تازيون خبرون

جذبن جو جلسو: سجاد مهر

سنڌوءَ مان وهنجي ڪنهن جل پريءَ جيان ڪراچي ڪالهه کان وري نوان نظارا ڏسڻ لڳي آهي. هوند نه ته ڪافي عرصي کان هِن رڳو بم ڌماڪا، گولين جي گونج ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جهڙا ڪيس ٿي ڏٺا. ڪجهه ڏينهن جي ماٺار تي ڪراچي سوچڻ لڳي آهي ته ڇا اهو سڀ ڪجهه ممڪن آهي. ڦر ۽ ڀتي خوريءَ کي آيل ڀِتِ، خاموش ٿي ويل ڪلاشنڪوفون ۽ ڳليءَ ڳليءَ مان ملندڙ بي گناهه ماڻهن جا لاش هاڻي ملڻ بند ٿي ويا آهن. ڪراچي سوچي رهي آهي ته هيءَ تبديلي مون ۾ آئي ڪٿان. سمنڊ سوچڻ لڳو آهي ته هيءَ موٽندڙ رونق ڪهڙي معجزي جو نمونو آهي. پکين جا ولر وڏي قطار ٺاهي سمنڊ مٿان سِپن کي سلام ڪري ايندڙ وقت جي اُجري اُميد جهڙيون نويدون ڏئي رهيا آهن. ڄمندڙ برف جيان جذبا هينئر وري پگهرجڻ لڳا آهن. منحوس رات پنهنجو منهن ڍڪڻ لڳي آهي. شهر جي اُجهامي ويل ڏيئن جي مدهم ٿي ويل روشنيءَ، فطرت جي فانوس سان وري ٽڪر کاڌو آهي. اها تبديلي ڪنهن هڪ تڪ جي ڳالهه ڪونهي، پر اهو احساس صدين کان ڪبوتر جهڙي ڪراچيءَ کي ڪنهن خونخوار شڪاريءَ جي اک واري تعاقب جيان حراس هيٺ رکيون ٿي آيو، جنهن کي هينئر جَمود واري حالت مان ٽوڙي پي ٽي آءِ عائشه منزل جهڙي اوائلي مقام تي جذبن جو هڪ جلسو ڪري ڏيکاريو آهي. شهر جا سائبان اهڙي سرگرميءَ تي مسلسل سوچ ۾ آهن. محبتن جا مڪين اغوا ٿي ويل احساسن تي هڪ ڀيرو وري نهارڻ لڳا آهن. نئين ڪراچي نئين انداز سان اُڀرڻ لڳي آهي. توڙي جو اين اي 246 وارو اهو هڪڙو تڪ آهي، جيڪو تقريباً يرغمال حالت ۾ هڪڙن جي هٿ هيٺ ئي رهندو آيو آهي، پر هينئر جڏهن خوف ۽ حراس واري هوا پنهنجو رويو ڪراچيءَ ۾ ڪجهه ڪامياب آپريشنز ڪرڻ کانپوءِ سک واري ساهه کڻڻ جهڙو بڻايو آهي، تڏهن کان چنڊ پيلو ٿيڻ ڇڏي ڏنو آهي. گونجندڙ گوڙ ۾ پراڻي پُل جيان ٿڙڪندڙ هتان جي يرغمال بڻيل ماڻهن جي حواسن تي اطمينان جا آثار نمايان نظر اچڻ لڳا آهن. هوند نه ته هتي ڪنهن پرڏيهي پکيءَ کي پَر هڻڻ جي اين او سي به ڪونه هوندي هُئي، پر هاڻي ڪراچيءَ مان ”هٿيارن ۽ همراهن“ جو هٿيڪو ٿيڻ کانپوءِ اهو ممڪن ٿيو آهي ته ڪنهن به بڻايل ”نوگو ايريا“ ۾ هتان جو عوام نه رڳو وڃي سگهي ٿو، پر پنهنجي خيالن جو اظهار به ڪري سگهي ٿو. سبب اهو ئي آهي جو هڪ پاسي کان اها للڪار ٿي آهي ته اسان سيٽ کٽڻ لاءِ نه پر ڪراچيءَ مٿان لامارا ڏيندڙ خوف کٽڻ آيا آهيون. انهن مافيائن کي موٽ ڏيڻ آيا آهيون، جن هڪ طرف حالتن تي قبضو ڪيو ته ٻئي پاسي ملڪيتن ۽ ماڻهن جي ساههَ کڻڻ تي به. هو جيڪي ملڪ ٽوڙڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ آهن، 250 پنهنجن ئي معصوم ماڻهن کي پنهنجي مفاد خاطر فيڪٽريءَ ۾ رک ڪندڙ آهن، انهن کي ڀسم ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون، جن هِن جُوءِ کي پنهنجن وڏن جي جاگير بڻائي ڇڏيو آهي. اها دهشتگردي ۽ دوکيبازي هاڻي وڌيڪ هلڻ نه ڏينداسين، ان ڪري اڳتي آيا آهيون ته جيئن پوئتي پيل ماڻهن کي جرئت واري واٽ تي هلائي سگهون.

رقاصه جهڙا پير ته سڀ وٽ هُجن ٿا، رهبر جو ڪم قوم کي سنجيدگيون ڏيڻ آهي. هي ڊرامي بازي ڪڏهن روئڻ، ڪڏهن کلڻ ۽ ڪڏهن وري بي سري آواز ۾ ڳائي ماڻهن کي ٻڌڻ تي مجبور ڪرڻ جو وقت ناهي. هاڻوڪو ماحول ڪنهن نئين احساس جو سَڏ ڏئي رهيو آهي، رات جا منحوس چٻرا جڏهن کان چرٻاٽ بند ڪري سناٽي واري ڪيفيت ۾ آيا آهن، تڏهن کان هن اُداس شهر مٿان سنجيدگيون لامارا ڏيڻ لڳيون آهن. اغوا ٿيل چنڊ چمڪي، سَمنڊ جي ڇُڙواڳ ڇولين سان ڄڻ ته شامون ملهائڻ لڳو آهي. برف جيان ڄَمي ويل ڪنهن مصور جي آڱرين جيان هاڻي دهشت ۽ خوف جا پورٽريٽ ٺهڻ گهٽجي ويا آهن. ويتر جو پي ٽي آءِ متحده جي گهر ۾ وڃي انصاف جو آواز اُٿاريو آهي ته لڳي ٿو نوسر بازي هاڻي مُنهن لڪائڻ لڳي آهي، طاقت جو اهو توازن بگڙجڻ جو الارم وڄڻ لڳو آهي. مير تقي مير جون سِٽون ان حوالي سان موجوده حالتن جي ڪهڙي نه سهڻي نموني سان نمائندگي ڪري رهيون آهن.

”وصل مين رنگ اُڙ گيا ميرا

هجر ڪو ڪيا مُنه دکائون گا.“

اهو معاملو به ناهي ته ڪو اها سيٽ کٽي ڪا ڌر سربراهيءَ جا خواب ڏسڻ لڳندي، ها پر ائين ضرور آهي ته اها رڃ مان رڙ آهي. اهو پڙاڏو اهڙي هنڌ تان ٿيڻ ۽ وڏي جرئت سان هڪ جذبي جو اُڀري اچڻ انهن آقائن جي منهن تي چماٽ جيان ضرور آهي، جيڪي جُوءِ کي پنهنجي جاگير سمجهي حڪمرانيءَ جون دعوائون ڪندا رهيا آهن. بقول اياز گل ته،

”سچ ڪاڻ ويڙهه ۾،

هڪ ڀي هزار جيان.“

اها ويڙهه جيڪا ڪوڙ ۽ سچ جي وچ ۾ وڙهي پئي وڃي، ان جي اهميت ان ڪري به آهي ته اهو ڪراچيءَ جي عوام جو ديرينه مطالبو به هو ته ويرين مان واندڪائي وٺائي وڃي. دهشت جيڪا جيئڻ جا سمورا گس جهليو بيٺي آهي، ان جي رستا روڪ ڪئي وڃي. ڀتاخوري جيڪا حرام خورن جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙي پئي، ان کي ٻنجو ڏنو وڃي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جيڪو ڪراچيءَ جو نئون تعارف جوڙي رهي هئي، ان تعارف تي تقاضا جو ڪو تيرُ هلائي ماڻهن ۾ جيئڻ جو احساس نئين سِر اُڀاريو وڃي. ڪراچي قرب جي ڪليسا رهي آهي. دل جو ڪعبو، مَن جو مندر ۽ مسجد رهي آهي. اهڙي هنڌ تي خوف جي هيءَ فضا جيئڻ کان ڏيڻ جواب آهي. معصوم ماڻهن کي جڏهن هِن شهر جا ئي رولو ڏينهن ڏٺي جو ڏاڙهيندا رهن ته پوءِ ان جو علاج ڪرائڻ لاءِ ڪا ته اسپتال هُجي. ماڻهو مرندا موت کان مٿانهان پيدا ٿيندا وڃن. مُرڪو مهانگيون ۽ اُجرا روح عذاب هيٺ اچي لمحو لمحو ڄڻ ته ڏک جو ڏيک ڏئي رهيو آهي.

23 اپريل جو ڏينهن توڙي هڪ سيٽ جي مسافت آهي، پر اهو آغاز ٿي سگهي ٿو، اُن انتقام جو جيڪو ڪافي سالن کان هتان جي عوام مٿان نافذ ڪيو ويو آهي. عمران خان هڪ اميد کڻي نڪتو آهي، اها اميد جيڪا آهستگيءَ سان وڌي رهي آهي. اهڙي موقعي تي جڏهن سڀ جماعتون سمجهن به ٿيون ته ڪراچيءَ جي عوام تي هڪڙيءَ ڌر جو قهر نازل ڪيل آهي ته پوءِ سنجيده ڌريون اهو به سوچين پيون ته ڪنهن مفاهمت سان متحده جي اها دعويٰ ٽوڙي سگهجي ٿي. سراج الحق جو اهو چوڻ ان حوالي سان ته عمران اسان وٽ آيو ڪونهي، جي اچي ڪا ڳالهه ڪري ها ته سوچي سگهجي پيو. هوڏانهن (ن) ليگ جي حمايت توڙي جو جماعت اسلاميءَ لاءِ ڪنهن وڏي انگ جي اضافي جهڙي ڳالهه به ڪونهي، پر مخالفت کي مات ڏيڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي پَلڙي کي ڀاري ڪري ڪراچيءَ جي عوام سان انصاف ممڪن ته آهي. وقت توڙي جو تمام ٿورو آهي، ان ڪري اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي هڪ سوال بڻيو بيٺي آهي ته ”جماعت“ عمران سان ملي متحده جي ان ٺاهيل مجسمي کي مروڙي سگهي ٿي، پر هي جيڪو خوف جي ٽوڙڻ وارو اشو آهي، ان ۾ ته پي ٽي آءِ ڪافي حد تائين ڪامياب به وَئي آهي. هار جيت کان وڌيڪ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته هاڻي متحده کي پنهنجي گهر ۾ به لڳي آهي ۽ هوءَ توڙي جو پاڻ کي فاتح سمجهيو به ويٺي آهي، پر هيڏانهن عمران خان جي هلچل خوف جي بُت کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو ڪريڊٽ ڪراچيءَ جي عوام کي ئي ملڻو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *