تازيون خبرون

حقن جي ڄاڻ ۽ اهميت کان ڏور بيٺل سنڌ جا ماڻهو! : نسرين الطاف

انساني حق Human rights آزادي ۽ حقن جو اهو نظريو جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر فرد حقدار آهي، انهيءَ نظريي ۾ اهي سڀئي جز شامل آهن، جنهن تحت دنيا ۾ رهندڙ هر فرد بنيادي ضرورتن ۽ سهولتن جو حقدار آهي. انسانن جا بنيادي حق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به خطي يا معاشري ۾ اخلاقيات، روايتن ۽ سماجي عملن جو مضبوط هجڻ تمام ضروري آهي. انساني حقن جي نظريي کي انهيءَ ڪري يا ته معاشرتي طور تي عوامي راءِ ۽ قومي ۽ بين الاقوامي قانونن سان ڳنڍيو ويو آهي، جيڪڏهن انسان جي تعريف ڪجي ته انسان هڪ وسيع مضمون آهي ۽ ان لاءِ مختلف رايا آهن. اهو هڪ معاشرتي جانور Social Animal آهي ۽ هو معاشري جو لازمي جز آهي. انسان جي زندگي گڏيل تعاون جي محتاج آهي، ڪو به ماڻهو هن دنيا ۾ اڪيلو زندگي نه ٿو گذاري سگهي.
جهڙي طرح انساني حقن جي اهميت انساني زندگيءَ جي خاتمي کانپوءِ به محدود حد تائين باقي رهي ٿي، انساني حق ته انساني زندگي جي ان دنيا ۾ اچڻ سان ئي لاڳو ٿي وڃن ٿا. انساني حقن مان مراد آهي ڪنهن فرد کي زندگي، آزادي، برابري ۽ عظمت ڏيڻ. انسانن کي ڪا به رياست جيئڻ جا اهي سڀئي حق ڏيڻ جي مجاز آهي جيڪي انسان ان دنيا ۾ لهڻي ٿو. رياست جيڪڏهن انساني حق ڏيڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي ڪري ته ڪو به ماڻهو آئين جي دفعه 32 يا 226 تحت سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهي ٿو. 1993ع ۾ جيڪا انساني حقن جي تعريف ڪئي وئي، اها هڪ جامع تعريف هئي ۽ ان طريقي سان سڀئي نظريا ۽ حق اڳيان رکي انهن کي انسانن لاءِ استعمال ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو. جيستائين بين الاقوامي دستاويزن جو سوال آهي، اقوام متحده کي چارٽر، انساني حقن جو عالمگيري اجراءَ شهري يا سياسي حقن جو بين الاقوامي منشور يا معاشي، سماجي ۽ ثقافتي يا قانوني بالادستي Rule of law جو احترام ڪيو وڃي، اتي هڪ عام انسان کي حقِ زندگي، حقِ حفاظت، عورت ۽ مرد ۾ برابريءَ جو حق، عورتن جا حق، ٻارن جا حق، زندگيءَ جي هر شعبي ۾ بنا ڪنهن فرق ۽ متڀيد جي برابريءَ جا حق. حق حرمت، عظمت وقار، اظهار جي آزاديءَ جو حق، مذهب جي آزاديءَ جو حق، اقليتن جي مفادن جي تحفظ جو حق، ثقافت زبان ۽ تهذيب تمدن جي تحفظ جو حق، نقل و حرڪت، حق گڏجاڻيون، حق خاندان، ذاتي زندگيءَ جي تحفظ جو حق، قانوني چاره جوئي ۽ داد رسيءَ جو حق، تعليم جو حق، نمائندگي جو حق، ووٽ جو حق، حڪومت جي چونڊن جو حق، بهتر سهولتن ۽ بهتر معيار زندگيءَ جو حق، آلودگيءَ کان پاڪ ۽ صاف هوا، پاڻي ۽ زندگيءَ جي بنيادي سهولتن جو حق، ٻيلن جهنگلن ۽ ڪائنات ۾ رهندڙ هر ساهواري جا حق ٿين ٿا، جن کي عوام کي ڏيڻ اسٽيٽ ۽ رياست تي حڪومت ڪندڙن جي ذميواري آهي ته اهي ان زمين تي رهندڙ هر ساهواري کي ڏين، جيڪي اهي حق کڻي انسان ٿين ٿا. بين الاقوامي طور تي انساني حقن جو چارٽر ته ٺهي ويو پر ڇا انهن چارٽرن تي اسان وٽ عمل ٿي رهيو آهي؟ اچو ته جائزو وٺون ته اسان جي اسٽيٽ يا رياست انسان کي انهن جا حق ڏيڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي آهي؟ قدرت جي هن وسيع ڪائنات ۾ الله تعاليٰ هر انسان کي آزاد فضائن ۾ ساهه کڻڻ ۽ پنهنجي مرضيءَ سان ساهه کڻڻ جو حق ڏنو آهي ۽ آزاديءَ جو احساس ڏيارين ٿا اهي حق جيڪي ان کي ڄمڻ سان ملن ٿا.
تعليم جو حق: اها هڪ حقيقت آهي ته تعليم انسان جي ٽين اک آهي. جن قومن پنهنجي من مان خودغرضي، لوڀ لالچ ڪڍي علم ۽ تعليم کي سڀ کان وڏي دولت سمجهيو، انهن دنيا ۾ بلند مقام حاصل ڪيو. ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻو آهي، توهان ان جي تعليم کي تباهه ڪيو، اها قوم پاڻ ئي تباهه ٿي ويندي. سنڌ جا ٻهراڙيءَ وارا علائقا هونءَ ته ڪيترن ئي بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهن، اتي رهندڙ ماڻهو حقن کان محروم آهن، پر اهي تعليم جهڙي حق کان به محروم آهن. ڳوٺ ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ تعليم جي تمام گهڻي کوٽ آهي، جنهن ڪري سنڌ جي 75 سيڪڙو آبادي پنهنجي حقن جي ڄاڻ نه ٿي رکي. تعليم، سماجي تبديلي آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي، پر جتي علم جي روشني نه پهچندي، اتي ماڻهن جا ذهن ۽ دماغ ڪٿان روشن ٿيندا؟ انهن وٽ بهتريءَ جي لاءِ سوچڻ جو دڳ ڪڏهن به اونداهين کانسواءِ ڪجهه نه هوندو ۽ اهي ماڻهو پنهنجا بنيادي حق ڪٿان حاصل ڪندا.
اسان وٽ هر سسٽم صرف لاڳو ڪرڻ جي حد تائين آهي، باقي ان تي ڪم ٿئي، اهو شايد ممڪن نه آهي. انهيءَ ڳالهه جو به جائزو وٺڻ ضروري آهي ته اسان وٽ ڇوڪرين جي تعليم ته پري پر ڇوڪرن لاءِ به تعليم کي ضروري نه ٿو سمجهيو وڃي، آخر اسان جي ماڻهن ۾ شعور ڪڏهن ايندو؟ جو هو سمجهن ته تعليم اسان جي نسلن لاءِ ضروري آهي، پر اها سوچ تڏهن تبديل ٿيندي جڏهن اتان جا چڱا مڙس ضروري سمجهندا ته انسان ۾ شعور اچڻ لاءِ تعليم ضروري آهي، پر انهن کي اها به خبر آهي ته تعليم حاصل ڪندڙ پنهنجي شعور سان ڳالهائيندو ۽ پنهنجا حق سمجهندو. انسان جي شعور جون دريون کولي ئي تعليم ٿي، بس سنڌ جي ان بنيادي حق کان ماڻهن کي پري رکو باقي حقن جي، جهالت جي ڪري ته انهن کي خبر پوندي ۽ نه هو گهرندا.
اڄ جي سنڌ جنهن خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، ان کي غلاميءَ کانسواءِ ٻيو ڪو نالو ڏئي نه ٿو سگهجي، اها صورتحال هڪ ڏينهن يا هڪ سال ۾ پيدا نه ٿي آهي. سنڌ کي هٿ سان انهن مسئلن ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. سنڌ جي ماڻهوءَ کي حق نه ملڻ ۾ نه رڳو هڪ قوت نه پر متحرڪ قوتون، گروهه شامل آهن. هن اسٽيٽ کي آڱرين تي هلائڻ وارا اهي ماڻهو آهن جن وٽ انسان ۽ جانورن ۾ ڪو فرق نه آهي. اظهار جي آزاديءَ کي اسان وٽ دٻايو ٿو وڃي يا وري جيڪو ڳالهائي ٿو ان کي وقتي فائدا ڏئي خاموش ڪرايو ٿو وڃي. آئون سمجهندي آهيان ته ماڻهن کي حقن جي ڄاڻ ڏيڻ، انهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اسان وٽ چئني پاسي اخبارن رسالن چئنلن جي يلغار آهي، پر پوءِ اڄ به عام ماڻهوءَ ۾ اهو شعور نه آهي جيڪو هو اخبارن کي پڙهي چئنلن کي ڏسي حاصل ڪري- يا ته ميڊيا پنهنجي ڳالهه ماڻهن تائين ان طريقي سان نه ٿي پهچائي، جنهن طريقي سان پهچائڻ گهرجي يا ته اسان وٽ ماڻهو ايترا بيحس ٿي ويا آهن جو هو نه ٿا چاهين ته انهن جي زندگيءَ ۾ ڪا تبديلي اچي ۽ هو پنهنجن حقن پٽاندڙ زندگي گذاري سگهن. افسوس اسان جو ليکڪ، دانشور به انهيءَ طريقي سان نه پيو لکي جنهن سان ماڻهن ۾ سجاڳي اچي. ان جو قلم به اڄ پنهنجن مفادن کي نظر ۾ رکي لکي ٿو. نه ڄاڻ جو اسان وٽ بي حسي ايتري وڌي وئي آهي جو هر ماڻهو سمجهي ٿو ته مون کي فردي فائدو ٿئي، اجتماعي حقن ۽ فائدن جي ڪا اهميت ڪانهي.
هڪ انسان ٻئي جا زوري حق ڦٻائڻ جي چڪر ۾ آهي. ڏاڍو، ڪمزور تي حاوي آهي. اسٽيٽ کي هلائيندڙ زورآور انساني حقن کي نه ڪجهه سمجهن ٿا ۽ نه انسانن کي ڪنهن خاطر ۾ ٿا آڻين. اسان وٽ پيدا ٿيندڙ ائين ئي حقن کان وانجهيل پنهنجي زندگي پوري ڪن ٿا.