ڪو مقصد شامل هجي، اهي اڻڄاڻائي ۽ ڪمزور اڪثريت تائين پهچ نه هئڻ سبب، انهن تائين پهچ رکندڙ ڌرين جي معاملن کي ڪوريج ڏيئي ويهن ٿا.

پاڪستان ۾ مختلف سماجي مسئلن تي صحافين جي تربيت ڪندڙ تنظيم جي ڊي ايڇ آر ڪراچي ۾ ايڊيٽرن سان ٿيل اهڙي گڏجاڻي کانپوءِ طئه ڪيو آهي ته ڪمزور اقليتن خاص طور تي مذهبي اقليتن کي مناسب جاءِ ڏيارڻ لاءِ جتي صحافين جي سکيا ضروري آهي، اتي خود اقليتي نمائندن کي به سکيا ڏني وڃي ته اهي پنهنجي مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪن. جي ڊي ايڇ آر شروعاتي طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ صحافين جي سکيا لاءِ پروگرام منعقد ڪري چڪي آهي، جن ۾ خود اقليتي برادرين جا نمائنده صحافي پڻ شامل هئا، جڏهن ته تمام جلد مذهبي اقليتن جي نمائندن سان ويهڪ ڪئي ويندي، جنهن جو مقصد اهو ئي آهي ته اهي پنهنجي مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ صحافين تائين پهچي سگهن، ڇاڪاڻ ته صحافين جي اڪثريت وسيلن جي کوٽ سبب ڪڏهن ڪڏهن خبر جي بنياد تائين نٿي پهچي سگهي. اقليتن جي مسئلن کي جيترو اقليتي رپورٽر سمجهي سگهن ٿا ايترو ٻيا ڪونه ٿا سمجهي سگهن. ان لاءِ ضروري آهي ته نه رڳو مذهبي اقليتن جي مسئلن کي اخبارن ۾ جاءِ ڏني وڃي پر انهن اقليتن جي نمائندن کي صحافتي ادارن ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ انهن کان سندن مسئلن جي ڪوريج پڻ ڪرائي وڃي. اڪثر سنڌي اخبارن جي اڳواڻي لکيل پڙهيل طبقي وٽ آهي، جيڪي ڪنهن به متڀيد کانسواءِ اقليتي برادري کي پنهنجي صفن ۾ جاءِ ڏين ٿا، جن ۾ سڀ کان وڏو ڪردار عبرت اخبار ئي نڀايو آهي، جنهن جي مارڪيٽنگ جي شعبي ۾ تاحيات خدمتون ڏيندڙ سرڳواسي مايا رام راٺي کي ڪير ٿو وساري سگهي، جيڪو پنهنجي زندگي جي آخري گهڙين تائين تمام معتبر طريقي سان وقت گذاري ويو.

جي ڊي ايڇ آر ان ڳالهه جي پرچار ڪري رهي آهي ته جتي جڏهن طاقتور اڪثريت (خاص طور تي مذهبي اڪثريت) جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اتي ڪمزور اقليت (مذهبي اقليت) کي نه وساريو وڃي ۽ جتي وري طاقتور اقليت (سرمائيدار، ڪارخانيدار، واپاري، زميندار) جي ڳالهه ٿئي ته ڪمزور اڪثريت (مزدور، هاري) کي پڻ مناسب جاءِ ڏني وڃي. ڪوشش ڪئي وڃي ته اسان پنهنجي رپورٽنگ ۾ سمورين ڌرين سان رابطي ۾ رهون. ڪوشش اها هئڻ گهرجي ته مسئلن کي ٺاهه طرف وٺي وڃجي نه ئي وڌيڪ ڏڦيڙ طرف. ان ڏس ۾ اهو ڪري سگهجي ٿو ته جن معاملن ۾ وڳوڙي ماڻهن جي نشاني تي مخصوص مذهبي ماڻهو نه هجي پر انهن جو نشانو ڪو به مذهب رکندڙ ٿي پئي سگهيو، ان صورتحال ۾ ڪنهن مذهب جو ذڪر ڪرڻ صحيح نه ٿيندو، الٽو ان سان نفرتون وڌنديون. مثال طور؛ جيڪڏهن ڪجهه وڳوڙي هڪ واپاري کي اغوا ڪري ويا ۽ اتفاق سان اهي وڳوڙي مسلمان ۽ اغوا ٿيندڙ هندو مذهب سان تعلق رکندڙ هو، ان معاملي ۾ ڪنهن مذهب کي هيڊلائين ۾ لکڻ سان معاملو بگڙجندو. ڪوبه مذهب ٻي مذهب خلاف ڏوهه ڪرڻ جو سبق ڪونه ٿو ڏئي. ڏوهاري ماڻهو ڏوهاري هوندا آهن، انهن جو ڪنهن مذهب سان تعلق ڪونه هوندو آهي. اهڙي ريت جيڪي ماڻهو زبردستي سان ڪنهن هندو يا ٻئي مذهب جي نياڻين جو مذهب تبديل ڪرائين ٿا، انهن جو مقصد پڻ ڏوهه آهي جيڪو معاملو به مذهبي بنياد تي نه ڏسڻ گهرجي.

اسان جي انهن سکيا وارن پروگرامن ۾ اها ڄاڻ پڻ ملي ته اسين ننڍپڻ کان گهڻيون ڳالهيون پنهنجي ذهنن ۾ ويهاري ويٺا آهيون، جيڪي اصل ۾ درست ناهن. جهڙوڪ: عورتون سٺيون ڊرائيور نٿيون ٿي سگهن، هندو مبنيا مسلمانن جو استحصال ڪن ٿا وغيره. ڏٺو وڃي ته گهڻيون عورتون مردن کان سٺي ڊرائيونگ ڪن ٿيون ۽ ڪو به هندو واپاري هندو هئڻ سبب مسلمانن جو استحصال ڪونه ٿو ڪري، جيڪڏهن ڪا زيادتي ٿئي ٿي ته ان جو هندو مذهب سان تعلق ناهي، اهو ڪو واپاري منافعو ڪمائڻ لاءِ ڪري ٿو. هندو جي جاءِ تي جيڪڏهن مسلمان واپاري هجي ها ته اهو به ايئن ڪري ها. ڏٺو اهو ويو آهي ته مسلمان واپاري وڌيڪ منافع خور هجن ٿا. ان ۾ به مذهب جو ڪو قصور ناهي. اهي واپاري طريقا آهن، ڪنهن کي اچن ٿا ته ڪي وري انهن کان ويڳاڻا آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين رڳو مفروضن تي ٻڌل پنهنجي ڄاڻ کان اڻڄاڻ ٿي وڃون ۽ شين جي سائنسي طريقي سان ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ ئي انهن کي پنهنجي رپورٽنگ جو حصو بڻايون.

جي ڊي ايڇ آر جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر جي حيثيت سان منهنجي ذميواري آهي ته صوبي اندر مذهبي ڀائيچاري کي قائم رکڻ لاءِ ڪوششون وٺندو رهان. ان ڏس ۾ اوهان جي رهنمائي جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اوهان وٽ ڪي تجويزون يا صلاحون هجن ته ضرور شيئر ڪندا.

shahid.jillani@gmail.com

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *