تازيون خبرون

جنگ جي خطري هيٺ آيل ننڍو کنڊ ۽ عالمي برادري: الطاف پيرزادو

ڀارت جي انتظام هيٺ ڪشمير، جنهن کي پاڪستان ۾ اسان والاريل ڪشمير سڏيون ٿا، جي علائقي اڙي سيڪٽر ۾ ڀارتي فوجي ڇانوڻيءَ تي هٿياربند حملي ۾ سترهن ڀارتي فوجين جي مارجڻ ۽ ڪيئي زخمي ٿيڻ جي واقعي کانپوءِ ڀارت روايت موجب پاڪستان ڏانهن الزامن جا تير اڀا ڪري ڇڏيا آهن. سياستدان ۽ سرڪاري ڪارندا ته پنهنجي جاءِ تي پر ڀارتي ميڊيا ڇڪتاڻ واري هن صورتحال ۾ ٻرنديءَ تي پاڻي هاري معاملي کي ٺارڻ بدران تيل هاري ممڻ مچائڻ جو ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو يقيني طور بنيادي صحافتي ۽ پيشيور اصولن جي ابتڙ آهي.

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ هيءَ ڪا پهرين ڇڪتاڻ ناهي، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان وٺي اهڙا ڪيئي لاها چاڙها، گرميون ۽ سرديون هي ٻئي ملڪ ڏسي چڪا آهن، نه رڳو ايترو پر 1965ع ۽ 1971ع ۾ ٻه سڌيون جنگيون هنن ملڪن وچ ۾ لڳي چڪيون آهن، جڏهن ته هڪ ٻئي خلاف ڳجهين لڙاين جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. ڀارت دنيا جي وڏي ۽ پراڻي جمهوريت هئڻ ناتي جنهن سهپ، برداشت ۽ ڪشادي دل جو مظاهرو ڪندي نظر اچڻ گهرجي، سو نظر نه پيو اچي. حقيقت هي آهي ته ڀارت دلي طور ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کي قبوليو ئي نه آهي. روايتي حريف هئڻ جي ڪري ان کي پاڪستان جي معاشي توڙي دفاعي ترقي ۽ مضبوطي ڪنهن به نموني قبول ناهي. خطي ۾ ايٽمي هٿيارن کان ويندي، وڌ ۾ وڌ هٿيار حاصل ڪرڻ جي روش جو جيتري قدر تعلق آهي ته ان ڏس ۾ ڀارت ئي شروعات پئي ڪئي آهي، هڪ مضبوط جمهوري ملڪ هئڻ ناتي هئڻ ته ايئن گهرجي ها ته ڀاريت، پاڪستان سان وير پاڙڻ بدران ٻه قدم اڳتي اچي تڪرارن جي حَلَ لاءِ اڳڀرائي ڪري ها پر ايئن ڪرڻ بدران ڀارت بس هٿيارن جا ڍير گڏ ڪرڻ ۾ رڌل رهيو، نتيجي ۾ پاڪستان کي به پنهنجو دفاع يقيني بڻائڻ لاءِ گهرج پٽاندڙ هٿيار گڏ ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو، هٿيارن جي انهيءَ ڊوڙ هن خطي جي امن کي هميشه لاءِ ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو.

عالمي تحقيقي اداري اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (ايس آءِ پي آر آءِ) جي هلندڙ فيبروري ۾ جاري ٿيل هڪ رپورٽ مطابق ڀارت گذريل پنجن سالن ۾ وڌ ۾ وڌ هٿيار خريد ڪندڙ دنيا جو ملڪ بڻيل آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2011ع کان 2015ع تائين دنيا ۾ خريد ڪيل هٿيارن مان مجموعي طور 14 سيڪڙو هٿيار ڀارت خريد ڪيا آهن، جيڪي ڪنهن به ملڪ طرفان خريد ڪيل وڌ ۾ وڌ هٿيار آهن. جڏهن ته آمريڪا، روس، چين، فرانس ۽ جرمني وري هٿيارن جو ڪاروبار ڪندڙ يا ايئن کڻي چئجي ته دنيا جي ملڪن کي هٿيار وڪڻڻ ۾ باقي ملڪن کان گهڻو اڳتي آهن. ڀارت جا چين سان تڪرار به ڪي لڪل ناهن، نه ئي نيپال ۽ برما ۾ ان جي مداخلت ڳجهي آهي، هاڻي ته افغانستان ۾ به پير کوڙي چڪو آهي، پر سندس طرفان هٿيارن جا انبار گڏ ڪرڻ جو ٽارگيٽ بهرحال هميشه پاڪستان ئي پئي رهيو آهي.

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ روايتي دشمنيءَ جي ڪري سارڪ جهڙو علائقائي تعاون وارو فورم به خطي جي تعمير ۽ ترقيءَ جو اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي، جهڙو ڪردار يورپين يونين پنهنجي خطي جي ترقيءَ لاءِ ڪيو آهي. پاڪستان کي شڪايت پئي رهي آهي ته ڀارت پاڪستان خاص ڪري بلوچستان ۽ ڪراچيءَ ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، اهڙو معاملو پاڪستان عالمي فورمن تي به اٿاريندو رهيو آهي پر ڀارت انهن کي الزام تراشي قرار ڏيندي رد ڪندو رهيو آهي. ويجهڙ ۾ بلوچستان مان ڀارتي ڳجهي اداري ”را“ جي ايجنٽ ۽ نيويءَ جي آفيسر ڪُلُ ڀوشن جي گرفتاري توڙي ڀارت جي آزاديءَ واري ڏينهن ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ طرفان پنهنجي تقرير ۾ بلوچستان جو ذڪر پاڪستان جي معاملن ۾ ڀارت جي مداخلت ناهي ته ٻيو ڇا آهي.

جيتري قدر ڪشمير ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جو تعلق آهي ته اها نج مقامي تحريڪ آهي، ڪشميرين جي نمائنده قيادت ۽ اتحاد حريت ڪانفرنس ڪشمير ۾ ٿيل چونڊن ۾ ڪڏهن به حصو ناهي ورتو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اتي جيڪا حڪومت قائم ٿئي ٿي سا ڪشميرين جي نمائنده قطعي طور به نه ٿي هجي. والاريل وادي گذريل اڍائي مهينن کان ڏاڍ، ڏمر ۽ ڪرفيو جي ور چڙهيل آهي. اتي جيڪي انساني حقن جون خلاف ورزيون ڀارتي سرڪار ۽ فورسز ڪري رهيا آهن، تن عالمي ضمير کي به جاڳائي ورتو آهي، خاص ڪري نوجوان برهان مظفر وانيءَ جي شهادت واري واقعي کانپوءِ صورتحال ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر ٿيندي رهي آهي. ڪشمير مسئلو ئي اصل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرار ۽ ٽڪراءَ جو بنياد آهي، جنهن کي ڀارت تڪرار مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهي. سو تڪرار کي تڪرار نه سمجهڻ واري ڀارتي روش ئي آهي جو گذريل 70 سالن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ معاملا حل ڏانهن وڌڻ بدران، جتي هئا، اتي ئي آهن، مورڳو اڃا به خراب ٿيا آهن.

پاڪ-ڀارت تڪرار ۽ ڇڪتاڻ کي رڳو علائقائي ۽ ننڍي کنڊ جي روشنيءَ ۾ نه پر عالمي صورتحال جي روشنيءَ ۾ به ڏسڻ گهرجي. افغان جنگ هاڻي جڏهن توڙ ڏانهن وڌي رهي آهي ته آمريڪا خطي ۾ اتحادي تبديل ڪرڻ ۽ پراڻن اتحادين ۽ اعتماد وارن ساٿين کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون آهن، جنهن جو مثال پاڪستان آهي. آمريڪا کي افغانستان ۾ جيستائين پاڪستان جي گهرج هئي ان وقت تائين ته پاڪستان، سندس اکين جو تارو به هو ته نيٽو کان ٻاهر وڏو اتحاد به پر ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ وانگر آمريڪا پاڪستان کي دهشت گرديءَ جي منهن ۾ ڌڪڻ کانپوءِ هاڻي ان کان منهن به موڙي ورتو آهي، جنهن جو وڏو ثبوت اتحادي سپورٽ فنڊ تحت پاڪستان کي جيڪا امداد ڏني ويندي هئي، سا بند ڪري ڇڏڻ ۽ آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان کي دهشت گرديءَ جو سهولتڪار قرار ڏيڻ وارو بل پيش ٿيڻ آهي.

نه رڳو ايترو پر آمريڪا، ڀارت سان فوجي ٺاهه به ڪري ورتو آهي. جنهن تحت ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جا فوجي اڏا استعمال ڪري سگهندا. هرڪو سمجهي سگهي ٿو ته جنهن خطي ۾ آمريڪا قائم آهي اتي ڀارت جو نه ته ڪنهن سان ڪو تڪرار آهي نه ڦڏو، تنهن ڪري اها ڳالهه چٽي آهي ته ڀارت ته آمريڪا جا، سندس خطي ۾ فوجي اڏا ڪنهن به جنگي مقصد لاءِ استعمال ڪين ڪندو، ان جي ابتڙ آمريڪا جا ننڍي کنڊ، وچ ايشيا توڙي وچ اوڀر ۾ مفاد آهن، تنهن ڪري اهو ڀارت جا فوجي اڏا استعمال ڪندو. ڪِنِ سينيئر تجزيا نگارن جو خيال آهي ته آمريڪا-ڀارت فوجي ٺاهه اصل ۾ چين ۽ پاڪستان کي للڪارڻ برابر آهي. چين-پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي کي پاڪستان توڙي چين خطي جي تقدير ئي تبديل ڪري ڇڏڻ وارو منصوبو سمجهن ٿا، جڏهن ته ڀارت وري معاشي طور مضبوط پاڪستان، توڙي چين جي اولهه کان اوڀر تائين وڌندڙ ڪردار کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهندي ان خلاف پروپيگنڊه ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح هن خطي ۾ چين جو وڌندڙ ڪردار آمريڪا کي به پسند ناهي. اهو ئي سبب آهي جو خطي ۾ نئين صف بندي ٿي رهي آهي. آمريڪا جو ڀارت سان فوجي ٺاهه توڙي ڀارت جو هلندڙ سال مئي ۾ ايران ۽ افغانستان سان واپاري ٺاهه توڙي ايران جي چابهار واري بندرگاهه کي گڏيل طور ترقي وٺرائڻ وارو ٺاهه انهيءَ ڳالهه جي ڪَڙي آهن.

اطلاع آهن ته اڙي واقعي کانپوءِ ڀارت پاڪستان خلاف محدود ڪارروائيءَ جي تياري ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان به هوائي مشقن کي وڌائي ڇڏيو آهي. اهڙي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ به اقوامي متحده جي جنرل اسيمبليءَ کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم نواز شريف ڀارت کي غير مشروط ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي، جيڪو ثبوت آهي ته پاڪستان، ڀارت سان سڀئي حل طلب تڪرار ڳالهين ٻولهين ذريعي حل ڪرڻ گهري ٿو. ڀارت کي به روايتي الزام بازين کان پاسو ڪندي حقيقت کي مڃيندي پاڪستان سان با معنيٰ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، ڇو جو جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، جنگ ٿيڻ کانپوءِ حل ڳالهين ۾ ئي سمايل هجي ٿو. پاڪستان کي پڻ علائقائي ۽ عالمي سطح تي جيڪي نيون صف بنديون ٿي رهيون آهن، تن کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻ گهرجي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ پنهنجي عالمي، علائقائي ۽ ملڪ اندر اختيار ڪيل پاليسين جو جائزو وٺڻ گهرجي. پاڪستان اندر قومن جا جيڪي آئيني، قانوني ۽ جائز مسئلا آهن، سي حل ڪندي ملڪ کي چئن اڪاين تي مشتمل حقيقي وفاق بڻائڻ گهرجي، گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي سطح تي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ جيڪي غلطيون يا غلطان ٿيا آهن، تن کي به درست ڪري دنيا سان ۽ خطي سان لاڳاپن جي نئين دؤر جي شروعات ڪرڻ گهرجي. جيتري قدر پاڪ-ڀارت لاڳاپن جو تعلق آهي ٻئي ملڪ گهڻي وقت تائين دشمن رهي پاڙي ۾ رهي نه ٿا سگهن.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *