تازيون خبرون

درد خوشين جا دشمن…!: عاليه جوڻيجو/لاڙڪاڻو  

محبت عطاعت جي متقاضي آهي اها محبت ئي ناهي جنهن ۾ عطاعت نه هجي ۔انسان پنهنجي غريبان ۾ ڏسي ته هو ڪنهن سان محبت ٿو ڪري ان لاء نه ڪنهن مفتي جي ضرورت آهي نه ڪنهن قاضي جي۔ ان معاملي جي فتوى ۾ هر ڪو قاضي آهي۔ انسانن جي اڪثريت جي محبت جو مرڪز دنيا آهي يا دنيا جو خالقِ۔ اها به حقيقت آهي ته دنيا سان محبت ڪرڻ وارا به دنيا جي خالق سان محبت ڪرڻ جا داعي آهن۔ دراصل اها ڳالهھ سمجهڻ جهڙي آهي ته محبت عطاعت ڇو ڪرائيندي آهي۔ ڪنهن سان محبت ڇو ڪئي ويندي آهي ۔ الله سان محبت جو ڪارڻ ڇا آهي، دنيا سان محبت جي وجه ڇا آهي ۔ اسان دنيا ۽ الله يا آخرت جي ڀنور جا راهي پڻ آهيون۔ ان کان وڏي حقيقت اها آهي ته دنيا و آخرت ٻنهي جو محور انسان آهي، انسان ان مان هڪ ئي وقت ڪنهن هڪ طرف جو راهي آهي ۔ انسان هڪ ئي وقت ٻنهي سوارين جو سوار نه ٿو ٿي سگهي

جواني جي جوڀن جا مزا به نه ماڻي سگهياسين رهياسين ننڍپڻ جي فٽن تي اڃا مرهم لڳائي ئي ڪو نه هئي ته جواني ۾ محبت اچي من ۾ ماڳ ٺاهيو پوء هير به اهڙي لڳي هجر کي جو هر هر پيو هڏڪيون هڻي محبوب بنا ۔ ڪاليج جي وقت ۾ مان جڏهن گذريم ته سائره نالي هڪ ڇوڪري جيڪا منھنجي گھر جي سامهون واري گھٽي ۾ رهندي هئي اها ٿوري عرصي ۾ وڏي ويجھڙائپ ڪري وئي۔ هر روز نيڪ عدائن سان ان جو ڏسڻ وري ڪاليج جي واپسي کان گڏجي واپسي اچڻ هڪ زبردست وقت گذريو ان ٿوري عرصي ۾ ان جي محبت ٿي وئي پر مون کي جن نه ڪن ۔دل ڀائنيو ئي ڪو نه ته محبت آهي ڇا؟ ننڍپڻ کان وٺي جواني تائين رڳو درد ئي ڏٺوسين ۔خير ڪجھ وقت گذرڻ کانپوء سائره ڪافي ڏينھن ڪاليج ۾ نظر نه پئي آئي هفتو گذرڻ کانپوء دل پاڻ کي جنھن ڄار ۾ ڦاسندي محسوس ڪيو ۽ اکيون وري اياڻيون لڳيون ويران ڪاليج جا حال، هاسٽل جون هورون به دل کي نه وڻيون نه ڪي ڪينٽين جي ڪنڊ ۾ ڪوئلن جو مٺڙيون ٻوليون به دل ۾ ٻرنڌڙ ان جي يادن واري باھ کي وسائي نه سگھيون ۔ مونکي پڪ ٿي وئي ته هي بيچيني گھٻراهٽ ۽ دل هي دڙڪن سا محبت جي نشاني آهي۔ڪاليج جي درين منجھ جيڪا ڪالھ بيھي نظر ايندي هئي سي اڄ دريون به بند پيل هيون ۽ پوائنٽ ۾ ٽهڪ ڏيئي گذاريل سفر ۾ تنهائي جو شڪار هيو ۔ مون هڪ ڏينھن ان جي گھر واري پاسي کان گذري ان جو ديدار ڪرڻ جو سوچيو هوء پنھنجي گھر واري گھٽي ۾ موجود ن هئي ويتر دل دڙڪڻ شروع ڪيو الله خير ڪري هوء ڪاليج کي ته ويران ڪري ئي وئي پر پاڙي جون رونقون به کسي وئي! سوچي سوچي خيال ئي عجيب ٿي ويا ۔ ايئن پئي لڳو ڄڻ ته بس منڇر کان ماڳ کسجي ويو، ڄڻ ته گلن کان بھارون کسجي ويون ۽ ديپ اسان جو اجهامي ويو۔ آهستي آهستي اڳتي وڌي آيمِ اوچتو پنھنجي گھر ۾ هڪ وڻ تي نظر پئي جتي هڪ ويڳاڻي ڇوڪري نظر آئي۔

زمانو جي زهر ايڏو ته زنگجي ڇڏيو جو ان جي زنگ مونکان جواني جا رنگ ئي کسي ڇڏيا ۔ جا جواني خوشين منجھ کيڏڻ جي هئي ، جا جواني رانديون رچڻ جي هئي، جا جواني سينگار ڪرڻ جي هئي ان جواني ۾ غربت ۽ پنھنجي جي روئي مونکان منھنجون خوشيون ئي کسي ڇڏيون ، مونکان سينگار ئي کسي ڇڏيا ايئن اجاڙي ڇڏيو ڄڻ ته ويرانو محل هجي ايئن ئي منھنجي دل جو اڱڻ اجڙي ويو۔ ڪو حالي حال به نه ٿيو نه ڪي سهارو بڻيو ۔ زماني جي اڀاڳي اميراڻي ريت منهنجي غريباڻي جهڳي کي ايئن جهوري ڇڏيو جو هوائن جي لرزش مونکي رولي ڇڏيو ۔ غربت ٻيو ته گهڻو ڪجھ مونکان ڇني ورتو پر مونکان منهنجي محبت به کسي ڇڏي سائره هڪ امير گهراڻي سان تعلق رکندي هئي ۽ اسان جو گذر سفر مشڪل سان ٿيندو هيو ۔سائره پنهنجي محبت جو اظهار ڪيترائي دفعا ڪري چڪي هئي ۽ شادي لاء راضپو به ظاهر ڪري چڪي هئي پر ان جي مالڪن کي اها ڳالھ پسند نه هئي ڇو جو هوُ پيا چاهن ته اسان جي ڌيء ڪنهن غريب گهراڻي ۾ پرڻجي وڃي سائره ڪافي دفعا مالڪن تي زور بريو منهنجي تعليم به پوري ٿي وئي آهي ۽ هاڻي مان پنهنجي خوش زندگي گذارڻ چاهيان ٿي پر ان جي مالڪن ان ڳالھ تان صاف انڪار ڪيو هو اهو پيا چاهن مختيار هڪ غريب گهراڻي جو آهي هو توکي ڪيئن هلائي سگهندو باقي تون ٻيو جاتي به چئين ۔۽ هوڏانهن بيچني ۽ بيقراري واري حالت ۾ ويٺل مختيار پنهنجي تقدير تي سوچي رهيو هيو هڪ غربت ان کان سموريون خواهشون کسي ورتيون خوشيون موجون ٽهڪ سڀ کسي ورتا ۽ ٻيو هي آخري دل جي ڌڙڪن بڻيل ان جي محبت سائره جيڪا مالڪ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري چڪا هئا ۔مختيار به ڪافي دفعا ان ڳالھ تي زور رکيو پر ڳالھ گهڻي ڳري هئي ۔سائره مالڪن کان مختيار جي نوڪري تائين ماٺ ڪرڻ جو چيو ۽ مختيار پنهنجي نوڪري جي تلاش ۾ ڏور علائقن ۾ وڃي نوڪري تلاش ڪرڻ لڳي ٿو ڪافي وقت گذرڻ کانپوء هو مايوسي واري حالت ۾ واپسي ڳوٺ اچي ٿو ۽ اميد لڳائي ويٺل سائره ان جي واپسي جو ٻڌي خوشيء منجهان مرڪي پوي ٿي پر شايد هو اهو نه ٿي ڄاڻي ته اڄ فزائون تنهنجي خوشبوء کي وڪوڙي وينديون اڄ مهراڻ جي موجون تنهنجي ٻڏنڌڙ ارمانن کي ن بچائي سگهنديون ، اڄ بهار جي موسم تنهنجا ڪمايل گل وري وکري نه سگهندي، اڄ تمنائن جي جنازي جي مند اچي وئي ، اڄ ٻاگهل مچ مچائڻ ڇڏي وئي ۽ سسئي پڪارڻ ڇڏي ڏيندي ، اڄ تهوار ملهائڻ لاء ٻايون مندر جي پوڄا به شايد نه ڪنديون ۽ ن ئي وري ديويون رقص ڪندي نظر اينديون اڄ آڪاش کان ڪوئي وڇڙي ويندو ۽ گڏ پاڻ سان ڪو ارمان جو ڍهير وٺي ويندو ۔اڄ مارئي ڪوٽن منجهان ت آزاد ٿيندي پر محبوب جو ملڻ مشڪل ٿيندو۔

ڄڻ هڪ ولر کان ڪو پکي وڇڙي وڃي، ۽ پن جيان هو وکري وڃي،ڄڻ هڪ آب ۾ ڪا ترنڌڙ ٻڏي وڃي ۽ وجود جي ڳولا ۾ غافل ٿي وڃي ،ان جي اندر جون آنهون ڪو ٻڌڻ وارو هجي ، ويران دل کي سهارو ڪو ڏيڻ وارو هجي ، هو پاڻ وکيري جيء جهوري ۽ سانئڻ سان سک سک اوري ويٺي ماڳ پنهنجي کي تڪي توري ۽ اياز جي بيتن سان سر سوري پنهنجي غربت تي ويٺي آپي ٿي هوء ڏک انهي ۾ ن ڍاپي ٿي ،۽ شايد اڃا ٻي ڪا گهڙي ن هجي ،۽ شايد اڃا ٻي ڪا اڙي ن هجي ،هن جي معصوم پٽ جي ڪيل خواهش، ۽ شايد ان ٻي ڪا ان جھڙي ن هجي ، ڀلي جا دنيا جون هوريون گڏ ٿين ،پر پٽ جي خواهش کي کان پري ن ٿئي هوء زندان کي زوري ٻيھر فٽي ، مان ڄاڻان ٿو درد انهي جو پر هوء جا ويٺي ٿي ورد ڪري ، ان جي ورد جا ورق مون جو ڏٺا ، اها شايد اها هئي جنهن درد سٺا ، مان ن سهي سگهان ،آزاد قسم پر هوء جا رني ۽ هوء جا لڇي ڇو جو هن کي ن مليو هن جي پٽ جو صنم ،پوء ڪائنات جو ديويون ماتم پيون ڪن، هر ڪو پڄري رهيو هو

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *