تازيون خبرون

جمهوريت جا مسئلا: ڊاڪٽر لال خان

پاڪستان جي قيام کان وٺي هن ملڪ ۾ سياسي انتشار وڌندو ئي رهيو آهي. هتان جي پورهيتن جي شعور ۽ عمل جي ميدان ۾ متحرڪ سياست صرف 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۽ 1970ع جي ڪجهه مهينن دوران نظر آئي. باقي سموري سياست بالادست طبقن جي گڏيل تڪرارن ۽ مفادن جي ٽڪراءَ جو آکاڙو ئي بڻيل رهي. دولت جي سياست جي آقائن کي جڏهن ان ذلت، غربت ۽ محروميءَ جو جمهوريت ۾ شدت اختيار ڪرڻ ۽ هن ”نظام“ تحت معاشري جي برباديءَ جون حقيقتون پيش ڪيون وڃن ته انهن سڀني جي طرفان هڪ ئي عذر پيش ڪيو ويندو آهي ته ان جو سبب مارشل لائون لڳڻ هو. جڏهن ته هن وقت شايد ئي ڪا اهڙي پارٽي هجي جنهن جي قيادت پاڻ ڪنهن آمريت جي پيداوار نه هجي. پر هندستان ۾ ته ڪڏهن ڪا مارشل لا ناهي لڳي. پوءِ اتي پاڪستان کان به وڌيڪ غربت، ذلت ۽ محرومي ڇو آهي؟ اتي وري ثقافتي، مذهبي ۽ ٻيا مفروضا ۽ بهانا سائنسي دليلن جي جاءِ والارين ٿا. حقيقت ۾ هندستان جهڙن ملڪن ۾ جتي جاگرافيائي وسعت، صنعت ۽ معشيت وڏي هجي، رياست وسيع هجي، جنهن ۾ مختلف قومن، نسلن، ثقافتن ۽ ٻولين جي ڀرمار هجي، اتي نظام هڪ سطحي منافقاڻي ۽ پرفريب جمهوري ناٽڪ تحت ئي هلي سگهي ٿو، جيڪو انارڪي ۽ افراتفريءَ سان ئي هلائي سگهجي ٿو. فوجي مرڪزيت ۽ جبر جو اقتدار هندستان جي ڀڃ ڊاهه کي تيز ڪري ڇڏي ها، ان ڪري ئي حڪمران طبقن ۽ سامراجي آقائن آمريت کي اُتي اجازت ۽ تقويت ڪڏهن به ناهي ڏني.

پاڪستان ۾ آمريتون اچڻ جو سبب نسبتن ننڍي معيشت ۽ بالادست طبقن جي مختلف ڌڙن جي تڪرار مان جنم وٺندڙ ٽڪرائن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت ۽ عوامي بغاوتن جو خوف هو. بالادست طبقن جي سنجيده ماهرن ۽ سامراجي آقائن هتي فوجي آمريتون ٿاڦيون، پر اقتدار جمهوري هجي يا فوجي آمريت تي ٻڌل، هيٺئين معاشري جو نظام هڪ ئي رهيو آهي. موجوده نظام ۾ سياست، عزت، مرتبو، حيثيت، پهچ ۽ طاقت جو تعين صرف ۽ صرف دولت ئي ڪري ٿي. حڪمران اشرافيه ثقافت کان ويندي راندين ۽ مذهب تائين سڀ جو استعمال دولت، پنهنجي مفاد ۽ ناڻو ڪمائڻ لاءِ ئي ڪري ٿي. رياستي ۽ حڪومتي اقتدار ۾ فرق صرف حاڪميت جي طرز جو هجي ٿو. پر جنهن جمهوريت لاءِ هيترو تقدس معاشري ۾ هجي ٿو ۽ قربانين جي تلقين ڪئي ٿي وڃي، جن ادارن کي مقدس ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي ۽ جنهن آئين ۽ قانون کي هڪ مذهبي عقيدي جو درجو ڏنو وڃي ٿو، سا بنيادي طور اولهه جي سرمائيداري نظام مان ڦٽي نڪتل طرز حڪمراني آهي. جنهن جو فرسوده نقل اسان جا پيروڪار حڪمران ڪن ٿا. ان جي گهڻي پرچار لبرل سيڪيولر بورجوازي جا نمائنده سياستدان ۽ اهل دانش ڪندا هئا. پر ڪجهه عرصي کان آمريڪي سامراج فوجي آمريتن ذريعي پنهنجو تسلط لاڳو ڪرڻ جو طريقو ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. مذهبي ۽ ساڄي ڌر جون پارٽيون به هن جمهوريت جي ريلي ۾ داخل ٿي عوام ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. اولهه ۾ جمهوريت جو حاڪميت وارو جيڪو طور طريقو آهي سو ارڙهين ۽ اڻويهين صدي ۾ سرمائيداري صنعتي انقلاب جي ٻي معاشي، اقتصادي، رياستي ۽ سماجي ترقيءَ جي حاصلات سان سلهاڙيل هو. تنهن ڪري اتي استحصال اسان وانگر ننگو ۽ سفاڪ ناهي پر منافقيءَ وارو ۽ مٺي زهر جهڙو آهي. جيتوڻيڪ هاڻِ انهن ترقي يافته ملڪن ۾ معاشي ڏيوالپڻي سبب ان استحصال ۾ رکيل جبر جا جزا چٽا ٿي رهيا آهن، پر هڪ حقيقت آهي ته هن اقتصادي ۽ معاشي نظام ۾ جيڪا جمهوريت قائم آهي، تنهن جي نظام ۾ رهندڙ، ذاتي ملڪيت جي تقدس ۽ مالياتي سرمائي جي اطاعت کي تسليم ڪرڻ بنا ڪابه پارٽي يا اڳواڻ اقتدار کي هلائي نه ٿو سگهي. يونان ۾ انتهائي کاٻي ڌر جي سائريزا حڪومت جي سرمائيداريءَ اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏڻ جو تازو مثال اسان جي اڳيان آهي.

ليون ٽرائسڪي پنهنجي مشهور ڪتاب ”روسي انقلاب جي تاريخ“ ۾ لکيو هو ته ”هڪ پٺتي پيل ملڪ، ترقي يافته ملڪن جي مادي، فني ۽ فڪري سوڀن کي ذخيرو ڪري ڇڏيندو آهي، پر ان جو مطلب هي ناهي ته هن معاشري کي هڪ محڪماڻي انداز ۾ انهن ماضيءَ جي مرحلن کي ٻيهر جنم ڏيڻ هوندو آهي.  جيتوڻيڪ پٺتي پيل ملڪن ۾ ترقي يافتا ملڪن جي پٺيان هلڻو پوندو آهي پر اهي شين کي انهيءَ ترتيب ۾ ناهن وٺندا. تاريخي پسماندگي پر اهي شين کي انهيءَ لاءِ رعايتون آهن جو انهن کي اجازت ڏئي ٿي، مورڳو مجبور ڪري ٿي ته اهي ڪوبه طريقو اختيار ڪن ۽ ڪيترن ئي وچ ۾ ايندڙ مرحلن کي اورانگهي اڳتي وڌي سگهن، جيڪي پنهنجا تير ڪمان ڦٽو ڪري بندوقون کڻي ڇڏيندا آهن.“ جيڪڏهن اسان پاڪستان ۾ جديد موٽرويز جو جائزو وٺون ته انهن جي چند ميٽرن جي فاصلي تي قائم ننڍن ڳوٺن جي گهرن ۽ انهن موٽرويز جي ٽيڪنالاجيءَ جي وچ ۾ هزارين سالن جا فاصلا آهن. الميو هي آهي ته انهن فاصلن جي دوري قلت ۽ حَوس هن سرمائيداري نظام ذريعي ختم ڪري نه ٿي سگهجي. هن مالياتي سياست ۾ عوام جي جمهوريت ممڪن ئي ناهي. جڏهن مالياتي ۽ معاشي فرق ايترو شديد آهي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ سياسي، جمهوري برابري معاشري ۾ ڪيئن ممڪن آهي؟ جيتوڻيڪ جمهوريت جي ماءُ ”برطانيا“ ۾ اڃا تائين بادشاهت به موجود آهي ۽ رياست جي وحشت ۽ جبر به ڪنهن ٻي سرمائيدار رياست کان گهٽ ناهن پر جمهوري رياڪاري، قانوني ۽ عدالتي فريبن ذريعي اهو ڪرپشن ۽ جبر کي جاري رکندو پيو اچي. آمريڪي جمهوريت دنيا جي سڀ کان مهانگي ۽ بدعنوان جمهوريت آهي. پورهيت عوام جي جمهوريت ان وقت تائين ممڪن ناهي، جيستائين اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي برابري نه ٿي هجي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *