تازيون خبرون

حج دوران پيش آيل حادثن جا پيرا کڻڻ گهرجن: نسيم بخاري

موت اڻٽر آهي هر ساهه واري کي اهو زهر جو پيالو نه چاهيندي به پيڻو آهي. ڪا خبر ناهي ته ايندڙ پل ۾ اسان حال حيات هونداسين به يا نه! زندگي جي ڪابه ضمانت نه آهي پر هڪڙيون ضمانتون اڻ لکيون هونديون آهن. عام طور تي ماڻهو ڄمي ٿو، وڏو ٿئي ٿو، پوڙهو ٿئي ٿو ۽ نيٺ مري وڃي ٿو. اها فطرت آهي ۽ ان فطرتي اصول سان دنيا جو وهنوار جاري آهي. هڪڙو موت اهو آهي، جنهن جي ماڻهو کي ڪا خبر نه آهي، جيڪو عام رواجي حالتن ۾ طبعي طور تي واقع ٿئي ٿو. ماڻهو جو مثال به ان گهر جيان آهي، جيڪو پراڻو ٿي ڊهي پٽ ٿي پوندو آهي. انسان هجن يا عمارتون، انهن جو ڊهڻ ۽ وري نئين تخليق ٿي اڀرڻ زماني جو دستور آهي. ان دستور کي للڪاري ته سگهجي ٿو پر لوڏي نه ٿو سگهجي. زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا لوڏا ضرور اچن ٿا، جيڪي زلزلا ثابت ٿين ٿا. ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته حادثاتي موت به زلزلن کان گهٽ ناهن هوندا.

مان ڪڏهن ڪڏهن ان نقطي تي سنجيدگي سان سوچيندو آهيان ته ماڻهو کي ان جي انت جو علم ڇو ناهي؟! وري جڏهن انهن انسانن تي غور ڪندو آهيان ۽ ڪيفيتن کي ڏسندو آهيان جن جي زندگين جا ڏينهن ڳڻجي چڪا هوندا آهن، تڏهن پنهنجي پهرئين خيال کان پاڻ ئي پرڀرو ٿي ويندو آهيان. مثال طور: هڪڙو ماڻهو ڪنهن اهڙي موذي مرض ۾ مبتلا آهي، جنهن ۾ اڳواٽ کيس خبر پئجي ٿي وڃي ته هن جي حياتي ڪيترو وقت هوندي، توهان تصور ڪيو ته اهو ماڻهو ڪهڙين پريشانين ۽ پيڙائن مان گذرندو هوندو!؟

ماڻهو کي جيڪڏهن ان جي موت جي اڳواٽ خبر هجي ها ته موت جي خوف ۾ هر ڏينهن ان جو عذاب ۾ گذري ها ۽ اهو عذاب، هن کان هن جي زندگيءَ جو حُسن ۽ دلڪشي ڦري وٺي ها! هن جي جستجو ۽ جدوجهد اڌوري هجي ها! جيتوڻيڪ زندگيءَ جو گذرندڙ هر پل اسان کي موت جي ويجهو آڻي ٿو، پر پوءِ به اسان جي چهري تي يا دل دماغ تي ڪا به اهڙي ڪيفيت نه ٿي ڏسجي، جنهن مان موت جو خوف جهلڪندو هجي.

ڪالهه هڪڙي دوست اهو سوال اٿاريو ته حج تي ويل ماڻهن جو 90 سيڪڙو، اڪثر پنهنجون عمريون کائي چڪو هوندو آهي. اهو ايترو عرصو انهن ماڻهن کي حج جي فرض واري ادائگي لاءِ ڏوڪڙ گڏ ڪرڻ ۾ لڳي وڃي ٿو يا هو عمر ڀر جون پنهنجون هر قسم جون تمنائون پوريون ڪري آخر ۾ الله پاڪ جي آڏو سرخرو ٿيڻ لاءِ وڃن ٿا! ڇا سڄي عمر گناهه ڪري ڪرپشن، ٺڳين، ڏاڍاين ۽ دوکن جا رڪارڊ قائم ڪري، آخر ۾ معافيون وٺي جان ڇڏائڻ ڪهڙي شرافت آهي؟ ۽ جيڪي ماڻهو حج تي وڃن ٿا، انهن مان ڪيترو سيڪڙو اهڙا ماڻهو هوندا، جيڪي حق حلال جي ڪمائي مان حج جي سعادت وارو سفر ڪن ٿا؟ منهنجي دوست جو خيال هو ته جيڪڏهن وڏي تعداد ۾ يا گهڻي تعداد ۾ حج تي نوجوان ماڻهو هجن ها ته ايڏي وڏي پئماني تي منيٰ واري واقعي ۾ ڀاڄ دوران حاجي سڳورا حياتيون نه وڃائين ها!

عيد واري ڏينهن منجهند کانپوءِ پوري اسلامي دنيا لاءِ اها خبر وِڄ وانگر ڪڙڪي، جنهن ۾ شيطان کي پٿريون هڻڻ دوران ڀاڄ سبب ڪِري، چيڀاٽجي ۽ لتاڙجي سوين ماڻهن جي فوتگين وارا اطلاع مليا. اُهي اطلاع وقت سان گڏ انگ ۾ اضافو ڪندا ويا. هنن سٽن لکجڻ تائين اهو تعداد 1100 کان وڌي چڪو آهي، جن ۾ 42 پاڪستاني به شامل آهن ۽ 250 کان وڌيڪ پاڪستانين جي خيريت سان هئڻ واري خبر آئي آهي ۽ 63 پاڪستاني حاجي سڳورا اڃا تائين به لاپتا آهن، ڪا خبر ناهي ته اُهي زخمي آهن، صحتمند آهن يا هن ڪائنات مان ڪوچ ڪري ويا آهن.

ڪالهه رات پاڪستان جي تمام گهڻي ڏٺي ويندڙ هڪ ٽي وي چئنل 20 کان 25 منٽن تائين سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتڪار کان اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ته تازن انگن اکرن اچڻ کانپوءِ پاڪستاني حاجين جي فوتگين يا زخمين بابت نئين صورتحال ۽ انگ اکر ڪهڙا آهن پر همراهه ڳالهين کي گول مول ڪندو رهيو ۽ اصل حقيقت کان آگاهي نه ڏئي سگهيو! جڏهن ته سعودي عرب ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني ۾ يارهن سئو شهيدن جي پوري پوري معلومات تصويرن ۽ تفصيلن سميت جاري ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. جيڪڏهن انهن انگن اکرن کي ئي نظر مان ڪڍيو وڃي ها ته پتو پئجي وڃي ها ته انهن ۾ پاڪستانين جو انگ ڪيترو آهي؟ پر پاڪستاني سفارتڪار ايتري تڪليف ڪرڻ به مناسب نه سمجهي ۽ هڪڙي مشهور ٽي وي چئنل جو 20 کان 25 منٽ پرائم ٽائيم ضايع ڪيو. اسان جا سفارتڪار به اسان جي سياستدانن جيان سست هوندا آهن، جن کان ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ نه پڄندو آهي.

ان المناڪ ۽ افسوسناڪ واقعي جا درست انگ اکر معلوم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ هڪڙي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، ڪيڏي نه ڳڻتي ۽ افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو هاڻي پنهنجن پيارن جي زنده يا مرده هئڻ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ به سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائڻو پئجي وڃي ٿو. سعودي عرب ۾ پيش آيل تازي واقعي کان اڳ باهه واري واقعي ۾ پڻ ڪيترائي حاجي سڳورا اجل جو شڪار بڻجي چڪا هئا. ان واقعي جي جڏهن مون انٽرنيٽ تي وڊيو ڪلپ ڏٺي هئي، تڏهن ئي ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ هن سموري تباهي وارن منظرن ڏاڍي تڪليف ڏني هئي. ان واقعي جو انهن ئي ڏينهن ۾ سعودي سرڪار جاچ جو حڪم ڏنو هو ۽ هاڻ به اهڙا حوال ڪٽجي چڪا آهن پر نه ته ٿورو وقت اڳ ۽ نه وري هنن سٽن لکجڻ تائين اهو معلوم ٿي سگهيو آهي ته هڪ ٻئي پٺيان پيش آيل ڏکوئيندڙ واقعا ڪنهن مصيبت واري ليکي ۾ ڳڻيا وڃن يا انهن پويان ڪن سازشن کي ڳوليو وڃي!

جڏهن اهڙي صورتحال هجي ته ماڻهو ٻڏتر جو شڪار ٿي وڃي ٿو. غير يقيني دلين ۾ گمراهه ڪندڙ خيالن کي جنميندي آهي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو ايران ان معاملي تي ڏاڍو سخت موقف اختيار ڪيو آهي ۽ سعودي حڪومت کي اهڙين واقعن ۾ سنئون سڌو ملوث قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايران جي نيت ڪهڙو ٿي ڪم ڪري سو ته خدا ڄاڻي، باقي غير يقيني صورتحال ۾ انومان ۽ انديشا فطري هوندا آهن. سعودي عرب ۽ آمريڪا جو چوڻ آهي ته ايران الميي تي سياست ڪرڻ بند ڪري، پاڻ ان بحث ۾ نه ٿا پئون ته ايران حق تي آهي يا ناحق تي، پر ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته 1973ع کان 2015ع تائين حج دوران ٿيل حادثن ۾ 6 هزارن جي لڳ ڀڳ حاجي سڳورن جون حياتيون وڃائڻ واري معاملي هاڻ ڪيترائي سوال اڀاري ڇڏيا آهن.

1975ع ۾ منيٰ جي ميدان تي خيمن کي لڳل باهه سبب 347 حاجين جي سڙي فوت ٿي وڃڻ وارو معاملو هجي، توڙي ان کان ٻه سال اڳ 1973ع ۾ جهاز ڪرڻ سبب 176 ۽ 1991ع ۾ به جهاز ڪريش ٿيڻ ڪري 247 حاجي شهيد ٿيڻ وارا معاملا، 11 سيپٽمبر 2015ع تي حرم شريف ۾ 107 حاجين جي شهادت کان تازن واقعن تائين ڪهڙا ڪهڙا واقعا بحث هيٺ آهن. 2004ع ۾ به ڀاڄ دوران 251 ۽ 2013ع ۾ 14، 1998ع ۾ 118 ۽ 1994ع ۾ 270 حاجي شهيد ٿيا هئا.

انهن سمورن حادثن هاڻ ان تاثر کي هٿي ڏني آهي ته جيڪو به حج تي وڃي، اڳ ۾ حياتي تان هٿ کڻڻ جو سوچي وڃي. هونئن ته دل جي ڌڪ ڌڪ ڪٿي به ۽ ڪنهن به وقت رڪجي سگهي ٿي پر هي جيڪي حادثن جي صورت ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعا پيش اچن ٿا، اُهي ڏاڍا المناڪ ٿين ٿا. 14 کان وڌيڪ پاڪستانين جي ته تدفين سعودي عرب ۾ ٿي چڪي آهي. خبرون اهي آهن ته باقي شهيدن کي به ڀلي پار جي مِٽي نصيب ٿيندي! سوال اهو آهي ته اهڙي فيصلي ۾ وارثن جي رضا ۽ مرضي جو به ڪو عمل دخل آهي يا حڪومت پنهنجي طور تي اهڙي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي!؟

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *