تازيون خبرون

جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي: حيات علي شاهه بخاري

گذريل ڪالم ۾ مون ڪراچيءَ جي فلمي صنعت جي تباهي جو پيرائتو ذڪر ڪيو هو ۽ ڪالم جي پڄاڻيءَ ۾ واعدو ڪيو هو ته ايندڙ ڪالم ۾ اهو ٻڌائيندس ته لاهور جي فلم انڊسٽريءَ جو زوال ڪيئن آيو. ڳالهه هيءَ آهي ته لاهور ۾ آغاز کان اردو فلمون ٺهنديون هيون، جن جا ڊائريڪٽر ۽ اداڪار به اهل هوندا آهن، انهن ڏينهن ۾ پنجابي فلمون ايڪڙ ٻيڪڙ ٺهنديون هيون، جهڙوڪ پاٽي خان، دوپٽه، رم جهم، ڪرتار سنگهه ۽ ٻيون، پنجابي فلمن جي کپت وڌي وئي ته اهي اردو فلمن کي اورانگهي ويون، اردو فلمون گهٽ ۽ پنجابي فلمون وڌيڪ ٺهڻ لڳيون.

هي اهو زمانو هو جڏهن اداڪار اڪمل، حبيب، نغمه، شيرين، فردوس ۽ اعجاز پنجابي فلمن ۾ ڪم ڪندا هئا. انهن اداڪارن ۾ ڪيترا ته پنهنجي مقبوليت کي سهي ويا ۽ پنهنجي فن سان سچا رهيا، ڪي وري ايترا مغرور ٿي ويا جو انسانيت جا سمورا ليڪا لنگهي ويا، انهن ۾ خاص طور پنجابي فلمن جو ولين مظهر شاهه مقبوليت سبب توائي ٿي ويو، شوٽنگ دوران ٻه ٽي ڇاڙتا کيس شراب ۽ چرس پياريندا هئا ۽ فلم ۾ ڪم ڪرڻ سان دلچسپي گهٽجي وئي ۽ نتيجو اِهو نڪتو جو ڪوبه کيس پنهنجي فلم ۾ ڪاسٽ نه ڪندو هو. پنجابي فلمن جو اهو ڪامياب دور ڪيترن ئي سالن تي محيط آهي، اردو فلمون تمام گهٽ ٺهڻ لڳيون ته ڪراچيءَ جا اُهي اداڪار جيڪي ڪراچيءَ جي اسٽوڊيوز کي ويران ۽ ڀڙڀانگ ڪري لاهور جا وڻ وسايائون، سي موٽي ڪراچيءَ آيا، اِهو ڪو نه چوندس ته ”جٿي دي کوتي اُتي آ کلوتي“.

لاهور جي فلمي صنعت ۾ هڪ فائٽر هوندو هو، جيڪو اردو توڙي پنجابي فلمن ۾ ننڍا ڪردار ادا ڪندو هو، نالو هئس سلطان راهي. جي ها، اوهان ٺيڪ سمجهيا. اُهو ساڳيو سلطان راهي، هُو راولپنڊيءَ جو رهواسي هو. لاهور جي بادشاهي مسجد ڀرسان هڪ ڪمري جي گهر ۾ رهندو هو، جتي سندس زال ۽ سندس ماءُ ساڻس رهنديون هيون، روزانو اسٽوڊيوز جا چڪر هڻندو هو، سندس گهر اسٽوڊيوز کان ايترو پري هو، جيئن حيدرآباد شهر کان ڄامشوري واري مهراڻ يونيورسٽي، سلطان راهيءَ جي چواڻيءَ ته ”جڏهن ڀاڙي جا پئسا نه هوندا هئا ته پنڌ اسٽوڊيو ويندو هئس، ڪنهن فلم ۾ ڪم ملندو هو ته پئسا وٺي ويگن يا بس ۾ گهر ايندو هئس، پر پئسا نه هوندا هئا ته پنڌ اسٽوڊيوز ويندو هئس ۽ ڪم نه مليو ته پنڌ ئي گهر موٽندو هئس“. پنجابي فلمن جي ڪامياب دور ۾ اتان جا اسٽوڊيوز مالڪ ڍاپجي پيا. اداڪار، اداڪارائون ۽ ٽيڪنيشن سکيا ستابا ٿي ويا، وري پشتو فلمون به جڏهن لاهور ۾ ٺهڻ لڳيون ته لاهور جي فلمي صنعت عروج تي پهچي وئي، سلطان راهي ”وحشي جٽ“ فلم ۾ ڪم ڪري ايڪشن فلمن جو آغاز ڪيو ته سلطان راهي هر پنجابي فلم جي ضرورت بڻجي ويو، وحشي جٽ کان مولا جٽ تائين ايڪشن فلمن جو هڪ ڊگهو سفر آهي، جنهن فلم جي ڪاسٽ ۾ سلطان راهي هوندو هو اُها ڪامياب ٿيندي هئي، وري مٿان حزين قادري جي قلم مان سرجيل ڪهاڻيون ۽ گيت ته سون تي سهاڳو بڻجي ويو. فلمسازن ۽ هدايتڪارن اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ فقط سلطان راهي کي اهميت ڏنائون، ان دوران ڪيترائي اسٽوڊيوز: سينيٽل اسٽوڊيو، شباب اسٽوڊيو، اي ايم اسٽوڊيو بند ٿي ويا، صرف شاهنور اسٽوڊيو، باري اسٽوڊيو ۽ ايورنيو اسٽوڊيو کليل رهيا، جڏهن سلطان راهي قتل ٿيو ته پنجابي فلمن ٺاهڻ وارن ڄڻ ته ڍينگو ڍيري ٿي ويو، سندن پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، پنهنجي پاڻ تي افسوس ڪرڻ لڳا ته سلطان راهي جي حياتيءَ ۾ اسان اک ڇو نه پٽي، سلطان راهيءَ جو نعم البدل ڇو نه آندوسين، سلطان راهي جو قتل لاهور جي فلمي صنعت لاءِ تمام هاڃيڪار ثابت ٿيو، اسٽوڊيوز ويران ٿي ويا، لڪشمي چوڪ ڀرسان قائم رائل پارڪ علائقي ۾ فلم ڊسٽري بيوٽرن جون ننڊون ڦٽي ويون، فلمسازن ٻين اداڪارن کي گنڊاسو هٿ ۾ ڏئي فلمون ٺاهيون، پر اهي سلطان راهيءَ جي جاءِ والاري نه سگهيا، پنجابي فلمون ڌڙا ڌڙ فلاپ ٿيڻ لڳيون، جنهن جي نتيجي ۾ باري اسٽوڊيو ۽ شاهنور اسٽوڊيو هڪ ته فلمون نه ٺهڻ ڪري ۽ اسٽوڊيو مالڪ شوڪت حسين رضوي جي ٻن زالن نور جهان ۽ ياسمين جي اولاد جي ملڪيت تان اختلاف جي ڪري بند ٿي ويو. هن وقت لاهور ۾ صرف هڪ ايورنيو اسٽوڊيو کليل آهي، جتي ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ اردو پنجابي فلم ٺهي ٿي ۽ پشتو فلمن جي ڪري اسٽوڊيو قائم آهي. جيڪڏهن پشتو فلمن جي سپورٽ نه هجي ته ايورنيو اسٽوڊيو به بند ٿي وڃي. ڳالهه صرف اِها ناهي ته فلم اسٽوڊيوز بند ٿي ويا، پر فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار ۽ اداڪارائون به بيروزگار ٿي ويون، ٽيڪنيشن به پريشان ٿي ويا، صرف اهي اداڪار ۽ اداڪارائون ڌڪ پچائي ويا، جن پنهنجي مقبوليت دوران ڪجهه پئسا پاڇي ڪيا يا سيڙائي ڇڏيا، تن جو گذر سفر ٿئي پيو.

لاهور جي فلمي صنعت جي تباهيءَ تي مون کي ڪا خوشي نه ٿي ٿئي، پر ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته ڪيترا سال مان به لاهور جي فلمي صنعت ۾ ڪم ڪري چڪو آهيان، پر اُتان جي تباهيءَ کي ان نظر سان ڏسان ٿو ته لاهور جي دوستن هڪ سازش سان ڪراچيءَ جي فلمي صنعت کي تباهه ۽ برباد ڪيو، خدا جي قدرت اڄ اهي ساڳيا دوست ٿاٻن ۾ آهن، ڪراچيءَ جي اداڪار غلام محي الدين کان پڇان ٿو ته ڪراچيءَ جي فلمي صنعت کي نڌڻڪو ڪري لاهور وڃي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ کانپوءِ اڄ جڏهن لاهور جي فلمي صنعت جي تباهيءَ کانپوءِ ڪراچي موٽڻ تي کيس ڪجهه ته احساس ٿيو هوندو ته هنن لاهور وڃي سٺو نه ڪيو. کيس کپي ته ڪنهن ڏينهن ڪراچيءَ جي ايسٽرن اسٽوڊيو وڃي اتان جي ويراني ڏسي، کيس اتي ڪيترين ئي شخصيتن جا سڏڪا ٻڌڻ ۾ ايندا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *