تازيون خبرون

حڪومتي ڌر ايترو منجھيل ڇو آهي؟: شفيق شاڪر

نون ليگ حڪومت جنهن جو سربراه 1999ع ۾ پاڪستان ۾ فوجي مداخلت بعد گھڻن تجزيا نگارن جي نزديڪ  هڪ اينٽي اسٽيبلشمينٽ، جمهوري ۽ اصولي سياستدان جي طور تي اڀريو هو،جنهن پنهن جي ماضيء جي ڪيل سمورين سياسي توڙي انتظامي غلطين مان سبق سکيو هو، جنهن جي نتيجي۾ انهن تجزيي نگارن جي چوڻ مطابق هن محترمه بي نظير ڀٽو سان ماضيء جي غلطين تي معذرت ڪندي جمهوريت جي بحالي ۽ بقا لاء هڪ عظيم چارٽر آف ڊيموڪريسيء تي به صحيحون ڪيون هيون.ٻنهي اهم سياسي پارٽين جي اڳواڻن اهو وچن به ڪيو ته اهي ڪنهن به سياسي حڪومت جي خلاف اسٽيبلشمينٽ طرفان ٿيندڙ ڪنهن به سازش جو حصو نه بڻبا ۽ نه ئي اسٽيبلشمينٽ يعني فوج کي سياسي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ جي اجازت ڏيندا.اهو ڏاڍو وڻندڙ خواب هو جيڪو هنن پاڪستان توڙي دنيا جي جمهوريت پسند ڌرين کي ڏيکاريو هو.پر اهو خواب اڃا گھڻو عرصو نه گذريو هو ته 2007ع ۾ ان وقت پاڪستان جي فضائن ۾ پهچڻ کان پهرين پرزا پرزا ٿي پکڙي ويو جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيء جي قيادت ملڪ ۾ پير رکڻ جي قيمت ان وقت جي فوجي آمر سان بدنام زمانه اين آر او جي صورت ۾ ادا ڪئي جنهن جي برڪت سان نه رڳو پيپلز پارٽيء جا پاپ ڌوپي ويا پر ٻين پارٽين جا سوين ڪرمنل ان اين ار او جي گنگا ۾ ٽٻيون هڻي انساني قتل جهڙن سنگين ڏوهن کان به پاڪ ۽ پوتر بڻجي وڃي اقتدار ۽ اختيار جي ڪرسين تي ويٺا.جيڪر ڏٺو وڃي ته ان اين آراو جي برڪت سان ئي ميان ڀائرن کي رائيونڊ جي رستي جي راهداري نصيب ٿي.2007ع ۾ پاڪستان پهچي ميان صاحب ان وقت تخت تي ويٺل آمر جي خلاف جيڪا “ عظيم جدوجهد ” ڪئي يا حقيقي جمهوريت بحال ڪرڻ لاء جيڪا “قربانين ڀريل تحريڪ” هلائي،وقت جو مورخ اڄ به خوردبين کنيو ان داستان کي ڳولهيندو ئي رهي ٿو. ها فوجي آمرن خلاف ذري گھٽ سڀني سياستدانن اٺ جي آنڊي جيڏيون ڊگھيون تقريرون ڪرڻ کان ڪڏهن به وسان نه گھٽايو.پر سچ اهو ئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي خلاف اصولي جنگ جا اعلان به ٿيندا رهيا ساڳئي وقت سياستدانن مان ڪنهن به ساڻن سنگت نه ٽوڙي.جيڪر اهي انهن جي چوڻ مطابق ايتري عوامي طاقت رکڻ جا دعويدار هئا جو هڪڙي لانگ مارچ جي نتيجي ۾ عدليا کي بحال ڪرائي سگھيا ٿي ته پوء جنهن مشرف عدليا کي معزول ڪرڻ جو غيرآئيني سنگين ڏوه ڪيو هو انهيء جي خلاف ڪاروائيء لاء ڪو لانگ مارچ ڇو نه ٿي سگھيو؟ اهي ڪڏهن به شينهن ناهن بڻيا پر انهن کي سدائين شينهن تي سواري ڪرڻ جو شوق رهيو آهي.شير بنجڻ جي شوق ۾ اهي مشرف کي اجلت ۾ جھپٽو هڻي کيس وات ۾ ته وجھي ويا پر ترت ئي کين خبر پئجي ويئي ته اهو ته اهڙو هڏو هو جنهن کي هو نه  ته ڳڙڪائي سگھيا ٿي ۽ نه ئي واپس الٽي ڪري ٻاهر ڪڍي سگھيا ٿي.اهو ته اڃا ثابت نه ٿيو آهي ته انهن تي مشرف کي ڇڏڻ لاء ڪهڙا ڪهڙا پريشر ۽ دٻاء هئا،اهي دٻاء ملڪي هئا يا غير ملڪي،ڪاروباري هئا يا سياسي پر نواز حڪومت جنهن نفسياتي هيجان ۽ اعصابي خوف جو شڪار آهي، اهو به ممڪن هجي ته هنن بنان ڪنهن جي چوڻ جي  ڪمبل مان بيزار ٿي ڪمبل مان  پاڻ ئي هٿ ڪڍيا هجن.اهو به ته ممڪن آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان اڳواٽ بنان چوڻ جي نيڪ خواهشن جو پيغام موڪليو ويو هجي ته اڳتي پنجاب ۽ وفاق ۾ ڪجھ “اشرافن” جا کلندڙ اڇا چٺا کلڻ کان بچي وڃن.اهو به امڪانات مان آهي ته جيئن پنجاب ۾ عورتن تي تشدد خلاف پاس ڪيل بل ۽ ممتاز قادريء کي ڏنل ڦاسيء ذريعي غيرملڪي خانبهادرن کي اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته ميان صاحب جي باري ۾ مغربي ميڊيا جو اهو تاثر ته هن جا انتهاپسندن سان لاڳاپا آهن،ان تاثر کي ختم ڪرڻ لاء واضح ٿبوت فراهم ڪيا وڃن ته عرصو ٿيو ميان صاحب اسلاميت جو اوڍڻ لاهي لبرل جي لنگوٽي  ٻڌي چڪو آهي.هڪ اخبار ۾ميان صاحب جي هڪ عقيدتمند جا اهي لفظ پڙهي کل به اچي ٿي ۽ ان عقيدتمند جي معصوم خواهش تي ترس به ٿئي ٿو جيڪو اهو ماتم ڪري رهيو هو ته “ ميان نواز شريف کي لبرل ٿيڻ جي سزا ڏني پيئي وڃي!”اهڙن معصومن ئي پاڪستاني قوم جو ٻيڙو غرق ڪيو آهي.“ڪيڏانهن منهن ملير جو ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار!” ملڪي خزاني جو هي جيڪو هنن حشر ڪيو،هي بدعنوانين جا جيڪي داستان رقم ٿيا ۽ هي جيڪو دهشتگردن سان پيار ۽ محبت وارو سلوڪ ڪندا رهيا،هيء جا عوام کي تاريخ جي بدترين گورنس ڏني،جيڪر اهو ئي لبرلزم آهي ته بس پوء ملڪ جو خدا ئي حافظ آهي!اسان جا دانشور ۽ عوام ڪوبه فيصلو ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن.هيرو کي زيرو ڪن يا زيرو کي هيرو ڪن،وس وارا آهن. پاڪستان جي حڪمرانن مان ڪهڙو بدنصيب آهي جنهن کي عظيم لقبن سان نه نوازيو ويو هجي. ڪو اسلام جو سپاهي، ڪو ايشيا جو شير،ڪو مائو،ڪوياسرعرفات،ڪو جمال ناصر،ڪو مصطفى عطا ڪمال،ڪو اساما ته ڪو ملا عمر آهي. سوچن ۽ روين جون ايڏيون وڏيون انتهائون ۽ تضاد شايد اسان جي پاڪستاني معاشري کان سواء ٻئي ڪنهن ملڪ کي نصيب نه ٿيا آهن.خير ڇڏيو ان ڳالھ کي! ذڪر پئي ٿيو هڪ جمهوري ۽ اصول پسند عوامي سياستدان جي طور تي ميان صاحب ۽ مشرف واري معمي جو ته اڃا تائين ميان صاحب ۽ سندس عظيم جانثارن جا چپ ان معاملي تي خاموش ڇو آهن؟ پيرن ۾ وڇايل ڪنڊو ته نظر اچي ويو پر جنهن ڪنڊي وڇائڻ جي شرارت ڪئي تنهن ڪهڙي سليماني ٽوپي پائي رکي آهي جو نظر نٿو اچي.مشرف کي ڦاهيء تي لٽڪائڻ واري جرئت پنهن جي اندر پيدا ڪرڻ جو مطالبو اوهان کان عوام هرگز نٿو ڪري پر صرف ايتري جرئت جي اظهار جو مطالبو ٿو ڪري ته مهرباني ڪري ان مخلوق جو چهرو ته ماڻهن کي ڏيکاريو جنهن اوهان جي سموري جمهوري جدوجهد ۽ عظيم انصاف جي ارادن تي پاڻي ڦيرڻ جي ناپاڪ سازش ڪئي آهي!هاڻي اچون ٿا نوازشريف جي “لبرلزم” ڏانهن سفر جي عظيم ڪهاڻيء طرف ته ممتاز قادريء کي ڦاهي ڏيئي ليلا جي عاشقن ۾ پنهن جو نالو ته لکائي ويٺا پر هن شعر وانگر ته

“رات ڪو مئي خوب سي پي،صبح ڪو توبھ ڪرلي،

رند ڪي رند رهي،اور هاتھ سي جنت ڀي نه گئي.”

سو شايد غالب بدلجي ويو هجي پر غالب جا خيال نه بدليا هجن.اهو هجوم جن ڏنڊن ۽ جھندن سان بعد ۾ اسلام آباد جي ستيا ناس ڪئي تن کي  پئسا ۽ بسون ڏيئي،راولپنڊيء ڪنهن پهچايو،خيرات جي ديڳين کان اسلام آباد جي پلائن تائين ثواب ڪنهن ڪمايو،اهو هاڻي هڪ کليل راز آهي.ان سموري پراسرار منظر مان رات ڏينهن قانون جون هنڀوڇيون هڻندڙ وزيرداخلا جڏهن پنهن جو ديدار مبارڪ ڪرايو ته ان وقت تائين ته سڀ ڪجھ سڙي چڪو هوپر هن جي چهري تي اهائي بيوسي هئي جيڪا مشرف کي باادب طريقي سان دبئي دربدر ڪرڻ واريء سرڪاري خوشبريء ذريعي ميڊيا وارن جو وات مٺو ڪرائڻ وقت نظر آئي هئي.يا جيڪا بيوسي آئي ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس دوران چرچن جون چٽڻيون کارائيندڙ پرويز رشيد جي چهري تي ڏٺي ويئي هئي.حڪومت عالمي ۽ ملڪي ليول تي ڪيترو مضبوط آهي ان جو فيصلو ڪرڻ ۾ پنهن جو مٿو کپائڻ بدران اسان صرف ڪجھ منظر خود حڪومت جي اندروني ڏاڙهي پٽ ۽ مونجهارن جا شاهڪار ظاهر ڪرڻ لاء پيش ڪيون ٿا.وزيرداخلا چيو ته حڪومت ڌرڻي وارن سان ڪي به ڳالهيون نه ڪندي.اسحاق ڊار چيو ته اسان نه صرف ڳالهيون ڪيون آهن پر انهن جا  ڪجھ مطالبا به مڃيا آهن.نواز شريف چيو ته حڪومت پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف سخت ڪاروائيء جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي جڏهن ته پنجاب جي وزيرقانون جي چوڻ مطابق پنجاب ۾ ڪوبه نئون آپريشن نه پيو ڪيو وڃي.آئي ايس پي آر مطابق پنجاب ۾ آرمي چيف جي حڪم تي فوج ۽ رينجرز طرفان آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته پنجاب حڪومت جي ذريعن مطابق وزيراعظم جي هدايتن تحت ڪاروائيون ڪيون پييون وڃن.هي جيڪو چيو پيو وڃي ته حڪومت ۽ فوج هڪ ئي پيج تي آهن،سو هڪئي پيج تي آهن يانه پر اها حقيقت سامهون اچي چڪي آهي ته اهو پيج ئي هاڻي ڦاٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪو آهي. ويچاري وزيراعظم جي اها قابل رحم حالت آهي جو هو آمريڪا جي دوري تي به نٿو وڃي سگھي جو  شايد واپس پاڪستان ۾ پير رکڻ جو به کيس وهم پيدا ٿي پيو آهي.اڃا ته شروعات آهي جنهن هنن جون متيون منجھائي ڇڏيون آهن،نيب جا پر ڪٽڻ جي خواهش ۾ اهي پنهن جا هٿ زخمي ڪري چڪا آهن،“را” جي هٿ آيل غيرملڪي شهزادي هيڪاري حڪمرانن جي مونجھارن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي،جنهن جي گرفتاريء جو ايترو فڪر ڀارت کي ڪونهي جيترو هنن کي آهي.

سٽ سلجھڻ جي بدران وڌيڪ منجھندو محسوس ٿئي ٿو.ايندڙ هرڏينهن هنن لاء وڌيڪ المناڪ هئڻ جا آثار نظر اچي رهيا آهن.اهي سڀ ڪجھ صدقو ڪري ڪجھ عرصي لاء خوشيء سان گھر ويهڻ لاء به تيار آهن جيڪر هنن کي  ڪوسندن پيارن جي عافيت جو يقين ڏياري پر سامهون اهو نعرو لڳي رهيو آهي ته “جمهوريت کي ڪنهن به صورت ۾ پٽڙيء تان نه لهڻ ڏبو. دهشتگردن خلاف جنگ جاري رهندي.” مطلب ته اوهان کي به گھر وڃڻ نه ڏنو ويندوپر ڪنداسين اسان اهوئي جيڪو اسان چاهينداسين.سو تقدير اسان جي هنن حڪمرانن سان عجيب کيل کيڏي رهي آهي جتي انهن کي اهو ئي مشورو ڏيئي سگھجي ٿو ته

“ آه نه ڀر،لبون ڪو سي،يي عشق هي دل لگي نهين!”

جيڪي نادان دوست ميان صاحب کي اڃا تائين ڪي پهلوانيء جا ڪرتب نه ڏيکارڻ جا مهڻا ڏيئي رهيا آهن،ميان صاحب کي هن شعر جي ذريعي سندن تسلي ڪرڻ گھرجي ته

“ رسوائيان نه لاتي تو اور ڪيا ڪرتي، نه جشن شعله مناتي تو اور ڪيا ڪرتي،

اندهيرا باغ مين آيا تها روشني ڪي ٿي،جو اپنا گھر نه جلاتي تو اور ڪيا ڪرتي”

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *