تازيون خبرون

دنيا اندر جنگي جنون ۽ ايس سي او جو ڪردار؛نسيم بخاري

چين جي محبوب رهنما مائوزيتنگ جو چوڻ آهي ته اسان جا دشمن اُهي سڀ ماڻهو آهن، جيڪي سامراج سان ٺاهه ۾ آهن. يعني جنگي سردار، ڪامورا شاهي، سرمائيدار طبقو وڏن زميندارن جو طبقو ۽ دانشورن جي اها رجعت پرست ڌر جيڪا انهن سان جڙيل آهي.

چين پنهنجي ابتدا کان اڄ ڏينهن تائين مائوزيتنگ جي مٿئين صلاح، تجزيي ۽ خيال تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪيو آهي. اُها قوم جيڪا آفيمي ليکي ويندي هئي. ان ۾ جڏهن سجاڳيءَ جي لهر جاڳي ته ان پاڻ ملهايو ۽ دنيا جي هر محاذ تي پنهنجي مڃتا جا هوڪرا لائي ڏنا آهن.

چائنا جي هڪ عام چوڻي مون کي اڪثر ڏاڍي وڻندي آهي ته ”جيڪڏهن اوهان کي ڪنهن جي مدد ڪرڻي آهي ته ان کي مڇي نه ڏيو، بلڪه ان کي مڇي پڪڙڻ جو هنر سيکاريو.“ ان چوڻيءَ تي چائنا وارن باقاعده عمل ڪيو آهي ۽ ان عمل جو ئي نتيجو آهي جو ان دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چائنا جا ادارا، چائنا جون شيون ۽ چائنا جي سرمائيدارن جي سيڙپ ٿيل ٿي ڏسجي. چين جي هڪ شهر شنگهائيءَ ۾ جڏهن پاڙيسري ملڪن ۾ ثقافتي، سلامتي، واپاري، سائنسي معاملن ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ، هڪ ٻئي جي ڏکن کي گهٽائڻ ۽ سهولتن ڏيڻ بابت صلاح مشورن جي حوالن سان هڪ ڪٺ ٿيو هو ته ان ڪٺ هڪ تنظيم کي جنم ڏنو هو، جنهن کي دنيا شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي نالي سان سڃاڻي ٿي. هن تنظيم جا مستقل ميمبر ان جا مبصر ۽ ان ۾ شموليت جا ارادا رکندڙ اجتماعي مفادن جي حاصلات لاءِ هڪ ٻئي سان هٿ هٿ ۾ ملائي اڳتي وڌڻ جا تمنائو آهن. شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن پنهنجي شروع کان حال تائين نيٽو جي متبادل طور محسوس ٿيندي آئي آهي. اُها ايشيا کنڊ ۾ امن ۽ سلامتيءَ جي ساکي آهي. ان جو تحرڪ، ايشيا جي ملڪن لاءِ جنهن احساس جي آبياري ڪري ٿو، تنهن مان مثبت نتيجن جي جهلڪ نظر ايندي رهي آهي. پاڙيسري ملڪن وچ ۾ هر سطح تي هڪ ٻئي جي تڪليفن گهٽائڻ، خوشيون ۽ خوشحاليون وڌائڻ وارن نقطن تي دارومدار رکندڙ (ايس سي او) تاريخ ۾ ڪهڙي تناظر ۾ ڏٺي ويندي، تنهن بابت ته وقت جو مورخ ئي ڪجهه ٻڌائي سگهندو پر اُها پنهنجي تخليقي جوهر ذريعي جيڪي تجليون پسائي چڪي آهي، تن مان بهتريءَ جي اُميد ڪيترن ئي مونجهارن ۽ مايوسين کي مات ڏني آهي.

هن تنظيم جا بانيڪار چين، روس، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان جيڪو اڳتي هلي هن جو حصو بڻيو هن ۾ ٽوٽل ڇهه ملڪ آهن، جيڪي پاڻ ۾ مختلف شين تي سهڪار جاري رکندا اچن ٿا. مٿيان ملڪ پنهنجي بڻ بنياد جي حوالي سان ڀل ڪهڙو به تاريخي پس منظر رکندا هجن پر انهن پاران گڏيل ملڪي مفادن لاءِ مچايل اُهو ميڙ ۽ شروع ڪيل اهم مهم اهو ثابت ڪري ٿي ته دنيا جي بدصورتي گهٽائڻ لاءِ هنن جي اندر ۾ ڪا اُمنگ ڪنهن تبديلي لاءِ تڙپ جي تمنائو آهي.

سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ’هڪ هڪ، ٻه ٻارنهن‘ ٿيندا آهن. چائنا چڱائي جي احساس جي آبياري لاءِ پنهنجي ميزباني ۾ جن ساٿي ملڪن جي سهڪار سان روان دوان آهي ان ۾ اُهو سنيهو سمايل آهي ته اسان جي خطي جو مستقبل روشن ۽ محفوظ آهي، جنهن جي اسان جي خطي کي سخت ضرورت آهي. پاڪستان، ڀارت ۽ ايران 2006ع ۾ (ايس سي او) ۾ شموليت جي خواهش ڏيکاري چڪا آهن، جنهن جو مطلب ۽ مقصد اهو آهي ته اُهي ملڪ (ايس سي او) جي اهميت ۽ افاديت کان نه رڳو واقف آهن پر هو ان مان ايترو مطمئن آهن جو ان سان پنهنجي ساٿ ۽ گڏ هئڻ واري تعارف کي پاڻ لاءِ اعزاز سمجهن ٿا. اسان جو خطو اڄڪلهه جن علائقائي خطرن سان سرشار آهي ۽ انهن جي نتيجي ۾ جيڪي خوفناڪ امڪاني خطرن جا گهنڊ ٻڌجن ٿا، انهن کي آڏو رکندي (ايس سي او) جي موجودگي هڪ طرح سان هڪ ڏڍ محسوس ٿئي ٿي، جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪن پاڙيسري ملڪن جا معاملا ۽ تعلقات صفا خراب ٿي وڃن ٿا ۽ ڳالهه جهيڙي کان اڳتي وڌي جنگ تائين پهچي وڃي ٿي ته ان صورتحال ۾ (ايس سي او) پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري، رتوڇاڻ توڙي بمن جي برسات کي گهٽائي سگهڻ جي طاقت رکي ٿي.

مثال طور پاڪستان ۽ ڀارت هميشه هڪ ٻئي تي الرون ڪندا رهندا آهن. ڪنهن به ملڪ ۾ ڪا به تباهي مچي ٿي، ڪو به طوفان، زلزلو اچي ٿو ته ان جي سازش جا پيرا به مخالف ملڪ ۾ ڳوليا وڃن ٿا. هي دهشتگرديءَ جي جيڪا لهر متل آهي ۽ پاڻ کي جيڪا انتها پسندي صفا چوٽ تي چڙهيل ٿي ڏسجي، جيڪي جهادي گروپ ۽ لساني ٽولا، لُڙ مچايو ويٺا آهن، انهن جي واڌ ويجهه ۾ به مٿي ڄاڻايل ٻٽي ملڪ هڪ ٻئي تي تهمتون مڙهيندا آيا آهن، جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. پاڪستان ۽ ايران هونئن ته ڀل برادر ملڪ ليکيا ويندا هجن پر هتي جيڪا فرقيواراڻي فتنن، فسادن جي المناڪ تاريخ رقم ڪئي آهي تن ٻنهي ملڪن کي عملي طور تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيهاري ڇڏيو آهي. ايران دنيا جو اُهو پهريون ملڪ آهي، جنهن سڀ کان اڳ پاڪستان کي هڪ آزاد ملڪ طور قبول ڪيو هو پر اڄ اهو ايران يمن ۾ گهرو ويڙهه کانپوءِ پاڪستان پاران سعودي سرڪار جي هر سطح تي مدد واري اعلان کانپوءِ پنهنجي ترجيح تبديل ڪري چڪو آهي.

افغانستان ۽ پاڪستان جا تعلقات به ڪڏهن گرم ته ڪڏهن سرد رهن ٿا، ڪڏهن ڀاڪرن ۾ ته ڪڏهن ٻنهي ملڪن جو ڀڀڪين تي زور آهي. سرحدي علائقن ۾ ڪڏهن سختين جون شدتون ڏسبيون ته ڪڏهن ڪنهن سرحد جي موجودگيءَ جو احساس ئي نه ٿيندو. اهي لاها چاڙها ايشيا کنڊ جي اڪثر پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ڪڏهن ٿورا ته ڪڏهن گهڻا، بهرحال اڄ تائين موجود رهندا پيا اچن. انڊيا ۽ چين جو سرحدي تڪرار به اڄ تائين سڌري نه سگهيو آهي. جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته ٻئي وڻج واپار جي حوالي سان تيزيءَ سان اڳ کان اڳرا ڏسڻ ۾ اچن پيا. چائنا جي مجموعي طور تي جيڪا پاليسي ۽ نفسيات ڏسڻ ۾ آئي آهي، سا مفاهمت، اعتدال ۽ امن سلامتي محنت ۽ سرمائيڪاري جي جهلڪ پسائي ٿي.

(ايس سي او) جنهن باوقار ڪردار سان پنهنجو شاندار تعارف جوڙڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، اهڙو ئي تعارف پاڙيسري ملڪن ۾ تڪرارن جي نبيري جي واپاري لڳ لاڳاپن جي واڌ ويجهه، ٻولي، ثقافت، هنر ۽ اخلاقي قدرن جي مضبوطي سان اڃا وڏي پئماني تي آڏو اچڻ جي ضرورت آهي. (ايس سي او) جي جڙڻ کانپوءِ چائنا ۽ روس وچ ۾ جيڪي سرحدي معاملن تان ويڇا هئا سي به ختم ٿي چڪا آهن. اهڙي ريت جيڪڏهن ٻين پاڙيسري ملڪن جا وهنوار به پاڻ ۾ ٺيڪ ٿين ته اُهو دنيا ڏانهن (ايس سي او) جو هڪڙو سهڻو سنيهو ويندو. (ايس سي او) اقوام عالم ۾ جنهن سڃاڻپ سان سامهون آئي آهي، ان سڃاڻپ جتي هن لاءِ ساراهه وارا سج اڀاريا آهن، اُتي هن جي مشڪلاتن ۾ به اضافو ڪيو آهي.

يورپ ۽ آمريڪا (ايس سي او) کي ظاهري طور تي ڪهڙين نظرن سان ڏسندا پيا اچن ۽ عملي طور تي هنن ڪيئن پاڻ ملهايو آهي، اهو هڪ الڳ ۽ طويل مغز ماريءَ وارو بحث آهي. پاڻ ان تي ڪنهن ٻئي ڀيري لکنداسين. پر جهڙيءَ ريت هڪ ماڻهو هڪ پکي، هڪ وڻ ۽ هڪ جانور يا ڪنهن اداري ۽ عمارت جي ابتدا کان ان جي جوڀن تائين، هن جي وجود لاءِ سوين خطرا ۽ خدشا هر وقت موجود هوندا آهن. ساڳئي ريت (ايس سي او) به پل پل سوين للڪارن جا لڙ ٻڌندي آئي آهي. وقتي طور تي ڪٿي پڪ سان هن جو ساهه به ٻوساٽيو هوندو. هن کي توايون ۽ تڪليفون به آيون هونديون پر اُها ٻاٽ مان لاٽ ٻاريندي آئي آهي. هن پنهنجو رستو، پنهنجي منزل ۽ پنهنجو تعارف جهڙيءَ ريت جوڙيو آهي. اهڙي ئي احساس ۽ جذبي سان ان جي لڄ به رکي اٿائين، ڏيئي سان ڏيئي ٻرڻ واري احساس ۽ عمل سان گهگهه اونداهه گهٽبي ۽ روشني وڌندي آهي.

ايس سي او جو روشني وارو سفر روان دوان آهي. اُها اڄ به آمريڪا ۽ يورپ جي اکين ۾ ڪنڊو محسوس ٿي رهي آهي. جيتوڻيڪ يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪو اڻوڻندڙ ۽ تعصب وارو تاثر نه ڏنو آهي يا جيڪڏهن ڏنو به آهي ته اُهو پنهنجي اوج سان عيان نه ٿيو آهي پر ان جي باوجود اها حقيقت آهي ته (ايس سي او) يورپ ۽ آمريڪا لاءِ خطري جي گهنٽي وارو تعارف رکي ٿو.

۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا اسان جي خطي ۾ جتي ڪٿي پنهنجا چوڪيدار، رکوال ۽ جاسوس هزارن جي تعداد ۾ پکيڙي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجون فوجون به چوڪسي لاءِ افغانستان، فلپائن، سائوٿ ڪوريا ۾ رکيون آهن. آمريڪا ۽ يورپ کي اُهو ڊپ آهي ته اڄ جيڪا (ايس سي او) ننڍي کنڊ تائين محدود آهي، اُها ننڍي کنڊ ۾ پنهنجا وارا نيارا ٿيڻ کانپوءِ جيڪڏهن اڳتي وڌي ڪو ٻڙڌڪ، ٻائيتال ۽ ڌمچر مچائي ٿي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ حالانڪه (ايس سي او) جو نه ته ڪو اهڙو ارادو آهي، نه ئي اهڙي ايجنڊا پر يورپ ۽ آمريڪا کي هڪ قسم جو خوف ضرور ٿي بيٺو آهي، جنهن ۾ زميني حقيقتن کان وڌيڪ وهم جو عمل دخل آهي ۽ وهم جو علاج لقمان حڪيم وٽ به نه هو.

جيڪڏهن پاڪستان ايران ۽ انڊيا هن وقت تائين ايس سي او جو حصو نه بڻجي سگهيا آهن ته ان جي پٺيان به يورپ ۽ آمريڪا جي رستا روڪ واري نيت جو عمل دخل آهي. يورپ ۽ آمريڪا اهو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن ننڍي کنڊ جا ملڪ پاڻ ۾ مِڙي مُٺ ٿيا ته پوءِ يورپ ۽ آمريڪا کي ڪو به نه کنگهندو ۽ سعودي عرب تي به اهو خوف تاري آهي ته ڪٿي منهنجو به اثر نه گهٽجي وڃي. ان ڪري يورپ آمريڪا ۽ سعودي (ايس سي او) جي سگهاري ڪردار جي ادائگي ۾ وک وک تي رنڊڪون وجهندا پيا اچن، سو سوال اهو آهي ته ايس سي او سازشن جي رستا روڪ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪيترو اڳڀري ٿي ڏيکاري.

************

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *