تازيون خبرون

خوابن جي ڪا قيمت ناهي ؛وينگس

ڪاش! اي زندگي تون دل جي چوکٽ تي،

خواب جو ٻج نه ڇٽين ها،

مان جنهن اڻڄاڻائيءَ مان تنهنجي موڪليل خواب جو ٻج،

پنهنجي زندگي ۾ پوکي ڇڏيو،

مون کي اقرار آ ته زندگي جي حصي ۾ مليل خواب،

انتهائي خوبصورت آهن،

پر ڪڏهن تو اِهو محسوس ڪيو آ،

اسان جيڪي خواب پنهنجن هٿن ۾ کڻي هلون ٿا،

اسان جو روح ۽ دل هر وقت زخمي ٿئي ٿو،

پوءِ به ٽٽل دل ۽ اداس روح کي ٻيهر سهارو ڏئي،

اڳتي قدم کڻون ٿا.

خواب جيڪي تنهنجي هِن دنيا جي لاءِ آهن،

پوءِ ڇو سماج جا رکوالا خوابن جي ڪڏهن قيمت لڳائين ٿا،

ته وري ڪڏهن پنهنجن اناپرستيءَ جي ڌار سان قتل ڪندا رهن ٿا،

خواب جي ڪا قيمت ناهي،

اي زندگي جي ديوي انهن کي ٻڌائي ڇڏ،

ته اسان خوابن جي لاءِ پنهنجي قرباني ڏئي سگهون ٿا.

۽ ها! هر وقت قرباني ئي ڏني آهي،

پر پوءِ به اهي سڀئي خوابن جي قيمت لڳائڻ لاءِ انهي در تي بيٺل آهن،

جتي تو ڪڏهن خوابن جو ٻج ڇٽيو هو،

اچي ڏس ته تنهنجي دنيا ۾ هر شيءِ جي ٻولي لڳائڻ وارا آيل آهن،

پر انهن کي ڪيئن سمجهائجي ته،

خواب ڪنهن به بازار ۾ نيلام ناهن ٿيندا.

خوابن جي ڪير به ٻولي نه ٿو لڳائي سگهي،

ڇا ڪا ماءُ پنهنجي ٻار جي ٻولي لڳڻ ڏيندي؟

جڏهن آسمان هيٺان اِهو ممڪن ئي ناهي،

ته ماءُ پنهنجي ٻار جي قيمت لڳائي،

پوءِ اهي تنهنجي ۽ منهنجي خوابن جي قيمت ڪيئن گهري رهيا آهن؟

اسان خوابن جي لاءِ زندگي جي قيمت ڏئي سگهون ٿا،

پر خوابن کي وچ بازار ۾ نيلام ڪرڻ نه ڏبو،

خوابن کان بي خبر دلين کي ڪير سمجهائي،

ته خوابن جي ڪا قيمت ناهي…! (هلينا)

مون کي هلينا جو نظم مسلسل ياد ايندو رهيو آهي، جڏهن جڏهن منهنجي نظر انهن بي دلين تي پئي آهي، جن ڪڏهن به خوابن کي پنهنجي اندر جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ ناهي ڏنو، انهن سڀني جي زندگي ڪيئن هوندي جيڪي خوابن کان خالي آهن؟

خواب ڇا هوندا آهن؟ ڪڏهن ڪير انهن تي ويچاري ته خبر پوندي، خوابن جي دنيا سچائي، پيار ۽ قرباني تي ٻڌل آهي. خواب، جيڪي دنيا کي خوبصورت ڪرڻ لاءِ اسان سڀني جي اندر جنم وٺن ٿا. بس فرق صرف ايترو آ ته اسان انهن جي موجودگي کي محسوس نه ٿا ڪري سگهون يا وري مفاد پرستي جي چرٻي چاڙهي خوابن جو قتل ڪندا رهون ٿا. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيرو منهنجي امڙَ مون کي چيو ته، ”جيڪڏهن تون پنهنجي زندگي کي مقصد ۽ خوابن جي لاءِ وقف ڪرڻ چاهين ٿي ته پوءِ هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکي ڇڏ، ان جي لاءِ توکي هر قرباني ڏيڻي پوندي. شايد تنهنجي زندگي تلوار جي ڌار تي هلندي رهي، ان جي باوجود به تون مسڪرائي قرباني ڏيجانءَ، ڇو جو سچائي، پيار ۽ قرباني ئي خوابن کي سچ ثابت ڪندا آهن.“

مان هينئر تائين امڙ جون اهي سٽون وساري نه سگهي آهيان. جڏهن مان موجوده وقت تي نظر وجهان ٿي. ان وقت بس ايترو ئي خيال اچي ٿو ته ڇا اسان جي سماج ۾ اڄ به خوابن کي دلين ۾ جنم ڏيڻ لاءِ زندگيون موجود آهن؟ اسان خوابن کي جڳهه ڇونه ٿا ڏيون؟ خواب جيڪي دنيا کي تبديل ڪندڙ آهن، خوابن جي طاقت سان دنيا جي اداس چهري تي مسڪراهٽ آڻي سگهجي ٿي، پوءِ اهي سڀئي خوابن کان ايترا خوفزده ڇو آهن؟

اسان ڪڏهن کن پل لاءِ پنهنجن دلين تي هٿ رکي، دل ۾ ويٺل خاموش خواب جي سس پس محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ ڪٿي خوابن کي تنها ۽ يتيم ته نه ڪري رهيا آهيون!

اڄ مون خوابن تي ان ڪري لکڻ چاهيو ته اسان پنهنجي زندگي جي احساس کي محسوس ڪري سگهون. اسان جيڪي سڀئي دنيا ۾ موڪليا ويا آهيون. ماءُ، زندگي کي جڏهن جنم ڏئي ٿي، تڏهن فطرت به مسڪرائڻ لڳي ٿي. هاڻي هڪ ٻيو جنم خواب جو ٿيو آهي، جيڪو دنيا جي مٿي تي خوبصورتيءَ جو ٽڪو هڻندو.

يقينن هزارين خواب مفادپرستي ۽ انا جي بلڊوزرن هيٺان چيڀاٽجي ماريا وڃن ٿا ۽ انهن جي قيمت لڳائي وڃي ٿي. ائين ئي هڪ جنم سنڌ جي شهر لکي جي ڳوٺ انڙ ۾ دلشاد جو ٿيو، جنهن جو اڍائي مهينن جي ڄمار ۾ ئي نڪاح ڪرايو ويو، ڇو جو ڏاڏي پنهنجي شادي ڪرڻ لاءِ پنهنجي پوٽي دلشاد عيوضي ۾ ڏني. اڄ دلشاد، ننڍپڻ ۾ ٿيل نڪاح جي خلاف عدالت جو در کڙڪايو آهي ته وڏيرن جرڳو ڪري قتل جي فتويٰ جاري ڪري ڇڏي آهي.

هر وقت خوابن ۽ آزادي سان زندگي کي گذارڻ تي فتوائون ملنديون رهنديون آهن. ڪيستائين هڪ اهڙو گروهه، جيڪو سماج جي مٿي تي ٿاڦيو ويو هجي، اهو ميڙ ڪري قتل جي فتويٰ ڏيندي، رياست جي قانون کي پنهنجن هٿن ۾ ڪيئن ٿو کڻي سگهي؟

سنڌ حڪومت کي ياد ڪرائيندا هلون ته انهن ننڍي عمر خلاف قانون پاس ڪرايو آهي. هاڻي دلشاد، جيڪا ناانصافي جي خلاف اُٿي بيٺي آهي ۽ هوءَ انڪار ڪري ٿي ته اهڙي فيصلي کي نه مڃيندي، جيڪو هن جي مرضيءَ کان بغير ڪيو ويو هو.

******(جاري******

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *