تازيون خبرون

در گاهه ناگو شاهه: محمد رفيق چنا دادو

سنڌ ڌرتي جنهن جي مٽي ۾ ڪيترائي صوفي ۽ درويش ابدي آرامي آهن انهن درويشن هميشه امن آشتي ۽ ڀائيچاري لاءِ ڪوششون ڪيو ۽ بنا ڪنهن مذهبي متڀيد جي انسانيت جو درس ڏنو انهن درويشن جي تعليم جي ڪري ئي سموري دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ هڪ امن پسند قوم آهي ۽ ڪيترائي اهڙا ناميارا درويش ۽ شاعر ٿي گذريا آهن جيڪڏهن انهن جو ذڪر ڪنداسين ته مضمون تمام گهڻو ٿي ويندو تنهنڪري اڄ پاڻ هڪ اهڙي بزرگ هستي جو ذڪر ٿا ڪريون نانگو شاهه جي مزار دادو شهر کان ڏيڍ ڪلوميٽر پنڌ تي اوڀر ۾ آهي. هن درويش جي باري ۾ ڪابه صحيح معلومات نه ملي سگهي آهي ڪن بزرگن جو چوڻ آهي ته نانگو شاهه سترهين صدي وچ ڌاري ڳوٺ سيال لڳ اچي ديرو ڄمايو. گهڻا ماڻهو نانگي شاهه کان دعائون گهرائيندا هئا ۽ من جون مرادون پوريون ڪري واپس ورندا هئا. نانگي شاهه جي صحيح نالي جي ڪابه معلومات نه ملي سگهي آهي. پر روايت آهي ته سائين ناگو شاهه اصل اچ شريف جو هيو، پاڻ مختصر لباس اوڍيندا هئا. ان ڪري سندس مٿان نانگو شاهه نالو پئجي ويو. نانگي شاهه جي مٿان مقبرو ٺهيل آهي. سائين ناگو شاهه جي مزار مٿان قوبي جي تعمير قادري طريقي جي ماڻهن ڪرائي جن جو تعلق ٽنڊي الهه يار سان آهي باقي درگارهه جو ڪم مرحوم ايم اين اي سردار محمد بخش جمالي ۽ اڳوڻي سينئير ۽ سنڌ جي تعليم جي وزير پير مظهرالحق جي ڪوششن سان تعمير ٿي هر سال مزار تي. ساليانا ميلو رجب مهيني جي 12 تاريخ تي لڳندو آهي هر مهيني جي 14 لڳندي آهي، ڳوٺ سيال جا پيرسن ٻڌائين ٿا جن ۾ محمد عارب ولد غلام محمد کوکر اصل رهاڪو دادو ڀرسان ڳوٺ سيال جو آهي اهو ٻڌائي ٿو آءِ پنهنجي والد غلام محمد کوکر ۽ پنهنجي وڏڙن کان ٻڌندا هياسين ڌڻي بخش سيال ڳوٺ ڀرسان مشهور درگاهه ناگو شاهه آهي، جيڪو جتي سائين جي درگاهه آهي اتي وڏي ڪنڊي هئي،

ڪنڊي هيٺان سائين رهائش اختيار ڪئي اتي زمين اندر چوطرف سائين جي ليڪو ڪڍيو، جنهن زمين جا مالڪ سرائي ڌڻي بخش سيال هيو ان زمين تي هڪ کوهه هيو جنهن جو پاڻي کارو هيو ۽ پيئڻ جي لائق نه هيو، جڏهن سرائي ڌڻي بخش سيال سائين ناگو شاهه وٽ پهتو ته سائين سرائي ڌڻي بخش سيال کي چيو ان کوهه مان پاڻي پيار سرائي ڌڻي بخش سيال چيو سائين پاڻي کارو آهي سائين جواب ڏنو پاڻي مٺو آهي تون پيار جڏهن سرائي ڌڻي بخش سيال سائين جي حڪم تي سائين ناگي شاهه کي پاڻي پياريون ته کارو پاڻي مٺو ٿي ويو اها ان وقت جي ڳالهه آهي، هن وقت خارش جا مريض کوهه جي پاڻي سان ويهجن ٿا ته سندن خارش ختم ٿي وڃي ٿي ۽ انهن کي شفا ملي ٿي، جسم تي پاتل ڪپڙا کوهه ڀرسان لوڙهي تي رکن ٿا، ۽ نوان ڪپڙا پائي هليا وڃن ٿا سيال ڳوٺ جو رهواسي غلام حيسن چانڊيو سڀ کان پهريان در گاهه ناگو شاهه تي ميلو ڪرايون هيو جيڪي اڄ سڄي سنڌ ۾مشهور آهي جنهن ۾سرڪس، چوڏول، ڦرڻيون ۽ ناٽڪ لڳندا آهن. ملاکڙو به لڳندو آهي جتي ملهه پهلوان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن هن درگاهه جو متولي گل شير کوکر فقير هو جيڪو وفات ڪري ويو آهي ان کان پوءِ سائين جي خدمت لاءِ سيال ڳوٺ جو رهواسي برادي فقير پهتو، جيڪو سالن کان درگارهه جو خدمت گذار رهيو برادي فقير جي فوت ٿيڻ بعد برادي فقير جا ٻه پٽ گل محمد ۽ در محمد جيڪي اڄ به درگاهه جا خدمت گذار فقير آهن، جن جا گهر درگاهه اڳيان آباد آهن فقير ٻڌائين ٿا ته سائين ناگو شاهه جو جڏهن وصال ٿيڻ وارو هو ته سائين وصيت ڪئي اتر طرف کان هڪ درويش ايندو جيڪو منهنجي درگاهه تي رهندو ۽ وصال ٿيڻ بعد ان درويش کي مون سان گڏ جاءِ ڏيجو اهو درويش سائين نصير شاهه هيو سائين جن جي وصال ٿيڻ بعد درگاهه تي پهتو، جنهن جي مزار سائين ناگو شاهه سان گڏ آهي، سائين نصير شاهه جو سائين ناگو شاهه سان ڪهڙو تعلق يا رشتو هيو ان جي خبر نه آهي ، درگاهه تي ايندڙ ماڻهن لاءِ ڪا به سهولتن نه آهي پوليس پوسٽ سميت هتي هڪ مسافر خاني سميت پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولتن جي سخت ضرورت آهي ته جيئن درگاهه هر وقت ماڻهن سان آباد رهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *