تازيون خبرون

جديد سنڌي شاعريءَ جو سگھارو نانءُ مخدوم طالب الموليٰ: سعيد چانڊيو

سنڌي ٻوليءَ لاءِ نئين لپي جڙندي ئي ادب ۾ روز بروز مختلف صنفن تي ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا ، اهو سلسلو تقريبن هڪ صدي مڪمل ڪرڻ وارو هو جو ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو، اهو ورهاڱو ڇا ٿيو ڄڻ سنڌي ادب کي ماٺار جو قلف اچي ويو. ڇو ته ورهاڱي سبب سنڌي ٻوليءَ جي بهترين شاعرن، نثرنويسن، محققن ۽ تعليمدانن سنڌ ڇڏي وڃي هند وسائي، سندن سنڌ ڇڏي وڃڻ جون ڀوڳنائون سنڌي ادب ڀوڳيندو رهيو. ان ماٺار کي ٽوڙڻ ۾ ڪيترن ئي اديبن ، محققن ۽ شاعرن پاڻ موکيو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي شاعري کي هڪ دفعو ٻيهر جيئاريندڙ شاعرن مان مخدوم طالب الموليٰ پڻ هڪ هو. مخدوم صاحب شاعر ابن شاعر هو.  مخدوم نوح سرور کان ويندي پکن ڌڻي تائين سندن وڏڙن ۾ شاعر جنم وٺندا رهيا، اهو خانداني اثر به مٿن رهيو. پاڻ جڏهن ڏهن سالن جي  عمر کي پهتا ته مريدن سان ملڻ سانگي ناري طرف سفر ڪيائون ، ان سفر دوران منٺار فقير راڄڙ سان ملاقات ٿي، جيڪو سندن سموري سفر ۾ گڏ رهيو ۽ پنهنجي روز سرجيل شاعري سريلي آواز ۾ ٻڌائيندو رهيو.  منٺار فقير جي ٻڌايل شاعري (ڏهر) جو مٿن اثر پڻ ٿيو. انهن اثرن کي قبوليندي مخدوم صاحب ٻالجوتي ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، پاڻ جڏهن ٻارهن سالن جا ٿيا ته 1946ع ۾ ٻه مجموعا “ بهار طالب” ۽ “رباعيات طالب” شايع ٿيا. مخدوم صاحب ڪومل جذبن جا شاعر هئا، سندس شاعري ۾محبوب جو انتظار به ملندو ته  جواب به ، انڪار به ملندو ته اقرار به ، ميلاپ به ملندو ته وصال به، اکين جي کيچل ته نظر ايندي ته اشڪباري به ، اصلاح به ملندي ته تصوف جي اپٽار به .

مخدوم صاحب جي شاعري گھڻ پاسائي آهي. هن آرٽيڪل ۾ پاڻ هتي سندس ڪتاب “ڇپر ۾ ڇڙيون” جو ذڪر ڪنداسين. جيڪو اڄ سندس پنجويهين ورسي تي گھڻي عرصي کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر شايع ڪيو ويندو . هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1971ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو. هي ڪتاب  بيتن ۽ ڪافين سان سينگاريل آهي. هي ڪتاب شاعري جي لحاظ کان هڪ الڳ مقام رکي ٿو ڇوته هن ڪتاب ۾ سرجيل شاعريءَ ۾ شاعر جون مختلف ڪيفيتون ۽ اڌما پويل آهن. جن کي پڙهڻ سان پڙهندڙ تي عجيب ڪيفيتن (شاعر جون ساڳيون ڪيفيتون) جو سحر طاري ٿيو وڃي. پڙهندڙ کي  پنهنجا پور ياد پون ، پرينءَ جو رسامو، پرينءَ جو وڇوڙو، پرينءَ جون يادگيريون،زماني جا سور ۽ درد وغيره.

هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب “تون تنين سان ٿي” جي عنوان سان اصلاحي شاعري سرجي آهي. ان عنوان سان ڪل ٽيٽيھ بيت سرجيل آهن. هنن بيتن جي ڪڙي ساڳئي تتبع تي آهي جيڪي مخدوم صاحب هڪ ڏينهن تي سرجيا هئا. هر بيت جي آخر ۾ تاريخ ۽ هنڌ، حيدرآباد  ٥- ٥- ١٩٥٦ع ڄاڻايل آهي .مخدوم صاحب زماني جو اٿيو ويٺو ماڻهو هو، پاڻ پنهنجي وڏن جي طريقت سان تار هو ، تصوف سان جي ڳوڙهن نقطن کان باخبر هو، روحاني  رمزن کان آشنا هو. ڏيھ توڙي پرڏيھ کي گھمي ڪري مشاهدو ماڻيائين. تنهن ڪري سندس سوچ ويچار ، غور فڪر ۽ مشاهدي ماڻڻ جي سگھ ڪي قدر سوائي هئي. هو آئيندي کان باخبر هو ۽ ماضي کي سامهون رکي حال کي هلائيندڙ هو. سندس وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي بدولت شاعري ۾ انيڪ خوبيون ۽ هدايتون ڀانئجن ٿيون. تڏهن ئي ته نوجوانن کي درست ماڻهن سان دوستي ۽ انهن سان گھمڻ جي تلقين ڪيائين. جيڪي لالچ کان پاڪ هجن ، انسانيت جو درد رکندڙ هجن، اوکي سوکي ۾ ٻانهن ٻيلي ٿين.

گُهم تنين سان گُهم ، گُهمي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين ، گُهمي گهور پرائيين .

مخدوم صاحب روحانيت جو مالڪ هو ، تنهنڪري سندس مطالعو نه صرف دنيوي علومن تائين هو مگر مذهبي علومن ۾ پڻ اڳڀرو هو. تنهڪري سندس نصيحتن ۾ اسلامي پيشوائن جا قول اڻڳڻا ملندا. اهو ئي سبب آهي جو هن ڪتاب ( ڇپر ۾ ڇڙيون) ۾ قرآني آيتون ، حديث شريفون ۽ عربي قول جھجھي تعداد ۾ ملندا. جڏهن اميرالمومنين حضرت عليؓ جي نهج البلاغه جو مطالعو ڪجي ٿو ۽ وري مخدوم صاحب جي شاعريءَ تي نظر ڪجي ٿي ته ايئن ٿو ڀانئجي ڄڻ مخدوم صاحب نهج البلاغه جو مطالعو تمام غور سان ۽ باربار پئي ڪيو آهي ، جو سندس شاعريءَ ۾ حضرت عليؓ جا قول ظاهر ّظهور نروار ٿي ٿا بيهن. حضرت عليؓ جن فرمايو ته : “جيڪڏهن تون پنهنجي دوست تي ڀروسو ڪرين ٿو ته، پوءِ به پنهنجي معاملن جي اظهار ۾ احتياط ڪر، ۽ ان کي پنهنجا راز نه ٻڌاءِ، شايد ڪنهن ڏينهن تو کي  ندامت کڻڻي پوي.”  مخدوم صاحب ساڳيا ئي لفظ وري منظوم انداز ۾ هيئن ٿو فرمائي:

سَلِ تنين سَــلِ ، سلــي جــي ڄاڻـــن ،

متان ساڻ ٻين ، سلي سُک ڦٽائين.

رب پاڪ انسان کي اشرف المخلوقات ڪري پيدا ڪيو، غور فڪر لاءِ عقل ڏنائينس ته جيئن هو بُري ڀلي جي تميز ڪري سگھي. دنيا ۾ ٻه رستا جوڙيائين نفعي جو ته نقصان جو به، پوءِ اهو انسان تي ڇڏيائين ته هو ڪهڙي رستي جي ٿو چونڊ ڪري ، نفعي جي يا نقصان جي. انسانيت جي رهنمائيءَ لاءِ دنيا ۾ ڪيترائي پيغمبر ، وليءَ ۽ پير فقير آيا ، جن انسانذات جي رهنمائي جو بهرو پنهنجي سر تي کنيو. پوءِ ڪن عملي طور انسانيت جي رهنمائي ڪئي ته ڪن وري پنهنجي علم و دانائيءَ جي سهاري، ڪن پنهنجي ڪلام ذريعي سنئون دڳ ڏسيو ته ڪن وري واعظ خطبا ڏئي ڪري. مخدوم صاحب به پنهنجي مريدن جي پرگھور لهڻ سان گڏوگڏ انيڪ هدايتون پڻ ڪيون، سندس شاعريءَ جي هن مجموعي ۾ به انيڪ نصيحتون ملن ٿيون. ان ڳالھ جو تاڪيد ڪيو اٿائون ته ان ماڻهو وٽ وڃجي جنهن وٽ مهمان (ويندڙ) جو قدر هجي، نه ڪي انهن ڏانهن وڃجي جن وٽ وڃي پاڻ لڄي ڪجي:

وڃ تنيـن وٽ وڃ ، وڃي جـــي ڄــاڻن ،

متان ساڻ ٻين ، وڃي واٽ  وڃائين.

ڪنهن ڏاهي انسان جو قول آهي ته جي اگر توهان ڪنهن کي پرکڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ٻه عمل ڪريو، هڪ ته ان سان سفر ڪريو، ۽ ٻيو ته ان سان مسافري دوران رات گذاريو ، پوءِ توهان کي ان جي طبيعت ۽ خصلتن جي خبر پئجي /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

ويندي تو هو ڪهڙي مزاج رکندڙ آهي. مخدوم صاحب اها ڳالھ ڪجھ هن ريت ڪئي آهي ته :

رھ تنين سـان رھ ، رهـي جــي ڄاڻـن .

متان ساڻ ٻين رهي روح رنجائيين.

هن ساڳئي مجموعي ۾ “گونگيون گوءِ کٽي ويون” جي عنوان سان سرجيل شاعري وري اکين جي انتظار ، اکين جي اداسيءَ ، اکين جي اشڪباريءَ واري تمام حساس ذڪر سان ملي ٿي. لالڻ جي ياد ۽ اکين کي سندس انتظار ۽ ان اوسيئڙي ۾ اکين جو پرڀات تائين ڳوڙها ڳاڙڻ جو ذڪر مخدوم صاحب هيئن ڪيو آهي :

طالب موليٰ کي هئي ، طلب تنهين جي تات ،

اچي ٿي پرڀات ، ته به اکيون آليون ئي رهيون.

جڏهن ڪنهن وارياسي علائقي يا صحرا ۾ بارش پوندي آهي ته اتان جي اڃايل زمين ان پلر سان سرسبز آباد ٿي ويندي آهي، اتان جا راهڪ خوشين جا شادمانا ڳائيندا آهن. مخدوم صاحب پنهنجي نينهن جي ريگستان کي وري اکين جي مينهوڳيءَ سان ٿو آباد ڪري.

وســــي وســـي مينهن، سڀئــي پٽ پــسائيا

سُڪا سڀ ساوا ڪيئين، رهي راتو ڏينهن،

اينهين منهنجي نينهن، اندر کي آباد ڪيو.

نينهن جي مهميز ترار جي گھاو کان به تيز هوندي  آهي ، ان جو ڦٽيل روز پيو سور برداشت ڪندو آهي ، ڪڏهن وصال جا   ته ، ڪڏهن انتظار جا، ڪڏهن انڪار جا ته ڪڏهن اظهار جا. مطلب طالب هميشه ڏکجندو رهندو آهي. مخدوم طالب موليٰ وٽ نينهن جي ايذائن جو فلسفو ئي نرالو آهي، هو پنهنجي اشڪبار اکين کي مينهن کان به اڳتي ٿوکڻي وڃي. سندس بقول ته :

ڇو ٿو ڪرين مينهن ، مون سان ريس رئڻ جي !

طالب مــولا سان ته ڪــيا ، ناحــــــق وڏا نينــــهن

تنهنجــا ٻٽـــي ڏينهن ، منهنجـــي موسم سڀڪــا.

طالب جڏهن مطلوب کي ڏسندو آهي ته ، سندس ديدار ۾ هر دفعي سان نواڻ نظر ايندي آهي. ان جون خاميون به خوبيون ٿي نطر اينديون آهن ، ان جا ناز به وڻندڙ ليکيندو آهي ته ماڻا به سڀاءُ وارا ليکيندو آهي. هر شاعر انهن ادائن جو ذڪر ڪيو آهي. ڪنهن شوخ طبيعت کي به خوبي ليکي آهي ته ڪنهن وري رسڻ جو به ذڪر فخر سان ڪيو آهي، ڪنهن وري پنهنجي پرينءَ کي سج کان به وڌيڪ جوت وارو ڄاڻايو آهي ته ڪنهن وري چنڊ سان پئي ڀيٽ ڪئي آهي. مخدوم طالب الموليٰ به ان گس سان هليو آهي ۽ پرينءَ لاءِ شاھ لطيف وانگر مٺايان مٺو گھڻو وارو استعارو ٿو استعمال ڪري.

مـــٺايان مــٺو گھــڻو ، منهنجو مــحب مـــٺو،

ڏاڍو اٿم ڏٺو ، ته به نئين سج نئون ٿو ڏسان.

شاعر وٽ دل جي ڳالھ جو مقام دماغ جي سوچ ويچارکان وڌيڪ اهميت وارو هوندو آهي ، هو هر شيءِ جي صلاح دل سان ڪندو آهي . تنهنڪري ئي سندس شاعريءَ ۾ دل جو ذڪر مڙوئي ڪجھ سوايو  ملندو آهي. مخدوم صاحب جي شاعريءَ ۾ به ساڳئي ڳالھ نظر ايندي، هو سر کي دل جي تابع ٿو ڪري ڇڏي ۽ دل جي چوڻ تي ئي وڍجڻ لاءِ تيار ٿو ڪري.

سر ويــچارو ســدائيــن ، آهــــي دل جــي وس

دل چويس ته وڍجي ، نه ته بلڪل ڪري بس،

اُونهين ٿئي اوس ، جئن طالب مولا دل چوي.

مخدوم صاحب هڪ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، هو نه صرف هڪ سٺو شاعر ۽ پير هو ،بلڪ هڪ سٺو سياستدان ، سماجي اڳواڻ ۽ اديب هو. مخدوم صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ سياسي، سماجي، ادبي ۽ خانداني ذميواريون نه صرف فرض سمجھي ادا ڪيون بلڪ ٻين لاءِ مثال قائم ڪيون ويو . سندس خاندان اوائل کان هلندڙ شاعريءَ واري ڏات هلندي ٿي اچي ۽ هلندي رهندي، اميد ته ائين ئي هي خاندان سنڌي ادب جي خدمت ۾ اڳڀرونظر ايندو رهندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *