تازيون خبرون

جيڪب آباد ۾ ڪٺور دل هٿان ڪٺل ننڍڙي شهلا.!!: غلام مصطفيٰ جمالي

اسان جا نيڻ به وڏا اڀاڳا آهن جن کي سواءِ لڙڪن  جي ٻيو ڪجهه مليو ئي ناهي.! ننڊ جنهن شِيءُ جو نالو آهي اها کين نصيب ئي ناهي.! اسان جا نيڻ به ڪنهن يتيم ٻار جيان معصوم ته گهڻئي آهن پر سندن سنگت سورن سان آهي سندس ساٿي لڙڪ ئي لڙڪ آهن. سندس گيت،غزل،نغما نوحن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن کين اڀاڳي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي چڪو آهي.!!! سندس منزلون ٻين ماڻي ورتيون آهن.. اسان جا نيڻ سحرائن جي سفر تي نڪتل آهن… سحرا به اهي سحرا جن تي اڃان ڪوبه بادل ناهي برسيو… ان سحرائن جي تتل واري تيز تلوار جيان اسان جي پيرن جي کي زخمي ڪري اسان جي نيڻين جي اڳتي وڌڻ کان جهلي ڇڏيو آهي.۽ چيو آهي ته  اوهانکي سحرا جي سفر ۾ به منزل نصيب نه ٿيندي.. اوهان جون راتيون اوهان جي ڏينهن انهن هي سحرائن ۾ گذرندا.. جن ته بادل ناهن برسيا جيڪي سحرا سفر جي لائقَ ئي ناهن… اوهان سحرائن جا ساٿي آهيو. جڏهن دردن  جا نوحا ڳايون ته سحرا.ئن ۾ محفل مچائجو جئين اهي نوحا ڪير ٻڌي نه وٺي… ۽ سندس دل ۾ اوهان لاءِ رحم جي زنجير جڙي نه پوي،،، اوهان جا گيت، غزل، وايون، نظم، سڀ سحرائن کي سڻائڻ جهڙا آهن  جن ۾ ڀلي ڌرتي جو درد، ڳڀي لاءِ تڙپيندڙ يتيم جنهن معصوم جو رڙ  جيڪا هن اڌ رات اٿي بک وچان ڪئي هجي،ان ڀيڻ جو ڇو نه هجي جنهن جو ڪونڌر ڪالهه ڪسجي ويو جن جي هٿن تي لال مهندي به نه لاٿي  هئي جنهن لاءِ ونواهه جي ويٺل ڪنوار به نه سجائي وئي هئي .جنهن جا موڙ ٻڌڻ کان اڳ مرجهائي جي ويا.. جن لاءِ نه دهل وڳا نه ئي ڪي شرنايون نه ئي ڪا سيج سجائي وئي،

چاهي اهو درد انهي وني جو ڇو نه هجي جنهن جو ور شام مهل چئي ويو ته وني مون لاءِ ماني پچائي رکجان مان اجهو موٽيس پر وني جي مٿان سفيد چني اوڍجي وئي سندس چوڙيون چڪنا چور ڪيو ويون.. سندس سنيڌ مان سندور کي مٽايو ويو سندس چپن جي سرخي مٿي جي بنديا نڪ جي فلي کي لاٿو.ويو..ڇو.ته سندس ور نه موٽيو پر سندس مڙهه ضرور اڱڻ تي ايمبولنس مان لاٿو پئي ويو،،، يا انهن امڙ جي هنجهه جا نوحا ڇو نه هجن جنهن جو جاني جن پٽ جواني ۾ مارجي ويو هجي. جنهن لاءِ هن سپنا ڏٺا هئا جنهن جا خواب اوڌرا رهجي ويا. انهي ماءُ جي جهولي خالي ٿي وئي جنهن جو جوان جواني ۾ ڪنهن قاتل جي هٿان قتل تي ويو.. جنهن کيِ ماءُ وڏا جهول ڀري رب کان انهي جاني پٽ کي گهريُو هُو، ۽ اها جيجل ماءُ جڏهن رات جنهن پل سڀ لوڪ ستل هوندو هو  ته پٽ پاسو ورائيندو هو ته ماءُ جي دل ۾ هزارين وهم وسوا پيدا ٿيندا هئا ءُ ۽ هوُ  بار بار پڇندي هئي ته پٽ ٺيڪ ته آهين..  پر اڄ اها کٽ به خالي آهي جنهن تي هو ستل هوندو هُو اڄ ماءُ جي جهولي به خالي ٿي چڪي آهي جيڪا جهولي هن جهلي ان ڪونڌر کي گهريو هو ………حقيقتون ته الائي ڪيتريون سامهون آهن پر اسان وٽ هاڻ سهپ کي سگهه ناهي اسان جا هانءُ درد ڀوڳي ڀوڳي بيزار ٿي پيو آهي.. هاڻ اسان جي اندر جو انسان ڪپڪائڻ لڳو آهي اسان راتين جا راهي ته اڳ ئي هئاسين  پر هاڻ سحرائن جي سفر جيتري سگهه اسان ۾ ناهي.. هاڻاسان جون  اکيون ڪونڌر ڪسجندي نه نه ٿيون ڏسي سگهن.. ڀيڻ کان ڀاءُ وني کان ور جدا ٿيندي موت جي منظرن هاڻ سوچ جي لوڇ کي مات ڏئي چڏي آهي،اسان جي سنڌ ڌرتي تي رت جو رانديون ڪربلا جهڙا  منظر کڻي اچي ڪڙڪيون آهن مورئڙي جي ڪلاچي رت سان هولي جي راند زور کيڏي کيڏي ٿڪي پئي آهي.. جتي جا جوان جوا،شراب،هيروئين جا آڌي بڻايا وڃن.. انهن قافلن جا انهن قومن جا اڳواڻ ڪنهن رهزن کان گهٽ ناهن هوندا. مان انهي  ڇو جو جواب ٿو گهران انهن کان.. جن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿيڻ جو قسم کنيو هو جن ڀٽائي جي بيتن کي آيتون سمجهو آهي جن سچل،سامي، شاهه عنايت قلندر جي ڪوندري هٿ ۾ وجهي وڏا قول قرار ڪيا هئا ۽ سنڌ سان وچن ڪيو هو ته اسان تون مٿان ٿيندڙ هر ظلم ڪندڙ هر ظالم جي سر سسي کان ڌار ڪري ڇڏينداسين..پوءِ ڇو هي آخر ڪيساتين درد سان ڀريل منظر اڃان جي سامهون هوندا آهن،ڪالهه اخبارن جي پرنٽ جي اها خبر هئي ته جيڪب آباد ۾ هڪ ماءٌ کي سندس کير پياڪ ٻار سميت ڳلو ڪپي سندس دڙ سسمي کان ڌار ڪري ڇڏيو،اهو واقعو ڳوٺ رحيم بخش جتوئي ۾ پيش آيو جتي 30 ورهين جي عابده جتوئي ۽ سندس ٻن ورهين جي معصوم کير پياڪ گلن جهڙي ننڍڙي ٻاڙي شهلا گل جا ڳلا ڪٽيل لاش مليا ڪيڏو به مايوس ۽ بي وس آهيون اسين جيڪي صرف ۽ صرف خبرون پڙهون ٿا ۽ تبصرا ڪيو ٿا،،جنهن مان اهو صاف ٿو لڳي ته هتي تبصري ڪرڻ وارا تمام گهڻا آهن روئڻ وارو ڪوئي ڪونهي.مان پڇان ٿو ته آخر انهن ماءُ ڪهڙو ڏوهه ڪيو هوندو جو انهن کي ايڏي بي دردي سان قتل ڪيو ويو آهي ڪهڙو ڏوهه آهي انهي ٻه سالن جي معصوم شهلا گل جو جنهن اڃان هن دنيا ۾ اکيون ئي مس کوليون هنيون جنهن جي ماءٌ جيجل جو چهڙو به ڌنڌلو ڏسڻ ۾ پيو ايندو هوندو انهي مصوم کي مارڻ ۾ انهي ظالم انسان کي ٿورو به رحم ڪون آيو،ڪوڏي به رحم هو اهو انسان جنهن تي ظلمن جا جبل ڪرايا. اتي اهو سوال به آهي ته ڪير آهي جيڪو انصاف ڪندو ۽ ڪير آهي جيڪو انصاف ڏياريندو.ڇو آخر ڇو انصاف نه پيو ملي. منهجي ڇو….؟جو جواب ملي يا نه ملي من انهن جي اندر جو انسان نڀاڳي ننڊ مان سجاڳ ٿئي.جيئن سنڌ جي سحرا ساوا ٿي پون ۽ اسان جهڙا مسافر جيڪي ڪيترن ئي سالن کان وٺي انهي سحرا جي سفر ۾ منزل جي تلاش ۾ نڪتل آهن سي  ٿڪ ڀڃن.. پر ها محبتن جا شايد وعده وفا ٿين ها ته مجنون صدين جا سفر نه ڪري ها…مومل اهين نڌنڪي ٿي نه مري ها.سئسي سحرا ۾ قافلا وٺي نه نڪري ها.سهڻي دريا جي ويرن جي وڙ نه چڙهي ها پر  شايد اڄ جا وعده به ان سهڻي جي ڪچي دلي جهڙا آهن جيڪي وفا ٿيڻ کان پهرين ڳري ويا جن جي وٽ وجود ته آهي پر کوکلي بدن کان سواءِ کين ڪجهه به ناهي،نه اسان جا سفر کٽندا نه ساهه کي ٿڪ نصيب ٿيندو نه نيڻ لڙڪن کان آجا ٿيندا… پر اسان ڀلي دنيا وارن مان اميدو لاهي ڇڏيو هجن پر الله ۾ آسرو ايڏو آهي جيڏو  پاڻ.الله. اسان ۽ اسان جي اکين کي آس آهي ته سنڌ ضرور پنهجون منزلون ماڻيندي پوءِ پيار امن محبت جي اڌار وٺڻي نه پوندي پيار جا ڀاڪر اسان کي نصيب ٿيندا اسان جا سحرائن  جا سفر ضرور ختم ٿيندا اسان جا لڙڪن ڀنل نيڻ نينڊ جو آعوش جي جولهي جي لولي ۾ ضرور سمهندا پر اهو وقت پري ناهي بس اسان هڪ ٻئي کان ڀلي  رٺل ڇو نه هجون پر پريت کي جوڙي رکون انهي جو پلاند اسان کان ڇڏائي نه وڃي

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *