تازيون خبرون

جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن؛ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

چڱا ڪَن چڱايون، مَٺايون مَٺنِ،

جو وڙُ جُڙي جن سين، سو وَڙُ سي ئي ڪن.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (رحه) جو مٿيون بيت انساني ڪردارنگاريءَ کي ٻن سٽن ۾ تمام اونهائيءَ سان بيان ڪري ٿو. شاهه سائينءَ جو سڄو ڪلام انساني زندگيءَ جو مڪمل اڀياس آهي، سندن مطابق چڱا لڇڻ يا سٺا اخلاق هڪ وڻندڙ عمل ۽ اهڙو واپار آهي، جيڪو نه پئي پراڻو ٿئي ۽ نه ئي کپائڻ سان کُٽي ٿو. چڱايون خاص ڪنهن جي ميراث نه آهن، پر چڱاين کي جيڪو پنهنجو ڪندو سو پنهنجي حيثيت، وت ۽ ماحول آهر نه صرف پاڻ مستفيض ٿيندو، پر ٻيا به پيا هن سُرهاڻ سان واسبا.

نيڪ گُڻن جو دائرو تمام وسيع آهي، نيڪين ۽ چڱن عملن جو مجموعو، ”حُسنِ اخلاق“ سڏجي ٿو. ڪجهه خاص خوبيون جيئن صبر، سهپ، احسان، شفقت، رحم دلي، قناعت، سادگي، نهٺائي، پاڪيزگي، بردباري، شرم حيا، پيار ۽ اخوت ۽ ٻيون چڱايون گڏجي نيڪين جي گلدستي جو واس ٿيون وٺائين. انهيءَ جي برعڪس بريون عادتون ۽ بدعمل بداخلاقين جي زمري ۾ اچن ٿا، جن سان نه صرف ايمان ڪمزور ٿو ٿئي پر خراب گُڻن جا حامل ماڻهو بدڪردار ۽ بي عمل شمار ٿيندا آهن. چڱن اخلاقن جي برعڪس بداخلاقيون انهيءَ اونداهي گهر مثل آهن، جنهن ۾ ڪابه روشني نه آهي، نيڪ اخلاق انسان جي قوت ٿي يقين ۽ وشواس جيان کيس مضبوط بنائين ٿا، جنهن جا ٿنڀا ايمانداري، سچائي، پاڪائي، پريم ۽ نيڪي آهن. شاهه ڀٽائي انساني زندگيءَ ۾ چڱن عملن، چڱين ۽ نيڪ سوچن کي گهڻي فوقيت ڏني آهي، سندن موجب هر چڱي گڻ کي پنهنجو ڪرڻ ئي انساني عظمت آهي، جنهن سان ماڻهوءَ جي سيرت ٿي گهرجي. ماٺ ۽ صبر کي هڪ وڏي وٿ قرار ڏيندي درگذر ڪرڻ ۽ ماٺ رهڻ کي ايمان جي سلامتي ڄاڻايو اٿن، فرمائين ٿا ته،

مٺايان مٺو گهڻو، ڪڙو ناهه ڪلام،

سڪوت ئي سلام، پريان سندي پار جو.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جيڪا انساني چڱن گڻن جي تعليم آهي، اها ڪٿي ڪردارن جي اوٽ ۾ تمثيل طور ته ڪٿي سڌو سنئون ناصحانه نموني سمجهاڻيءَ طور بيان ٿيل آهي. ڪنهن ڪنهن هنڌ فهمائش ۽ تنبيهه به ڪئي اٿن، پر مجموعي طور پاڻ انساني زندگيءَ کي اخلاقيات جي دائري سان مشروط ڄاڻائي، نيڪ لڇڻن جي وکر کي ڇوٽڪاري جي ضمانت قرار ڏنو اٿن، فرمائين ٿا ته:

وَکَر سو وهاءِ، جو پَئي پُراڻو نه ٿئي،

ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ،

سا ڪا هڙ هلاءِ، اڳهه جنهن جي اُبهين.

عام طور چوندا آهن ته من هڪ ناياب موتي آهي، جيڪو هڪ دفعو ڀڳو ته سڄو نه ٿيندو ۽ جي ٿيو ته به سَنڌو رهجي ويندو آهي، ان ڪري نيڪ نيتي ۽ سچ تي ئي هن حياتيءَ جو مدار رکڻ گهرجي. شاهه لطيف هڪ سچو باعمل ۽ صوفي انسان هو. پاڻ زندگيءَ ۾ سچ جي عمل کي انساني اخلاقن جو اعليٰ اهڃاڻ ۽ ڪردار جو بنيادي رويو ڄاڻايو اٿن. سچ وٽن انساني ڪردار جو بنيادي نقطو آهي ۽ گڏوگڏ ڪوڙ کي هر خرابيءَ جو سبب قرار ڏنو اٿن. سچ جي بي قدري شاهه سائينءَ کي سخت ناپسند آهي. ڪائي ڪچ جي اگهجڻ تي دل سان ڏک ٿا محسوس ڪن.

آگهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻڪَن موٽ ٿي،

پلئَه پايو سچ، آڇيندي لَڄَ مران.

سچ جي عمل کي اَمُلهه ڄاڻائيندي سچ جي پرک رکڻ وارن وٽ ويهڻ ۽ وڃڻ جي صلاح هن ريت ٿا ڏين.

جي نه سڃاڻن  سچ کي، ويهه مَ تنين وٽ،

اَمَلهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ،

وڃي مهر تَنين وَٽ مَٽ، جي پارکُو پارَس جا.

دنيا جي هر مذهب ۾ عبادتن ۽ رياضتن سان گڏ انساني سيرت جي سهڻائيءَ جا ڪيترائي سبق ڏنل آهن. مذهبن موجب ايمان جون تلقينون، عبادتون ۽ رياضتون ته ذاتي ڇوٽڪاري جو باعث آهن پر انسانيت جي ڪم اچڻ ئي ڪارائتو عمل آهي.

**************

نيڪ عمل ايمان جو جزو هئڻ سان گڏ نجات جو وسيلو آهن. ڪيتريون ئي انساني تهذيبون ۽ تمدن تاريخ جي تختيءَ سان ميسارجي ويون، صرف سندن وحشياڻن عملن ۽ بداخلاقين سبب الله تعاليٰ جي موڪليل رهبرن ۽ رهنمائن کان چڱائيءَ جي پرچار ڪئي آهي.

هن دنيا جي تڪليفن ۽ پريشانين ۾ عام طور تي ماڻهو اتاولو ٿي ڪاوڙ ۾ اچي وڌيڪ نقصان پرائيندو آهي. شاهه صاحب ڏمر کي ڏولائو سڏيندي چوي ٿو ته:

نمي کمي نهار تون، ڏمر ڏولائو،

ٿيئي ساڃائو، جي اُڀييِن انهي پير تي.

گهڻا ماڻهو پاڻ کي اجاين خسارن ۾ منجهائي خود کي خودي ۽ انا جي ڄار ۾ ڦاسائي فرعونيت سان هلندا آهن. سمجهو ماڻهو دنيا جي تخليق تي غور فڪر ڪري، ان کي فاني سمجهي، نيڪ عملن سان حياتي گهارڻ کي اوليت ڏيندا آهن. انهيءَ ڪري هو هر عمل ۾ راسخ ۽ ثابت قدم ٿيندا آهن. هيءَ دنيا فاني آهي، پر چڱن جون چڱايون لافاني آهن ۽ ڪم ظرفن مان ڪڏهن به چڱائي نه ملندي. چڱائيءَ جو معيار ذات پات تي به نه آهي. هتي ته جيڪو وهي سو لهي. بندگي، تقويٰ، سچايون ۽ اخلاص خود ئي ماڻهوءَ جو مانُ مٿانهون ڪندا آهن. دنيا ته درياهه آهي، پر ڪي ڪي تارو اهڙا پيا آهن، جيڪي خسارن کان مٿڀرا آهن، وٽانئن کنڌن ۽ فرعوني ڪمن جي بجاءِ نيڪيون عمل ۾ اينديون آهن، نيڪي ذات پات، شڪل و صورت ۽ ٻاهرين ٺاهه ٺوهه ۾ لڪيل نه آهي، سهڻي صورت ۽ ٽوهه جهڙو اندر شاهه صاحب هن ريت ٿو پيش ڪري.

صورت گهڻو سهڻا، ٽاڻا سندن ٽوهه،

ريلو ڏيئي روح، جو کائي سو کامي مري.

چڱن انسانن هميشه نيڪيءَ جي پرچار ڪئي آهي، وٽن زندگيءَ جي سونهن جو معيار سچ، سٺائي ۽ نيڪي رهيو آهي ۽ حياتيءَ جو مقصد ۽ معيار صرف چڱائي رهيو آهي. حُسن انساني چهري ۾ نه پر دل جي نور ۾ آهي. انساني اندر جو آئينو جيڪڏهن نيڪ نيتيءَ تي ٻڌل آهي ته انهيءَ جو آب و تاب نه صرف فرد واحد لاءِ پر پوري سماج جي لاءِ سونهن ۽ سوڀيا جو سبب بڻجي ٿو. ڪنهن به ڪم ۾ ڏيکاءُ ۽ رياڪاري وارو عمل نه هجي ته پوءِ چڱاين جون واٽون خود ئي سونهون بڻجي سامهون اينديون آهن. جيڪڏهن اسين ڌڻي تعاليٰ جي حڪم ۽ نبيءَ سڳوري جي سنت تي دل سان عمل ڪنداسين ته حُسن خلق جا خزانا اسان جو ورثو ٿي ويندا. سماج ۾ چڱائين جي ترغيب ۽ پرچار مان باهمي محبتون پيدا ٿينديون، اهي ئي قومن جي ترقيءَ جا اهڃاڻ آهن، انهن سان ئي اسان ڌرتيءَ جا ڏک دور ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائي سگهون ٿا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *