تازيون خبرون

دشمن جي ٻارن کي پڙهائڻ وارو عزم ۽ سنڌ حڪومت…: ڊاڪٽر پيار

پٿر جي دور ۾ جڏهن طاقت جو سرچشمو جسماني مضبوط جوڙجڪ ۽ ڏاڍ ڏهڪاءُ توڙي لشڪري افرادي قوت هوندي هئي، تنهن دور ۾ به جيڪو سڀني کان سياڻو، حرفتي ۽ اٽڪلي مڪار هوندو هيو، جيڪو شڪار کي آساني سان ڦاسائي سگهي يا دشمن کي ڀاڙيو ڪري ڀڄائي سگهي، تنهن جي سندس قبيلي ۽ راڄ ڀاڳ ۾ عزت هوندي هئي. وقت گذرندو رهيو، ماڻهن جون گهرجون بدلجنديون رهيون، شين کي ماپڻ جا پيمانا مٽجندا رهيا، علم ۽ ڄاڻ وڌندي رهي، جنهن جي حاصلات سان ماڻهو ترقيءَ جون راهون طئي ڪندو رهيو، وهمن، وسوسن ۽ ٺلهن هٿ ٺوڪين عقيدن جي بدران ماڻهو تجرباتي ۽ سوچيل سمجهيل حقيقت جي ڪافي ويجهو رازن ۽ رمزن کي سمجهڻ لڳو، ماڻهو تقدير تي انڌو اعتبار ڪرڻ بدران پنهنجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تدبيرون ڪرڻ لڳا. پنهنجي قسمت هٿن جي لڪيرن ۾ ڳولهڻ بدران پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي پنهنجي قسمت جو پاڻ فيصلو ڪرڻ لڳا. بيمارين ۽ وبائن سان منهن ڏيڻ لاءِ پيرن فقيرن کان دعائن ۽ ٽوڻا ڦيڻا وٺڻ بجاءِ حڪيمن ۽ طبيبن جون ڏسيل، جڙي ٻوٽين مان ٺهيل يوناني دوائون ۽ ليبارٽين مان تصديق ٿيل گورين کي کائڻ لڳا. ماڻهو قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ ڪنهن ازغيبي ڪرشمن ۽ معجزن جو انتظار ڪرڻ بدران پنهنجي مدد پاڻ تحت  علم و هنر جي مدد سان ڪيترين ئي آفتن ۽ بيمارين تي ضابطو آڻي ويا.

علم و هنر جي مدد سان دنيا ۾ وڏا وڏا معاشي اقتصادي ثقافتي ۽ مذهبي انقلاب آندا ويا، جن عالم انسانيت جي زندگي جهنم مان جنت بڻائي ڇڏي. علم و هنر جي اهڙي اهميت ڏسي دنيا جون قومون پنهنجي اندر علمي ماحول پيدا ڪري علم و هنر کي رائج ڪري پنهنجي اندر ڪيترائي وڏا دانا، مفڪر ۽ ڏاها سائنسدان پيدا ڪيا، جيڪي نه صرف پنهنجي پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪارائتيون ايجادون ڏئي ويا، پر پوري انسانيت سندن ايجادن مان لاڀ پرائي رهي آهي. دنيا ۾ ترقيءَ جو معيار به ان ڳالهه تي ٻڌل آهي ته ڪهڙي قوم ۽ ڪهڙي ملڪ جا وڌ ۾ وڌ سائنسدان پيدا ٿيا آهن. تنهنڪري هر ملڪ پنهنجي اندر وڌ ۾ وڌ پيسو خرچ ڪري اعليٰ قسم جا تعليمي ادارا ۽ تحقيقي مرڪز قائم ڪري رهيا آهن، شهر شهر توڙي وستي واهڻ، ڳوٺ ڳوٺ ۾ اسڪول، ڪاليجون ۽ يونيورسٽيون کولي جديد تعليم پڙهائي وڃي ٿي. ترقي يافته ملڪن جي ڪاميابيءَ جو واحد سبب سندن معاشري ۾ علم کي عام ڪيو ويو آهي ۽ استاد واري شعبي کي ٻين مڙني شعبن کان مٿي ڀانيو ويو آهي.

بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ تعليم واري شعبي سان بي حسي ۽ محرومين وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، پنهنجي ملڪ ۾ تعليم کي يتيم ٻار جيان ليکيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪنهن کي ڪا پرواهه ناهي هوندي. پنهنجي ملڪ ۾ خيرن سان هر شعبي ۾ ڀينگ لڳي پئي آهي، پر تعليم وارو شعبو ته پنهنجا آخري پساهه پورا ڪري رهيو آهي. جتي ملڪ جي سالياني بجيٽ جو اڌ کان وڌ حصو هٿيار وٺڻ تي خرچ ڪيو وڃي ۽ باقي بچيل پئسو به حڪمرامن جي عياشين تي لڳايو وڃي ته پوءِ اندازو لڳايو ته اهڙي ملڪ جي ترقي جي ڪيتري اميد ڪري سگهجي ٿي. حڪمران ته ڄاڻي واڻي عوام کي ڄٽ ۽ جاهل رکي رهيا آهن ته جيئن ماڻهو جيترا جاهل هوندا، اوتري سندن وڏيرائپ ۽ حاڪميت هلندي رهندي، ڇو ته جاهل تي لٺ ۽ موچڙي سان آسانيءَ سان حڪمراني ڪري سگهجي ٿي، جنهن کي پنهنجو ڪو آئيندو نظر ناهي ايندو، جنهن کي پنهنجي حقن جو پتو ناهي پوندو، تنهن کي خالي خوابن سان خوش ڪري سندن حق غصب ڪري سگهجن ٿا. تنهنڪري هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ملڪ جو حڪمران طبقو ملڪ جا تعليمي ادارا تباهه ڪري رهيو آهي ته جيئن پيٽ بکيو عوام تعليم حاصل ڪري پنهنجي حقن جي گهرج نه ڪري سگهي.

ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين سٺي حڪمراني ذريعي تعليم جو معيار بهتر بڻايو ويو آهي. معياري تعليمي ادارا کولي بهتر تعليمي ماحول ميسر ڪيو ويو آهي. پنجاب ته سنڌ کان ڪافي اڳتي نظر اچي ٿو، جيئن ئي سنڌ جون سرحدون پار ڪري پنجاب ۾ داخل ٿجي ٿو ته پنجاب جي روڊ رستن جو وڇايل ڄار، صفائي سٿرائي توڙي امن و امان ڏسي اچرج ۾ پئجي وڃجي ٿو ته هڪ ئي ملڪ ۾ هوندي هڪڙو صوبو ايترو اڳتي اچي چڪو آهي. پنجاب ته ٺهيو پر خيبرپختونخوا ۾ تحريڪ انصاف جي هڪڙي حڪومت ايندي ڪيڏا نه زبردست پروجيڪٽ شروع ڪري ڇڏيا آهن. اتان جي پوليس کي غير سياسي بڻائي اهل ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو، راشي پوليس آفيسرن کي صوبي مان نيڪالي ڏئي يا سختي ڪري قانون تي عمل ڪرڻ لاءِ پابند بڻايو ويو آهي، آن لائن ايف آءِ آر جو نظام ڏئي ڄڻ ته غريب عوام لاءِ ناقابل يقين آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي. صوبي ۾ ڪمپيوٽرائزڊ نقشا ۽ ڍل وارو نظام بڻائي، تپيدارن جون من مستيون ختم ڪري اٻوجهه عوام کي ساهه کڻڻ جهڙو بڻائي ڇڏيو اٿن. جڏهن ته پاڻ اڃا تائين غار جي دور ۾ رهي رهيا آهيون. سونهاري سنڌ نااهل حڪمرانن، ظالم منصفن، راشي پوليس، گوسڙو ماسترن حوالي ڪئي وئي آهي. سنڌ جي حالت ڏسي انڌير نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير بصر ٽڪي سير کاڄا واري ڪار لڳي لڳي پئي آهي، جتي نه ڪو قانون نه ڪو آئين رهيو آهي، ظلم ستم جي بازار گرم لڳي پئي آهي، رشوت پنهنجي عروج تي پهتي آهي. چوري چڪاري، اغوا ڦرون ايتريون ته وڌي چڪيون آهن جو ڪو شريف ماڻهو شام جو سج لهڻ کان پوءِ ٻاهر نڪرڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي. سڄي ملڪ ۾ جتي دشمن جي ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ وچن ڪيا پيا وڃن، اتي سنڌ جي حڪومت پنهنجي عوام جي ٻارن کي ڪيتري تعليم مهيا ڪري رهي آهي. سنڌ جي حالت تي ماتم ڪرڻ لاءِ دل چوي ٿي. اهي حڪمران جن کي عوام ان مقام تي آندو، سي پنهنجي عوام جي ٻارن لاءِ ڪهڙيون سهولتون مهيا ڪيون آهن. جتي ٿر ۾ ان غريب عوام جا ٻار کاڌ خوراڪ نه ملڻ جي ڪري بک ۾ پاهه ٿي بي يارو مددگار مري رهيا آهن، اتي پاڻ وارا حڪمران کل جوڳا بيان ڏئي سچ ته پنهنجي جهالت کي نروار ڪن ٿا، اهي پاڻ عيش  عشرت واري زندگي گهاريندي لينڊ ڪروز ۽ بلٽ پروف گاڏين ۾ ويهي اسيمبلين تائين پهچڻ وارا لنگهڻ ڪاٽي رهيا آهن،

ٿر جا ٻار مرڻ جهڙن واقعن تي رت جا ڳوڙها روئڻ بدران، انهن جي صدمي ۾ پنهنجي نا اهلي تسليم ڪرڻ بجاءِ حڪمران وڏي فخر واري انداز ۾ بيان ڏيڻ لڳا ته هو عوام سان مخلص ۽ غريب ماڻهن جا هڏڏوکي آهن، پر اهي سڀ بيان دوکي ۽ دولاب کانسواءِ ڪجهه به ناهن. جڏهن دنيا پنهنجي عوام جي فلاح و بهبود لاءِ پنهنجي ايندڙ نسل کي تعليم ۾ ماهر ۽ قابل ڪري رهي آهي، اتي اسان جا حڪمران اسان جا اسڪول مينهن جا واڙا ۽ وڏيرن جون اوطاقون ڪري هلائي رهيا آهن، تن مان سندن نيتون ظاهر ٿين ٿيون ته اهي ماروئڙن جا ڪيتري قدر هڏڏوکي ۽ مددگار آهن. ياد رکو ته وقت ساڳيو ناهي رهندو، ڊڄو ان ڏينهن کان، جڏهن توهان جا ڀاري برج لڏن ۽ اهي ڪوٽ ڪفر جون ديوارون ڊهي پٽ پون. هن سنڌي قوم جيڪي لقب توهان کي ڏنا آهن، اهي کسي به سگهي ٿي ۽ توهان تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ مجرم بڻجي سگهو ٿا.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *