تازيون خبرون

جهوني صحافي ۽ ليکڪ پرواني ڀٽي جو لاڏاڻو ’حياتي وئي گذري سفر در سفر‘: نور سنڌي

سنڌ جو شاعر، ليکڪ صحافي ڀٽ ڌڻي جي رسالي جو پارکو پروانو ڀٽي ٻن سالن کا وڌيڪ عرصي کان مختلف بيمارين سان جهيڙيندي 83 سالن جي عمر ۾ پهرين ڊسمبر 2016 تي صبح 9 وڳي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. پاڻ ڪجهه هفتن کان حيدرآباد جي هڪ اسپتال ۾ موت سان جهيڙيندو رهيو.

پرواني ڀٽي جو شمار سنڌي جي جهونن شاعرن، ليکڪن ۾ هو. سندس اصل نالو ميوو خان ڀٽي، 1934ع ۾ دادو ضلعي جي پيارو خان ڳوٺ ۾ پوليس جي سپاهي گل محمد خان ڀٽي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم سنڌي فائينل هئي. شاگردي دور ۾ ڪرڪيٽ ۽ والي بال جو بهترين رانديگر رهيو، سندس والد لطيف سائين جو عاشق هو. پروانو پهريون شعر اسڪول جي اسيمبلي ۾ هڪ قومي گيت”پيارو پاڪستان پيارو پاڪستان “ ترنم ۾ ٻڌايو، ان تي اسڪول جي هيڊ ماستر فريد خان چانڊيو کيس انعام ڏنو، شاعري تي سندس استادن، دوستن، مائٽن به همٿ افزائي ڪئي، جنهن منجهن وڌيڪ اتساهه پيدا ڪيو. پاڻ 1948ع کان 1952ع تائين استاد رهيو. حيدرآباد ۾ ٽريننگ دوران محمد عثمان ڏيپلائي سان سندس ملاقات ٿي، جيڪو ان وقت هفتيوار عبرت شايع ڪندو هو. محمد عثمان ڏيپلائي پروانو ڀٽي ۾ ٽيلينٽ ڏسندي کيس اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جي آفر ڏني ۽ پاڻ ماستري ڇڏي صحافت شروع ڪئي ۽ اخبار ۾ 30 رپيا پگهار تي سب ايڊيٽر طور مقرر ٿيو، سگهوئي  عبرت اخبار قاضي عبدالمجيد عابد خريد ڪئي ۽ اُها هفتيوار مان روزانه طور شايع ٿيڻ لڳي ۽ پروانو بدستور سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رهيو. بعد ۾ ڪجهه وقت عبرت ڇڏي روزانه هلال پاڪستان حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر ۽ ايڊيشن انچارج ٿيو. 58ع کان 1980ع تائين عبرت ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. شاعري ۾ سندس پهرين ميول تخلص هو، بعد ۾ شاعري ۾ سندس استاد شيخ محمد ابراهيم خليل کيس پرواني جو تخلص ڏنو ۽ هو سنڌ ۾ پروانو ڀٽي جي نالي سان مشهور ٿيو. انهن ڏينهن ۾ عبرت ۾ شيخ عزيز ٻارڙن جي ٻاري صفحو ڪڍندو هو، جنهن سان ٻارن ۾ لکڻ جو اتساهه پيدا ٿيو، بعد ۾ شيخ عزيز اخبار جو ڪم  وڌي وڃڻ ڪري ٻارڙن جي ٻاري صفحو پروانو ڀٽي حوالي ڪيو ته هُن نه صرف ٻارڙن جي ٻاريءَ کي بهترين طور شايع ڪيو پر انهيءَ نالي سان ٻارڙن جي آرگنائيزيشن به قائم ڪئي ۽ ان جون سڄي سنڌ ۾ شاخون قائم ڪري ان پاران سڄي سنڌ ۾ ٻارڙن جا ڪنوينشن، جلسا ڪرائي ٻارڙن ۾ علمي، ادبي سرگرمين ۽ لکڻ جي جاڳرتا ۽ اتساهه پيدا ڪيو. ڪيترن ئي شهرن ۾ لائبريريون قائم ڪرايون. 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران ٻارن جو پروگرام ٻارڙن جي ٻاري شروع ڪيو، اهو پروگرام مصطفى قريشي، عبدالڪريم بلوچ ۽ پروانو ڀٽي گڏجي هلائيندا هئا.

سندس وايون، غزل، ڪافيون، نظم، ٽيڙو، قطعه عبرت، مهراڻ رسالو، بادل رسالو، نئين زندگي، امرتا، هلال پاڪستان ۽ ٻين رسالن اخبارن ۾ شايع ٿيا آهن. پاڻ ماضي ۾ عبرت ۾ روزانو هڪ قطعو لکندو هو، عبرت ۾ سندس 5 هزارن کان وڌيڪ قطعا شايع، ٿيا جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. پروانو ڀٽي پاڻ پنهنجي شاعري نه ريڊيو نه ٽي وي تي رڪارڊ ڪرائي نه وري فنڪارن کي ڳائڻ لاءِ ڏني، بقول سندس ته عابده پروين، سينگار علي سليم، محمد يوسف، وحيد علي، استاد ابراهيم، محمد جمن، وحيد علي ۽ ٻين مشهور فنڪارن هن کان شاعري گهري. سندس چوڻ هو ته اهو شوق سرندي وارن شاعرن جو آهي ته هو فنڪارن کان پنهنجي شاعري ڳارائي پوءِ ڪنڌلوڏين، بقول هُن جي ته اهو سندس جذباتي فيصلو هو. جيڪو صحيح نه هو. ان جو کيس احساس رهيو. پاڻ بهترين شاعر سان گڏ بهترين ليکڪ به هو، عبرت، هلال پاڪستان، خبرون ۽ ٻين اخبارن ۾ سندس مضمون ۽ هفتيوار ڪالم شايع ٿيا آهن. ماضي ۾ 1970ع ڌاري عبرت ۾ هفتيوار ڪلام جاني جي نالي سان ڪيترائي سال لکيو. 1969 ۾ صحافين جي وفد سان ايسٽ پاڪستان جي دوري تي ويو. جتي هن شيخ مجيب الرحمان سان ملاقات ڪئي. هُن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 20 کان وڌيڪ ڊرامن ۾ منظور قريشي، مصطفى قريشي، عبدالحق ابڙو، مشتاق مغل، نصرت چنا، نسرين فضل جهڙن ناميارن صداڪارن سان گڏ صداڪاري ڪئي. هُن سنڌي فلم محبوب مٺا ۾ وڏيري جو ڪردار به ادا ڪيو. کيس ان دور ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسڪرپٽ رائيٽر جي نوڪريءَ جي آفر ٿي پر هن قبول نه ڪئي. هُو ان کي به جذباتي غلط فيصلو سمجهندو هو، سندس چوڻ هو ته ان دور ۾ کيس صحافت جو شوق هو، ريڊيو تي نوڪري وٺي پاڻ کي ريڊيو تائين محدود رکڻ نه ٿي چاهيائين. پاڻ بزم خليل، بزم طالب المولى، سنڌي ادبي سنگت، بزم روح رهاڻ ۽ ٻين تنظيمن جو بنيادي ميمبر ۽ مختلف عهدن تي رهي سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ نوجوانن ۾ ادبي رجحان پيدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. شاهه لطيف فائونڊيشن جو به بنيادي ميمبر هو ۽ مختلف عهدن تي رهيو آهي. در محمد ڪمال سان گڏجي سنڌ ڪلچرل ڪائونسل به قائم ڪري ان پليٽ فارم تان مختلف شهرن ۾ علمي ادبي ثقافتي شاندار پروگرام ڪرايا. هو لطيف جو پانڌيئڙو هو. لطيف سائينءَ جي ڪلام پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو .1950ع کان لطيف سائين جي عرس جي ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندو رهيو ۽ ادبي ڪانفرنسن کي زور وٺرائڻ لاءِ شاندار ڪردار ادا ڪندو رهيو. کيس موسيقي سان به دلچسپي رهي. هُن کي جوانيءَ ۾ راڳ سکڻ جو شوق رهيو ۽ ان دور ۾ کاهي روڊ تي استاد اميد علي خان جي موسيقي جي سکيا واري اسڪول ۾ وڃي راڳ سکيو. بعد ۾ 1953ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي فنڪار طور آڊيشن به ڏنو، جيڪو ايم ڊي انصاري ورتو ۽ ان کيس چيو ته اوهان راڳ کي معاف ڪريو. ان بعد هن مٿان فنڪار ٿيڻ جو جنون ختم ٿي ٿيو. پرواني ڀٽي هڪ دفعي ٻڌايو ته  علڻ فقير کي هو ريڊيو پاڪستان تي وٺي آيو ۽ سندس پهريون انٽرويو ڪيو، ان بعد هن کي ريڊيو تي پروگرام وٺرائي ڏنا، جن وسيلي هن سڄي سنڌ ۾ مڃتا ماڻي. سندس اها به دعوا هئي ته مشهور فنڪار ممتاز لاشاري کي 71ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي وٺي آيو، هن کيس ميهڙ ۾ شاعر اسحاق راهي جي هڪ پروگرام ۾ ٻڌو هو ۽ سندس ڳائڻ جي انداز کيس متاثر ڪيو. پروانو ڀٽي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪيترائي پروگرام ڪيا، جن ۾ ٻين کانسواءِ ادبي پروگرام، ساٿ ڌڻي سرواڻ وڏي مقبوليت ماڻي.

ماضي ۾ سئنيما تي فلمون هلڻ کان اڳ اطلاعات کاتي پاران حڪومت جي ڪارڪردگي تي سڌ سماءُ پروگرام هلندو هو، سنڌي ۾ اهڙي پروگرام جي ڪمپيئرنگ پروانو ڀٽي ڪندو هو. اطلاعات کاتي پاران سنڌ صدين کان، سٽي سکر دستاويزي فلمون جي بيڪ گرائونڊ ۾ پروانو ڀٽي جو خوبصورت آواز هو. پاڻ 16 سال پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو ڪانٽريڪٽ تي پبلڪ رليشن  آفيسر به رهيو. اتي ايڪسٽرا طور استاد جا فرض به ادا ڪيا. پاڻ انيس حسن اسڪول حيدرآباد ۾ به استاد رهيو اتي سندس اهو به ڪارنامو رهيو ته صبح جو اسيمبلي ۾ قرآن شريف جي آيت، حديث شريف سان گڏ شاهه لطيف جو شعر ٻارن کان ترنم ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ پاڻ ان جو اردو ۾ ترجمو ڪندو هو. پاڻ   ادب پاران حيدرآباد ۾ شام لطيف جي حوالي سان سلسلو شروع ڪيو. هُن زندگيءَ ۾ 6 سئو کان وڌيڪ مشاعرن ۾ شعر پڙهيا. 400 کان وڌيڪ ادبي ڪانفرنسن، شاعرن سان رهاڻين، ورسين جنم ڏينهن جي پروگرامن ۾ مقالا پڙهيا آهن.پروانو ڀٽي کي 3 فرزند، 4 نياڻيون آهن. سندس جيون ساٿياڻي 2012ع ۾ انتقال ڪري وئي. سندس هڪ  جوان فرزند گل ڀٽي جيڪو قومپرست پارٽي جو ڪارڪن هو، ان کي دهشتگردن حيدرآباد ۾ گوليون هڻي ماري ڇڏيو. گلاب جي خوشبوء جهڙي نوجوان پٽ جي اهڙي درد ڀرئي موت سندس اندر کي اڌ ڪري ڇڏيو. سندس زندگي جو اهو وڏي کان  وڏو ڏک هو، پروانو ڀٽي جو هيٺيون شعر سندس زندگي جي عڪاسي ڪري ٿو.

حياتي وئي گذري سفر در سفر،

ڪٿي ڪين ٺاهي سگهيس پنهنجو گهر،

اهو پڻ اوهان جي عدم جو مثال،

في هڪ سان ٿا ڪريون درگذر.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *