تازيون خبرون

دودي جي دليري تي اڄ ڌرتي ناز ڪري ٿي: تحرير ربنواز راز ڄامڙو

سنڌ جي تاريخ ۾ سومرن جو دؤر بنيادي حيثيت رکي ٿو. ھنن جي دور  ۾ سنڌ جي تھذيب، تمندن، ادب ۽ ثقافت جا ڪيئي انڊلٺي رنگ ملن ٿا . جيڪي  تاريخ جي ورقن ۾ سهڻي سليقي سان سجايل آهن . عربن کان پوءِ، سنڌ ۾ مقامي حڪومت  خودمختيار ي طرز عمل جهڙو راڄ جاري هو . سومرن سنڌ تي 1051ع کا 1351ع تائين پورا ٽي سؤ سال حڪومت ڪئي. ھن خاندان جا جملي ويھ حاڪم تخت تي ويٺا.  جن سنڌ جي آزادي، سالميت ۽ خودمختياري لاءِ ڌارين سان جنگيون جوٽيون. ھن خاندان جي ھر فرد سنڌ لاءِ قرباني ڏني، جن مان دودوسومرو اسان جي تاريخ جو عظيم جرنيل ۽ سورھيه سپاھي ٿي ساڻهون آيو . دودو سونھن سياڻپ سورھيائيءَ جو مجسمو حب الوطني ۽ قربانيءَ جي جذبن سان سرشار مکيه سورمو آھي . سندس جنگي ڪارناما وطن جي راھ ۾ سرفروشي ۽ قرباني جي عوامي جذبن جي صحيح ترجماني ڪن ٿا. دودو سنڌ جو ھڪ لافاني ۽ لاثاني قومي ھيرو ٿي گذريو آھي.  “سنڌ جي تاريخ انسانيت جي شرف جو ھڪ مقدس ڪتاب آھي. ھي ملڪ پنھنجي علمي اخلاقي ۽ تمدني روايتن جي باعث دنيا جي سامھون جھڪڻ لاءِ پيدا نه ٿيو آھي. مون هڪ واقعو ياد آيو آهي هڪ ڀيري جڏهن دودي جي ڳوٺ جا رهاڪو هٽلر سان جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ٿي رهيا هئا ته دودو به ميدان ۾ ٻاهر نڪري آيو ۽ کين چيائين ته مان جنگ تي هلندس ته انهن وراڻيو تون اڃا ٻار آهين توکي ڏاڙهي ۽ مڇون به نه آهن جڏهن توکي ڇهپر ۽ ڏاڙهي منهن تي اچن پوءِ ئي تون جنگ تي هلجانءِ  دودي ڇا ڪيو جو لاهيارن کان ڏاٽا هٿ مان وٺي منهن تي ڏاٽي جي چير ڏئي چيو ته مون کي هاڻي ته مڇون ۽ ڏاڙهي منهن تي آهي هاڻي ته جنگ ڪري سگھان ٿو. دودو سومرو سنڌ جي حاڪم، ڀونگر جو  پُٽ ھو .  هن سنڌ تي 1312ع راڄ ڪيو. سندس گاديءَ جو ھنڌ روپاھ ضلعي بدين ۾ ھو.  اوچتوجڏهن حاڪم مري ويو. کيس پڳ جي جڏهن آڇ ٿي ته اهو منظر شاعر هن نموني بيان ڪيو آهي .

ويھ پڄاڻان پيءُ جي ، آءُ چنيسر آءُ .

ڀاڳ سڻائو تنهنجو تو کي ڀلي ڄڻيو ماءُ.

رسم موجب پڳدار وڏي پٽ کي پڳ راڄ وارن کي ٻڌرائڻي هئي . اهو منظر هن شعر ۾ ملي ٿو .

ٻاٽي ٻاٽي ڏينهڙا لڳايو ڀونگر راءِ سي .

مڙدن آڻي مامرو  ٻڌو پڳ مٿي .

ھن پٺيان ٻه زالون ڇڏيون. ھڪ سومري دودي جي ماءُ ۽ ٻي لوھاري چنيسر جي ماءُ  سومرن دودي کي پڳ ٻڌائي ان تي چنيسر کي ڪاوڙ لڳي ڇو ته ھو دودي کان وڏو ھو.

ڪاوڙ ۾ ڪارو ٿيو چڙيو چنيسر راءِ ،

ٻڌي ڪٽاريون ڪاتيون، سونهري سروپاءِ .

چنيسر سڌو دھلي ويو ته جيئن ھندوستان جي حاڪم علاءُ الدين خلجيءَ کي سنڌ تي چاڙھي اچي۽ دودي کان حڪومت کسي. اتي سمرقند جو حاڪم علاءُالدين ترم شيرين دھليءَ جي ٻاھران کُپ کوڙيون ويٺو ھو. چنيسر کيس پئسي ۽ سنڱ جي لالچ ڏيئي سنڌ تي چاڙھي آيو. ھن اچڻ سان اعلان ڪيو ته سنڌ جو تخت چنيسر جي حوالي ڪريو ۽ ٻاگھل جو سڱ مون کي ڏيو. ظاھر آھي ته ھي ٻئي ڳالھيون، سنڌ جي تھذيبي ۽ ثقافتي روايت موجب اڻ ٿيڻيون ھيون.

جر نه کٽين ڪنگرين ، رائو نه ڳنڍين ويڻ.

گولي وڃين گجرين ته چندا دودي ڀيڻ.

اڃا به پھرئين شرط مڃڻ ۾ ڪنھن قدر مصالحت ھئي پر ٻيو شرط ته تمام ڏکيو ھو. پر ان ڪري دودي جرئت، ھمٿ ۽ دليريءَ سان ٻنھي ڳالھين مڃڻ کان انڪار ڪري جنگ جو اعلان ڪيو. ڏاڍي جنگ لڳي جنھن ۾ ڪافي سومرا سردار ساھڙ سلطان، ڄام ابڙو ھاسو سوڍو، ممٽ ابڙو، جاڙيجا سردار ۽ پسگردائيءَ جا چڱا مڙس، سِر ڏيئي سرھا ٿيا.

او ابڙو آھ آڀڳ ،او ڏونگر هي ڏيھ ٻيو،

او جھوڻيجاڻو جڳ ، جو سامن سونٽا نه هـــڻي .

ننگر مغل پاڻ ۾ چڙهي ڏني چوٽ ،

ڀڃي ڇت ڇيهون ڪري گھڻا ماريائون گھوٽ .

فلاڻي لاکي وٽ مون وڏو ڪيو ٿي وات. ،

گھيٽن پٽيون ٻڌي ، سو ڏيندو ڪـــهڙي ڏات .

ھن جنگ ۾ دودو سڀني جو ڏڍ ۽ ڀر جھلو ھو ۽ سندس آڌار ۽ آسري تي ئي ٻين پئي جنگيون ڪيون. جڏھن ٻيو ڪوبه نه بچيو تڏھن دودو رُڪ جو سندرو ٻڌي چڙھيو. ھو دلير ۽ دلاور ھو. ڪوپو ۽ ڪنڌار ھو. ھو پنھنجي خاص ٽھانگ ھٿيار کڻي، ميدان ۾ آيو، جنھن ۾ ست ترارون سميٽيل ھيون. ھو شاھي فوج ۾ جتان ٿي لنگھيو ته پھا ڪڍي ٿي ڇڏيائين. سندس مقابلي جي ڪنھن کي جرئت ڪانه ٿي  اھڙي طرح ھو رڳو چوڏھن ڏينھن وڙھيو. ترم شيرين ڏٺو ته ھاڻ سِر ٿو وڃي، سو چنيسر کي ھڪل ڪيائين. ھن ڪپتئي ڀاءُ، دشمن کي ھڪ اٽڪل ڏسي، جنھن سان دودي جي گھوڙي ڇلانگ ڏيندي وڃي ڀالن سان لڳي ۽ دودي جي جسم کي ڀالن پَرڻ ڪري ڇڏيو. اھڙي طرح ھي سورمو، شھادت جي رت ۾ رچي لال ٿي پيو. سندس بهادري جي جھلڪ هن بيت مان به ملي رهي آهي .

ارڙنهن ڌڪ ترار جا لـڳا ننگرمٿي ڏانهن ،

پر ٽڪر ٽريو ڪين ڪي پئي جبلن ڪونه سماءُ

سندس مارجڻ جو سبب هن شعر ۾ هن طرح بيان ٿيل آهي .

سٿريون وجھن ٿا سومرا ، جيئن لنب جو گاھ لڻن ،

دودو ماريو هو ڊوھ سان ، آيو ڏولائو ڏيهن .

اھو واقعو 1227ع جو آھي.
دودي جي جنگ آدرشي لحاظ کان  سنڌ لاءِ مھاڀارت واري جنگ جو درجو رکي ٿي  جنھن جا سورما  سندن جوش ۽ جذبو سنڌ لاءِ بيحد مقدس آھي. واقعاتي لحاظ کان، پنھنجن ملڪي معاملن ۾ ٻاھرين دست اندازي خلاف دودي جي ھيءَ جنگ قومي غيرت  خود داري، وطن پرستي، دليري، سچائي ۽ قربانيءَ جو زبردست ڪارنامو آھي.

دودو سنڌ جو عظيم سورھيه آھي جنھن جو نالو تاريخ ۾ زنده رھي. ھيءُ سنڌ جو اھو سورمو آھي جنھن قومي آزاديءَ لاءِ جنگ ڪئي ۽ سنڌ جي لڄ کي سلامت رکيو. ھن وطن جي عزت قومي غيرت خانداني وقار  ملڪي آزادي ۽ روايت خاطر سِر ڏيئي، اسان کي زنده رھڻ جو حق ڏياريو. اھوئي سبب آھي جو سندس شھادت واري واقعي جو پوري سماج اثر قبول ڪيو ۽ عوام اھو ڏک صرف سومرن جو نه پر پنھنجو سمجھيو. ڪڙمين ڪاسبين، پنھوارن، ٻڪرارن، ڌنارن، ڪنڀرن، لوھرن، سمن، سھتن، گجرن، راڻن ڪورين، موچين ۽ مردن توڙي عورتن جي پنھنجي حاڪم جي شھيد ٿي وڃڻ ۾ غم ۽ ماتم ڪيو. دودي جي شھادت، رياست جي حاڪم جي شھادت ڪانه ھئي، پر اھا شھادت سڄي معاشري جي، ساٿ ڌڻي سرواڻ جي شھادت ھئي، ڇاڪاڻ ته اھا ويڙھ سلامت شاھي جي طاقت ۽ استحصال خلاف پورھيت ھنرمندن ۽ واپارين جي اتحاد وطنيت ۽ قومي ثقافت جي جنگ ھئي.  ان ڪري ئي پنھنجي وقت جو حڪمران، عوام جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو ۽ ھو اڄ به ايترو ئي مقبول آھي جيترو اڳي ھو. ڪوبه فرد جڏھن، جڏھن بھادري ۽ مڙسي ۽ غيرت جو ڪم ڪندو آھي، تڏھن چوندا آھن ته مڙس ته ڪو دودو آھين. محترم ابن الياس لکي ٿو ته “صديون گذريون آھن مادرِ وطن سنڌ لاءِ جيڪو ڪردار دودو سومرو ادا ڪري ويو آھي، ان جو مثال اڃا تائين ملڻ مشڪل آھي. جڏھن به سنڌ جي ڌرتيءَ لاءِ غيرت ۽ ھمٿ، شجاعت ۽ ھمٿ، شان ۽ مان جو سوال سامھون ايندو آھي، ته سواءِ دودي سومري جي ٻيو ڪنھن به سورھيه جو مثال ذھن ۾ نٿو اڀري.

پيءُ مرندي ڇڏيو تو سانو ڄڻي ،

مون ٿي آنديون تولئه سي دودي جھليون

مون ته اچي وسليون ، جيڪا رضا راءِ جي .

اها ڳالھ ڪنهن کان به لڪل ڇپيل ناهي ته دودو سنڌ جو سورھ ۽ بهادر سپھ سالارجنرل هو جنهن تي سنڌ ڌرتي اڄ به ناز ڪري رهي آهي .

*****

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *