تازيون خبرون

خوف ۽ دهشت جي احساس جو ٻل ٿيڻو آهي..!!!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

وقت حالتن اسان جي زندگي ۾ انيڪ موڙ آڻي ڇڏيا آهن. اسان جن حالتن مان پاڻ گذري رهيا آهيون، اهي بلاشڪ تشويشناڪ آهن . شاندار ماضيءَ کي اسان پاڻ وساري ويٺا آهيون.روشن آئيندي جو وري ايترو اونو اٿئون جو زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي لاءِ پڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. امتحان ڏيون ته ڪاپي ڪري، نوڪريون وٺون ته ڏوڪڙ ڏئي. صنعت ۽ تجارت سان لڳي ئي ڪانه ، ثقافت سان فقط نعري بازي جو عشق اٿئون. پنهنجي اهڙن پرڪارن جي باهه تي حالتن وري گاسليٽ جو ڪم ڏيکاريو آهي. شهرن ۾ دهشتگرديءَ ته  ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ طرف باهه آهي ته ٻئي طرف پاڻي. ڪنهن کي ڪا واٽ ڪانه ٿي ملي. هر ڪنهن جون متيون ئي منجهي پيون آهن. سياسي ڪارڪن پنهنجي قد بت وڌائڻ ۾ مصروف آهن. ملڪ جا مدبر الائي ڪهڙي سياست ۾ مصروف آهن. دانشورن کي دنيا پنهنجو مڃڻ ۽ پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي. اهڙين سنگين حالتن کان وڌ ۾ وڌ متاثر ٻهراڙيءَ جو معصوم، سٻاجهو ۽ سڌو سنئون اهو عوام آهي، جيڪو آباديءَ جي لحاظ کان اڪثريت ۾ آهي. جنهن کي اسان پنهنجي معيشت جو ابو چئون ٿا ۽ جنهن کي اسان جا مدبر قوت جو سرچشمو چون ٿا. بلاشڪ شهرن ۾ رهندڙ عوام به آزار ۾ آهي، پر دکن ۽ دردن، سورن ۽ عذابن ۾ ٻهراڙيءَ وارا پنهنجو مٽ پاڻ آهن.منهنجو تعلق پڻ هڪ ٻهراڙي جي علائقي سان آهي جتي زندگي جڏهن صبح جا ڪرڻا کڻي نئون سفر شروع ڪرڻ لاءِ رواني ٿيندي آهي ته انهن ٻهراڙي ۾  انيڪ انساني زندگيون خواهشن جون اڌوريون اڻپوريون مرڪون کڻي پنهنجي پنهنجي ڪمن ڪارن ڏانهن زندگي جو سفر تي روانييون ٿي وينديون آهن   جيڪڏهن اڄ جي حالتن ۾ عوام پنهنجي ئي رنگ نسل بلڪ پنهنجن ئي ڌاڙيلن جي ڏاڍ ڏمر جو نشانو بڻيو آهي ته اها تڪليف ڏيندڙ هئڻ باوجود نئين ڳالهه ڪانهي.ڇو ته عوام ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ساڳئي صورتحال کي صدين کان وٺي منهن ڏيندو آيو آهي، مٿس ڪنهن ڪنهن ڌاڙا نه هنيا آهن.

سياستدانن جي اڪثريت سندس ويساهه ۽ عقيدت تي ڌاڙا هنيا، عملدارن رعيت آزارن سندس حقن تي ڌاڙا هنيا، واپاري هن جو رت چوسيو، سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن هن جا کيسا خالي ڪيا،ملان کيس نفرت جي نگاهه سان ڏٺو. سندس چڱي مڙس کيس پنهنجي کٽ تي ويهارڻ به پسند نه ڪيو. هو عزت جي زندگي گذارڻ لاءِ صدين کان آتو آهي. نه کيس تعليم ملي، نه کيس تربيت ملي. هو صدين کان وٺي اڪيلو ۽ ڇورو ڇنو آهي، بي وس ۽ مجبور آهي. انهيءَ عوام تي جڏهن آزارن مٿان آزار ٿين ٿا، ۽ عذابن مٿان عذاب اچن ٿا ته ڏک وچان سندس اکيون ڀرجي اچن ٿيون. ۽ جڏهن به اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن، تڏهن ڪابه شئي چٽي ۽ صاف نظر نه ايندي آهي.

ڳوڙهن سان ڀريل اکين واري انسان جي هٿ ۾ جڏهن لٺ، باٺو، بندوق يا ڪلاشنڪوف اچي وڃي ٿي ته پوءِ ايئن ئي ٿئي ٿو ، جيئن هاڻي ٿي رهيو آهي. هاڻي ڇا ٿي رهيو آهي؟ مختصر جواب اهو آهي ته مظلوم ، مظلوم کي نشانو بڻائي رهيو آهي. نشاني بڻائڻ جي شدت ظالمن جي ظلم کان به وڌيڪ گهري ٿيندي  آهي هنن حالتن ۾ عوام کي فقط اهو احساس ڏيڻو آهي ته انسان اٽل ۽ اڏول ٿئي ٿو . حالتون ۽ حادثا، زلزلا ۽ طوفان، وبائون ۽ جنگيون، ڌاڙا ۽ اغوائون اسان جي تاريخ جو بدقسمتيءَ سان اڻمٽ رنگ بڻجي چڪيون آهن. ڪنهن دور ۾ عوام تي قهر نه ٿيا؟ ڪن اسان جي وڏڙن کي جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ وڌو ته ڪن سندس کلون لهرايون، ڪن کين گهاڻن ۾ پهرايو ته ڪن تتل ڪڙاهن ۾ اڇليو ، پوءِ به اسان جو نسل ختم ڪونه ٿيو، پوءِ به اسان جا وڏڙا حياتيءَ کان مايوس نه ٿيا. بلڪ هنن موت جي بازار ۾ زندگيءَ جو رقص ڪري ڏيکاريو. ڏکن جا ڏونگر ڏاري ڏيکاريا. تڪليفن جا آسمان سر تي کڻي پنهنجي منزل طرف وڌي ڏيکاريو، ان ڪري مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ڪانهي. ليڪن تدبر ۽ تحمل سان ، بردباري ۽ بهادريءَ سان حالتن کي بدلائڻو آهي. جيڪڏهن عوام ڪجهه به نه ڪري ته به زندهه رهي سگهي ٿو ۽ دنيا جي ڪابه قوت کيس ختم ڪري نٿي سگهي. پر جيڪڏهن هن ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪيو، هنن حالتن جي پس منظر ۽ پيش منظر کي پرکيو، ڌاڙيلن پيدا ٿيڻ ۽ ڌاڙيلن پيدا ڪرڻ جون حالتون بدلائي ورتيون، رٺلن کي پرچائي ورتو ۽ پرتلن کي پنهنجو ڪري ورتو ته اسان جا هي ڏکيا ڏينهن ختم ٿي سگهن ٿا. ٻنهي صورتن ۾ عوام اڳرو ٿيندو ۽ اڳرو آهي. نه فقط ايترو پر عوام اڏول آهي  ۽ عظيم آهي. کيس نه ته مايوس ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ نه وري خوف ۽ دهشت جي احساس جو ٻل ٿيڻو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *