تازيون خبرون

دهشتگردن جي ڀڳل چيلهه جو ايڪسري ڪٿي آ؟: وسعت الله خان

ڪنهن ستم ظريف فيس بُڪ تي هڪ جملو لکيو آهي ته”مڃيوسين ته دهشت گردن جي چيلهه ڀڳي وئي آهي. هاڻي ته اسان کي انهيءَ ڀَڳل چيلهه جو ايڪسري ڏيکاريو.“

پاڪستان جي صوبي خيبرپختون خواهه ۽ قبيلائي علائقن ۾ نائين اليون کان وٺي هن وقت تائين طالبان جي دهشت گرد حملن ۽ فوجي آپريشنن دوران چئن هزارن جي لڳ ڀڳ اسڪولن جون عمارتون مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿيون، ان کانپوءِ نائجيريا آهي جتي بوڪو حرام جي دهشت گردن لڳ ڀڳ هڪ هزار اسڪولن جي عمارتن کي نشانو بڻايو.

انگن اکرن جو جائزو وٺندڙ رانا محمد عثمان آمريڪي يونيورسٽي آف ميري لينڊ جي عالمي دهشتگرديءَ بابت انگن اکرن (گلوبل ٽيررزم ڊيٽا بيس) جي مطالعي مان نتيجو ڪڍيو آهي ته گذريل 45 سالن دوران تعليمي ادارن تي سڀ کان وڌيڪ هٿياربند حملا (1436) ڏکڻ ايشيا ۾ ٿيا. انهن منجهان 60 سيڪڙو حملا (734) پاڪستان ۾ ٿيا ۽ انهن مان وري 96 سيڪڙو 2004 ۽ 2013 جي وچ ۾ ٿيا آهن.

ڏکڻ ايشيا کانپوءِ تعليمي ادارن تي هٿياربند حملن جو سڀ کان وڏو نشانو وچ اوڀر جا ملڪ بڻيا، انهن منجهان عراق ۽ شام سڀ کان اڳيان آهن، جڏهن ته آفريڪا ۾ تعليمي ادارن تي سڀ کان وڌيڪ آفتون نائجيريا تي ٽُٽيون.

گذريل 45 سالن ۾ اسڪولن اندر سڀ کان وڌيڪ قتل پاڪستان ۾ (ساڍن چئن هزارن کان وڌيڪ) ٿيا. ان کانپوءِ روس جو نمبر اچي ٿو. تعليمي ادارن خلاف دهشت گرديءَ جي 75 سيڪڙو عالمي وارداتن ۾ خودڪار هٿيار، بم ۽ بارود استعمال ٿيو.

پاڪستان ۾ تعليمي ادارن تي سڀ کان وڌيڪ حملو (208) ڇهه قبيلائي علائقن (مهمند باجوڙ دره آدم خيل، اورڪزئي، ڏکڻ وزيرستان، خيبر ايجنسي ۽ 130 حملا خيبر پختون خواهه جي شهري علائقن (پشاور، بنون، چارسده ڪبل) ۾ ٿيا.

جيڪڏهن ڪنهن هڪ وڏي شهر کي ڏٺو وڃي ته سڀ کان وڌيڪ نشانو پشاور ۽ ڀرپاسي جا تعليمي ادارا بڻيا، ان کانپوءِ ڪراچيءَ جو نمبر اچي ٿو، جتي 42 تعليمي ادارن تي هٿياربند حملا ٿيا، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ 26 تعليمي ادارا حملن جي لپيٽ ۾ آيا.

پر اهي شاگرد، جيڪي اسڪول کانپوءِ سفر دوران يا مصروف هنڌن تي دهشت گرديءَ جو نشانو بڻيا، تن جي قتلن جو انگ تعليمي ادارن ۾ قتل ٿيلن کان تمام گهڻو آهي. سو ايئن چئي سگهجي ٿو ته گذريل ڏهن سالن ۾ تعليمي ادارن کان ٻاهر دهشت گرديءَ جو نشانو بڻيلن ۾ ڪوئيٽا جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڌيڪ آهن.

ڏٺو وڃي ته گذريل ڏهن سالن دوران هٿياربند فوج ۽ نيم فوجي ادارن (ايف سي ۽ رينجرز وغيره) پنهنجي ٿاڪن ۽ آفيسن کي محفوظ بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ۽ ان مقصد لاءِ دفاعي و غير ترقياتي بجيٽ جو هڪ حصو به مختص ڪيو ويو آهي.

چين-پاڪستان اقتصادي راهداري في الحال جيتوڻيڪ ڊرائنگ بورڊ تي آهي پر ان جي امڪاني تعمير تي مقدر چيني افرادي قرت جي تحفظ لاءِ هڪ خاص فوجي تنظيم جو ڍانچو اڳواٽ ئي گڏ ڪيو ويو آهي. پر گذريل ڏهن سالن دوران دهشت گردن هٿان هزارين تعليمي ادارن جي بربادي خاص ڪري آرمي پبلڪ اسڪول واري سانحي کانپوءِ لَونِ ٻوٽن کي بچائڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان ۾ ڪهڙيون خاص ترجيحون رکيون ويون؟ شايد هڪ به نه.

آرمي پبلڪ اسڪول واري سانحي کانپوءِ چئني صوبن ۾ تعليمي ادارن جي امڪاني تحفظ لاءِ سوين حڪمناما، سرڪيولرز ضرور نڪتا، ڪنڊيدار تارن جي وڪري ۾ به ڪجهه عرصي لاءِ چڱو اضافو ٿيو، گهڻن تعليمي ادارن جون ڀتيون به ٻه کان ٽي فوٽ مٿي ٿيون.

جتي گيٽ تي هڪ خانگي چوڪيدار ڍَڪر کائيندو هو هاڻي ٻه ڍَڪر کائن ٿا ۽ انهن ”حفاظتي قدمن، جو گهڻو بارُ تعليم پرائيندڙ ٻارڙن جي والدين تي ئي وڌو ويو آهي. پر پوءِ به اهو ئي ٿيو، جيڪو ٿيندو آيو آهي. ڀرتيون ۽ اچڻيون وڃڻيون پساهه پورا ڪري ويون ۽ فرض ڪيو ويو ته هاڻي تڏهن ڏسنداسين جڏهن سانحو ٿيندو. ۽ نيٺ باچا خان يونيورسٽيءَ جي شڪل ۾ اهم سانحو ٿي ويو. اها ته دهشت گردن جي مهرباني آهي جو اهي پوئين پاسي کان ٽپا ڏئي آيا، چاهن ها ته مُک دروازي کان به آسانيءَ سان داخل ٿي پئي سگهيا.

اصل نيشنل ايڪشن پلان اهو هوندو جنهن ۾ ڪجهه خاص عمارتن ۽ خاص ماڻهن کي عام عمارتن ۽ عام ماڻهن ۾ تبديل ڪيو ويندو.

جاپان جي هوڪائدو ريلوي ڪمپنيءَ ٽي سال اڳ ڪامي تيراڪي ريلوي اسٽيشن لاءِ پنهنجي سروس نفعو نه ٿيڻ جي ڪري بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر پوءِ اهو فيصلو ملتوي ڪيو ويو، ڇو جو ان اسٽيشن تان هڪ ٻارڙي اسڪول ايندي ويندي هئي، هاڻي هڪ ريل صبح جو ست لڳي، پنج منٽن تي صرف انهيءَ ننڍڙي مسافر لاءِ ايندي آهي ۽ وري شام جو پنجين وڳي ان کي واپس کڻي ايندي آهي.

ان ٻارڙيءَ جو تعليمي سال مارچ ۾ مڪمل ٿي ويندو ۽ 26 مارچ کانپوءِ ڪامي تيراڪي ريلوي اسٽيشن لاءِ هوڪائيدو ريلوي جي ريل گاڏي سروس بند ٿي ويندي. ايترين ڏکيائين سان پالينديون آهن ڪجهه قومون پنهنجي شاگردن کي…

(شايد جاپان جهڙن ملڪن کي ڪڏهن ضرب عضب جي ضرورت نه پئي)

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *