تازيون خبرون

جنگ جي رومانس کان اکڙين جي اوجاڳن تائين: شوڪت لوهار

انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جي ور چڙهيل هِن خطي جي ماڻهن کي خبر ناهي، ڇو جنگ جي هولناڪين کان خوف نٿو ٿئي؟ هُو الائي ڪهڙي اجائي جنگي رومانس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جو جنگ جنگ جو راڳ آلاپيو پيو وڃي؟

جنگ راند ناهي پر هِڪ اهڙو ٻرندڙ جبل آهي، جنهن جي دکندڙ لاوي ۾ سڀ ڪجهه سڙي ڀسم ٿي وڃي ٿو.

اهڙين هولناڪين لاءِ ٿورو ڌيان شامي تارڪين وطن ڏانهن ڪيو، جيڪي جيڪڏهن مُلڪ ۾ رهن ٿا ته انهن کي پنهنجي فوج ۽ جنگي جهاز اٽو بڻائي ڇڏيندا، پر جيڪڏهن هُو هڪڙين اهڙين ڪمزور ٻيڙين ۾ چڙهي سمنڊ منهن ڪندا ته سمنڊ جون بي رحم لهرون کين ٻوڙي زندگيءَ جي ڏيئي کي اجهائي وجهنديون ۽ ائين ٿيو به آهي. هڪ ڀيرو نه ڪئين ڀيرا جو شامي پناهگيرن جون ٻيڙيون سمنڊ ۾ غرق نه ٿيون هجن، آئي ڏينهن اِهو ڪجهه آهي، جيڪو رپورٽ ٿئي ٿو. ان ۾ درد آهي، پيڙا آهي ۽ هِڪ مسلسل اذيت ۽ آخرڪار موت جو راڪاس، جنگ ڪجهه به نٿي آڻي، ڪنهن لاءِ ڪوبه جيت جو پيغام نٿي آڻي، پر هر ڪنهن کي هارِ (شڪست) جا هار پارائي ٿي.

ڪير سمجهائي اسان جي ميڊيا مها دانشورن کي ته ملڪ جي ٻنهي پاسن هِڪ وار هسٽيريا پکيڙڻ سان اوهان جي ته اينڪرنگ ۽ ٽي وي جي ريٽنگ پڪي ٿيندي، پر ٻنهي ملڪن جي اٻوجهه عوام جن کي کائڻ لاءِ ماني ڳڀو ڪونهي، پائڻ لاءِ تن تي اوڇڻ ڪونهي، رهڻ لاءِ اجهو ڪونهي، اکين ۾ سدائين مجبورين جو سانوڻ لٿل آهي، اُتي اوهان جي ميڄالي ۾ ويٺل جنگي جنون ڪٿي هر شيءَ کي کنڊر نه بڻائي وجهي. ٿورو عقل، ٿورو شعور جي در تان بيک وٺڻ جي ضرورت آهي.

موجوده حالت ۾ جتي ڀارت جيڪو پنهنجي پاڻ کي دنيا جي وڏي ۽ ڊگهي سيڪيولر رياست ڪوٺي ٿو، ان جي هٺ ڌرمي جي حد ٿي وئي آهي. اڙي واري فوجي ڇانوڻي تي حملي ۾ 17 فوجين جي مرڻ تي بنا ڪنهن تصديق جي هن اِهي الزام پاڪستان تي هڻي ڪڍيا آهن، انهي جو ڪارڻ اِهو آهي جو هُو پنهنجي ظلم ۽ بربريت جيڪا معصوم ڪشميرين جي چهرن تي پلين گنز ذريعي ڪئي آهي، اِها لڪائي سگهي. اِها ڀارت جي پُل آهي جو دنيا سندس ترڪ تالين کان ڀلي ڀت واقف آهي. پٺاڻ ڪوٽ حملو هُجي يا اُڙي ۾ ٿيل واردات، اهي هميشه ڪنهن خاص موقعي ۽ وجهه جي نشانبر ڇو رهيو آهن؟ اِهو هڪ سوال آهي، جيڪو سوال کان وڌ هاڻ پرولي بڻجي چڪو آهي.

وزيراعظم پاڪستان نواز شريف جي گڏيل قومن جي اجلاس ۾ ڪيل تقرير مڙئي دنيا جي عدالت ۾ اِهو باور ڪرائڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ته ٻيلي سياڻا ٿيو، ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ رتوڇاڻ کان روڪيو، انهيءَ ۾ ئي پوري ننڍي کنڊ جو امن ۽ سڪون جو نسخو لڪيل آهي.

هِن موقعي تي ڀارت طرفان ڇڏيل جاسوس ڪل ڀوشن تي ڪابه لب ڪشائي ڪونه ڪئي وئي، نه ئي برهمداغ بگٽيءَ جي انڊيا جي شهري بڻجڻ تي ڳالهه کي ڇيڙيو ويو. ٺيڪ آهي ته اسان جي پرڏيهي پاليسي سازن جن ۾ سرتاج عزيز ۽ طارق فاطمي ۽ مليحه لوڌي جي حڪمت به شامل هجي، پر خيرن سان نواز شريف صاحب پرڏيهي مهندارن سان ملاقاتون ڪامياب رهيون آهن.

ڀارت جي هٺ ڌرمي ۽ نڪ جي پڪائيءَ جي حد آهي جو هُو گذريل ستر سالن کان وٺي هيڏي ساري علائقي کي هِڪ جيل ۾ تبديل ڪيو ويٺو آهي. انهي اوپن جيل جو نالو والاريل ڪشمير آهي. ڪشمير جي خوبصورت وادي جتي جي وڻن، ٻوٽن ۽ خوابن ۾ ايندڙن جهڙا منظر سڀ هاڻ ڀارت جي رحم و ڪرم تي آهن. هُو جيڪي ڪڏهن ڪهڙي رهنما ته ڪڏهن ڪنهن عام شهري کي جهلي وٺي وڃن ٿا يا پنهنجي هٿن ۾ جهليل ڇرن وارين بندوقن سان سندن چهرا داغدار ڪن ٿا، انهن کي ڪير سمجهائي؟

ماضي جا مزار شاهد آهن ته ڀارت ڪڏهن به پنهنجي ضد ۽ هُوڏ تان هيٺ ڪين لٿو آهي. ڀلي اهو واپار، ثقافت يا رانديون هجن، هر جاءِ تي ان کي سياست جي ور چاڙهي ٿو ڇڏي، جنهن جا نتيجا اڳرا نڪرن ٿا ۽ نڪري رهيا آهن.

65 جي جنگ هجي، 71 جو بنگال وارو سانحو هجي، توڙي ڪارگل جي چڙهائي، اِهي سڀئي انهيءَ ڳالهه جا شاهد آهن ته هندوستان هميشه کان سفارتي طور طريقن سان ڪڏهن به مسئلن جو حل ڪونه ڪڍيو آهي. ان سڀ ڪجهه جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جو گهڻو تڻو بجيٽ موتمار هٿيارن تي ئي خرچ ٿئي ٿو ۽ عوام جي زندگي صرف جنگ جي رومانس جي ور چڙهيل ئي رهي ٿي.

برحان واني جي سفاڪ قتل کانپوءِ والاريل ڪشمير جون حالتون ويتر بگاڙ طرف ويون آهن. ڀارت انهيءَ جي نتيجن کان اڻ واقف هو ته هُو هِڪ بي گناهه پر اٽل انسان کي ماري آزاديءَ جي سوالن کي مات ڏئي ڇڏيندو! انهيءَ سان ويتر اِهو ٿيو آهي جو والاريل ڪشمير جو هر ٻار ٻڍو، عورتون ميدان تي اچي ويا آهن. ڀارت جي فوج بي هٿيار ماڻهن مٿان گوليون پئي وسائي ۽ هوڏانهن ڀارت پنهنجي پر ۾ ڀارت جي سيڪيولرزم جي سِڪي کي سفارتي دنيا ۾ ڪيش ڪرائڻ جي ڪڍ آهي.

ڀارت جي اِها ڀُل آهي ته هُو پاڪستاني سفارتي ڪوششن ۽ دنيا ۾ پاڪستان جي فارين پاليسي تي وار ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو، ان جو اِهو خواب ته هُو پاڪستان کي سفارتي طرح اڪيلو ڪري رهيو آهي، پر حقيقت اِها آهي ته انهيءَ سان ڀارت جي منافقت ۽ ان جي مڪروهه چهري جي تصوير پوري دنيا ۾ چٽي ٿي بيٺي آهي.

هِن وقت نريندر مودي ڳئون برگيڊ کي تيار ڪري ٽي وي ۽ اخبارن ۾ واڙي دنيا آڏو پنهنجو اصل چهرو کڻي آيو آهي. هِن مهذب دنيا نالي هِڪ سياري تي هِڪ ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم جي سِر جي قيمت جو اعلان ڪندڙ ڇا سڀ کان وڏا دهشتگرد نه آهن؟ ڇا ڀارت جي کليل جيل جهڙي والاريل ڪشمير ۾ ڪيل ظلم ۽ ڏاڍ عالمي طور تي مڃيل دهشتگردي نه آهي؟ جيڪو ملڪ اِها دعويٰ ڪري ٿو ته والاريل ڪشمير سندس پرڳڻو آهي، پوءِ پنهنجي شهرين سان اهڙا ڪلور ڪهڙي کاتي ۾؟

انهي کان علاوه ڀارت جي انتهاپسندن ڀارت ۾ موجود پاڪستاني اداڪارن، فنڪارن ۽ فنونِ لطيفه يا ثقافتن جي ويجهڙائپ جي برانڊ ايمبيسيڊرن کي ملڪ نيڪالي ڏني آهي؟ اِها ڪا چڱي ڳالهه آهي. هتي سڄو ڏينهن انڊيا جي چئنلن جي ڀرمار آهي، ڪيبل چئنلن تي سواءِ انڊين ڊرامن، سي آءِ ڊي، ناگن، ڪاوچ ۽ الائي ڇا ڇا؟ انهي مان انڊيا جي صنعت کي ڪيترو فائدو ملي ٿو. اسان وٽ ٻارن کي شاهه رخ خان، سلمان خان، عامر خان وڌيڪ ياد آهن ۽ انهن کي پنهنجي مائٽن جا نالا گهٽ ياد آهن، پر هي جيڪو پاسو آهي، اِهو فلمي ۽ ڊرامن وارو آهي، انهي سان انڊيا کي هِڪ پڙهيل لکيل ۽ لبرل ملڪ ۽ اولهه جو پيروڪار ته ثابت ڪري سگهجي ٿو، پر اسان وٽ بدقسمتيءَ سان ڪيبل چئنل وارا هِڪ به نيوز چئنل نٿا هلائين، جيڪو انڊيا جي منافقت ۽ سنسني خيزيءَ کي ملڪ ۾ پڌرو ڪري سگهي.

اسان کي به خبر پوي ته ڪيئن نه انڊيا ميڊيا ۾ ويٺل پنڊت پاڪستان بابت رت ڳاڙن ٿا. هُو ته ايتري حد تائين هليا ويا جو اڙي واري حملي ۾ استعمال ٿيل گولين جي خولن تي پاڪستاني مهرون کين نظر اچي ويون، اِهو ته پوءِ هندوستان جي دفاعي ادارن کين چيو ته خولن واري ڳالهه غلط آهي.

پاڪستان هِن وقت چائنا اڪانامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) جو تاريخ ساز معاهدو ڪري چڪو آهي ۽ ان تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. ان ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ پاڙيسري ملڪن کي ان جو لاڀ نه ملڻ جهڙا عنصر نظر اچن ٿا، انهي کان علاوه پاڪستان وٽ ٿر ۾ ڪوئلن جا دنيا جا وڏا ذخيره موجود آهن، اهي پڻ ڀارت جي راجستاني علائقي جي ويجهو آهن. پاڪستان، افغانستان، ايران ۽ چين سميت سڀني پاڙيسري ملڪن سان ٺاهه واري پاليسي تحت هلي پيو. مستقبل ۾ چين کي پاڪستان مان لنگهه گهرجي ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي، پر خبر ناهي ٻنهي طرف ويٺل پنڊتن کي جنگ کيڏڻ مان ڪهڙو مزو ٿو اچي.

چوڌاري لوهي تارن ۽ ديوارن جو حسار آهي. ماڻهو ته ٺهيو پکي به پڪڙي ماريا وڃن ٿا ته اِهي جاسوسي ڪري رهيا هئا، ڪنٽرول لائن تي ايڏي چوڪي ۽ ايڏين ٿلهين ديوارن کي ڪيئن پار ڪري ڪو وڃي سگهي ٿو. رڻ ڪڇ ۾ گپ گرچڻ واري ڌٻڻ آهي. هرطرف کان در دروازا بند آهن، پوءِ خوامخواهه پاڪستان مٿان الزام بازي جو ڌمچر ٿيڻ ڀارت کي ئي ڳچي ۾ پوڻو آهي. ايڊورڊ سعيد اولهه بابت پڌرو ڪري چڪو آهي ته هُو اوڀر يا مشرق کي ڪيئن نه غير مهذب سمجهن ٿا. لفظن جو استعمال خيال سرجي ٿو. سوشل ميڊيا جو سمنڊ جي پاڻي جيڏو ڪوڙ اسان جي نوجوان نسلن لاءِ سچ جو پرتوو ثابت ٿيندو.

جيڪڏهن ڀڳت سنگهه جنهن جنگ آزادي لاءِ سر ڏنو، جهانسي جي راڻي، منگل پانڊي ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا آزادين جا رکوالا شهيد آهن ته پوءِ برهان واني به ته شهيد آهي، باقي جيڪي عاشق سرحدن جي خاردار تارن ۾ ڪونه ٿا اٽڪن، اِهي گلزار جون هي سٽون ٿي ٿا پون:

آنکون ڪو ويزا نهين لگتا،

سپنون ڪي سرحد هوتي نهين.

بند آنکون سي روز مين سرحد پار،

چلا جاتا هون، ملني مهدي حسن سي.

shoukatali.lohar@gmail.com

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *