تازيون خبرون

جرڳا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي؟: صاحب خان ڀٽي

جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾  انصاف لاءِ ڪيترائي ادارا موجود آهن پر ان باوجود ماڻهو پنچائتن ۽ جرڳائي نظام ۾ ڦاٿل آهن، جنهن سبب روزاني ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن حصي بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ وارو  واقعو پيش ايندو رهندو آهي،  ڪجهه  واقعا ته هن ملڪ ۾ اهڙا به پيش اچي چڪا آهن، جن کي ٻڌندي انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃي ٿو پر ان باوجود حڪومت جرڳائي نظام جي خاتمي لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نه کڻي رهي آهي، گذريل 3 فيبروري جمعي ڏهاڙي تي قومي اسيمبلي ۾ پنچائت ۽ جرڳن کي قانوني شڪل ڏيڻ جو بل منظور ڪيو ويو هو. قومي اسيمبلي ۾ متبادل حل تلب تڪرارن جو بل 2016 ڪجهه ترميمن سان اتفاق منظور ڪيو ويو هو ۽ اهو بل وفاقي وزير زاحد حامد ڪيو هو. جنهن بابت چيو ويو هو ته پنچائتن ۽ جرڳن ۾ عورتن جي نمائندگي ضروري آهي، سڀ کان وڌيڪ استحصال عورتن جو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها ڳالهه ڪافي حد تائين درست به آهي پر قومي اسيمبلي ۾ويٺل عورت ميمبر به عورتن جي حقن بابت ڪو خاص نه آواز نه اٿاري رهيون آهن. چونڊيل نمائندا به صرف اسيمبلين ۾ ٺهراءُ منظور ڪرائڻ بعد خاموش ويهي رهندا آهن، جن تي عمل نه ٿيڻ سبب املهه حياتيون ضايع ٿينديون رهنديون آهن، جرڳائي نظام  سبب سڀ کان وڌيڪ سنڌ ئي ٿيو آهي، گهر ۾ چوري ٿي وڃي يا وري ڪو قبيلائي تڪرار هجي پنچائت ۽ جرڳن ذريعي ڌرين تي ايترا ته ڏنڊ وڌا ويندا آهن جو ٻڌي ائين لڳندو آهي ته جن ماڻهن جو جرڳو ڪيو ويو آهي ته اهي ڪي غريب نه پر ڪي زميندار هجن، اهڙا ڪيترائي جرڳا سنڌ اندر روز ڪٿي نه ڪٿي ٿيندا رهندا آهن،  جن مان ڪجهه ميڊيا جي خبرن جي زينت به بڻجي ويندا آهن،

ڪجهه عرصو اڳ ته هتان جا ڪامورا به وڏي خوشي ۽ فخر سان جرڳا به ڪندا هئا، پر جڏهن کان جرڳائي نظام  خلاف احتجاج ٿيڻ شروع ٿيا آهن تنهن ڏينهن کان ڪجهه ڪامورن پنهنجا پير پوئتي ڪري ڇڏيا آهن. هن  وقت ته هر هڪ ساڃاهه وند به جرڳائي نظام جي خاتمي جو مطالبو ڪري رهيو آهي پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن حڪومت سنجيده ٿي جرڳا ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ جيڪي ماڻهو جرڳا ڪري بي گناهه ماڻهن جون حياتيون کسي رهيا آهن تن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ضروري آهي، سنڌ ۾ ته ڪجهه اهڙا به جرڳا ٿيا آهن، جن کي ٻڌي ڪنڌ شرم وچا جهڪي ويندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن بااثر قتل جي جرڳي دوران متاثر ڌر وٽ پئسا نه هجڻ سبب سڱ چٽي جو به ڏنڊ هڻندا آهن، پوءِ ڀلي کڻي اهو ڇوڪري ڪنهن پوڙي کي ڇو نه پراڻي ڏني وڃي، جنهن کي نه ته پوليس روڪي سگهندي آهي ۽ نه ئي وري متاثر ڌر  مڃڻ کان انڪار ڪري سگهندي آهي، اهڙا کوڙ سارا جرڳا ۽ پنچائتون ميڊيا جي زينت به بڻيا آهن، جرڳائي نظام اڄ به سنڌ ۾ ان ڪري قائم ۽ دائم آهي جو هتي قانون تي عمل نه ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن قانون تي عمل ٿئي هئا ۽ ماڻهن کي تڪڙو انصاف ملي ها ته  غريب ۽ اٻوجهه ماڻهو جرڳائي نظام ۾ ڦاٿل نه هجن ۽ نه ئي وري املهه حياتيون ضايع ٿين ها.

ڪجهه عرصو اڳ سنڌ ۾ قومپرست ڌرين طرفان جرڳائي نظام جي خاتمي لاءِ احتجاج به ڪيا ويا آهي، ايتري قدر جو قبيلائي تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ميڙ منٿ قافلا  به ڌرين ڏانهن ويا هئا جن کي قبيلائي تڪرار ختم ڪرڻ منٿ به ڪئي وئي هئي پر ان باوجود اڄ به سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي قبيلائي تڪرار هلندڙ آهن، ڪجهه قبيلائي تڪرار ملڪيت تي قبضي سبب هلي رهيا آهن ته ڪجهه وري پريم پرڻن سبب شروع ٿيا آهن، بهرحال انهن تڪرارن سبب ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع  ٿي چڪيون آهن. ڪيترائي ڀيرا پنچائت ۽ جرڳا به ٿي چڪا آهن پر ان باوجود سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيا آهن ۽ قبيلائي تڪرار ايتري ته شدت اختيار ڪري چڪا  آهن جو اهي علائقا نوگو ايريا بڻجي چڪا آهن ۽ ڌريون مورچا بند ٿي ويٺل آهن، جتي نه ته ٻار اسڪول پڙهڻ وڃي رهيا آهن  ۽ نه ئي  وري انهن علائقن حڪومت جي رٽ قائم آهي، ڪجهه جرڳا اهڙا به ٿيا آهن جو ڌريون جرڳي دوران کيرکنڊ ٿي ويون هيون ۽ بعد هڪ ٻئي جا ماڻهو ٻيهر تڪرار کي ڀڙڪائي ڇڏينديون آهن جيڪڏهن اهي فيصلا عدالت ۾ ٿين ها ته جرڳائي نظام جو خاتمو اچي وڃي ها، سنڌ ۾ پنچائت ۽ جرڳن سبب سڀ کان وڌيڪ عورتون ئي متاثر ٿيون آهن، ڇاڪاڻ ته  جرڳن ذريعي ئي عورتن کي ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرايو ويندوآهي ۽ اهڙا جرڳا اڳ سرعام ٿيندا هئا پر  اڄڪلهه اهڙا جرڳا خاموشي سان ٿي رهيا آهن ۽ انهن جرڳن  جي ڪنهن کي به خبر نه پئجي رهي آهي باقي ٻيا ملڪيت وارا جيڪي جرڳا ٿي رهيا آهن اهي ميڊيا تي به اچي رهيا آهن، سنڌ کان علاوه پنجاب ۾ به ڪجهه اهڙا جرڳا ٿيا آهن جن کي ٻڌي انسانيت جو ڪنڌ ئي شرم کان جهڪي وڃي ٿو،

ڪجهه عرصو اڳ پنجاب ۾ لڄالٽ ڪندڙ جوابدار کي جرڳي ذريعي متاثر ناري جي پيءَ کي الزام هيٺ آيل جوابدار جي ڌيءَ سان بدلي ۾ لڄالت ڪرڻ فيصلو ڪيو ويو هو ۽ ان شخص جرڳي جي فيصلي کي قبول به ڪيو هو، جڏهن ان متاثر شخص ان عورت سان اهو سلوڪ ڪيو ته اڳ ۾ ته اها ٿاڻي وئي ۽ داد فرياد نه ٿيڻ جي صورت پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي هئي، سنڌ ۾ به هڪ انسانيت جي تذليل وارو جرڳو ٿيو هو، جنهن کي ميڊيا تمام گهڻو کنيو هو، ان جرڳي ۾ ٻن پورهيت ڀائرن کي وات ۾ جوتي وجهي معافي وٺرائي وئي هئي، جڏهن اها ويڊيو منظرعام تي آئي هئي تڏهن پوليس ان بااثر شخص کي گرفتار ڪري ورتو هو. بهرحال هن وقت سڄي سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ حڪومت کي فوري طور قدم کڻڻ سان گڏ پنچائت ۽ جرڳن تي پابندي لڳائڻ گهرجي ته جئين املهه حياتيون بچي سگهن ۽ جيڪي ماڻهو جرڳا ڪري غلط فيصلا ڏئي رهيا آهن انهن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن عدالتون موجود آهن ۽ ٻيا ادارا به موجود آهن ته پوءِ  انهن ماڻهن کي ڪهڙي ريت اجازت ڏئي سگهجي ٿي جيڪي نه ته پڙهيل لکيل آهن ۽ نه ئي وري انهن وٽ ڪا ڊگري آهي. هونءَ ته کوڙ ساريون تنظيمون  به جرڳائي نظام جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي دعوائون ڪري رهيون آهن پر ان باوجود نه ته جرڳائي نظام جو خاتمو اچي سگهيو آهي ۽ نه ئي بي گناهه ماڻهن جو قتل عام رڪجي سگهيو آهي. هونءَ ته هن ملڪ ۾ وڏا وڏا بل منظور ڪيا ويندا پر انهن تي عمل نه  ٿيڻ سبب عوام کي ڪو به فائدو نه پهچي سگهندو آهي، جيڪڏهن حڪومت منظور ڪيل ٺهرائن تي عمل ڪرائي ها ته اڄ هن ملڪ ۾ جرڳائي نظام جو خاتمو اچي وڃي ها.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *