تازيون خبرون

جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناهه سجود؛ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

رمضان شريف جو ڀلارو مهينو عبادتن، خير خيراتن ۽ بخشش جي طلب جو مهينو آهي. هن سڳوري مهيني ۾ روزا رکڻ، ذڪر الاهي ڪرڻ ۽ نفس جي پاڪائي جي تلقين ڪيل آهي. بغير نماز پڙهڻ جي رکيل روزو فقط بک ڪٽڻ آهي ڇو جو اسلام جي پنجن رڪنن ۾ ڪلمي پاڪ کانپوءِ پهرين اهميت نماز جي آهي. نماز ئي آهي جيڪا قيامت تي ڇوٽڪاري جو باعث بڻبي. حديث پاڪ آهي ته: ”نماز جنت جي ڪنجي آهي.“

”نماز“ جو لفظ قرآن پاڪ ۽ حديث نبويءَ ۾ ”صلوات“ جي نالي سان آيل آهي جنهن جي عربي زبان ۾ معنيٰ دعا ڪرڻ جي آهي. ”نماز“ هڪ اهڙو عمل آهي جنهن ۾ سڄو دين لڪيل آهي. هڪ ٻي حديث پاڪ آهي ته: ”نماز دين جو ٿنڀو آهي.“ نماز کي معراج شريف جي پاڪ موقعي تي رب پاڪ فرض طور مقرر ڪيو ۽ هن فرض جي قرآن پاڪ ۾ تمام گهڻن هنڌن تي تاڪيد ڪيل آهي.

ترجمو: بيشڪ نماز بي حيائي ۽ برن ڪمن کان بچائي ٿي.

نماز کان اڳ ۾ مسجدن ۾ اذان يعني ٻانگ ڏني ويندي آهي. ”اذان“ عربي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”اجازت“ يا ”موڪ“ پر اصطلاح موجب نيڪيءَ جو سڏ يعني ”الله تعاليٰ جي گهر ۾ نماز جو سڏ“ نماز پابنديءَ سان وقت سر ۽ صحيح نموني سان ادا ڪرڻ ڌڻيءَ وٽ تمام مقبول ۽ پسنديده عمل آهي جنهن سان رب جي خوشنودي حاصل ٿئي ٿي ۽ دلين کي سڪون عطا ٿئي ٿو. نماز سان قلب جي صفائي ٿيندي آهي. پنج وقت نماز ۽ حلال روزي دعا جي مقبوليت جو ذريعو آهي.

نماز جي اهميت انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿي ته بيماري ۽ جنگ جي حالت ۾ به نماز معاف نه آهي. ويهي، سمهي ۽ اشارن سان شديد بيماريءَ  ۾ نماز پڙهڻ مقرر ڪيل آهي. سفر ۾ نماز پڙهڻ فرض آهي، نماز ڇڏڻ تي سڀ کان پهرين رب پاڪ طرفان باز پُرس ٿيندي، جنگ جي حالت ۾ به اصحاب سڳورا نماز ادا ڪندا هئا. امام حسين عليه السلام ته سجدي ۾ سر ڪٽائي نماز جي فضيلت ۽ اهميت کي اُتم قرار ڏيارايو.

نماز پنهنجي پڙهندڙ کي پاڻ ڏي ڇڪي، سندس دل ۾ خدا جو خوف پيدا ڪري ٿي ۽ کيس نيڪيءَ ڏي مائل ڪندي آهي. هڪ نماز کان ٻيءَ نماز جي توفيق ٿيڻ ئي، نماز جي قبوليت جو دليل آهي. اها توفيق رب پاڪ انهن کي ڏيندو آهي جن کي پنهنجي ويجهو ڪندو آهي ۽ نماز پابنديءَ سان پڙهڻ وارو شخص صاف سٿرو ۽ صحتمند رهي ٿو. وقت جي پابنديءَ جي کيس عادت پوي ٿي، فرض شناسيءَ جو جذبو وڌندو آهي، باجماعت نماز سان اخوت جو سبق ملي ٿو. انهيءَ لاءِ شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

وحده لاشريڪ له چئي چوندو آءُ،

فرض واجب، سنتون، تنيئون تڪوم پاءِ،

توبهه سندي تبسيح، پڙهڻ ساڻ پُڄاءِ،

نانگا پنهنجي نفس کي، ڪا سنئين راهه سونهاءِ،

سپريان جي ڳالهڙي، ڪي هيئن سين لاءِ،

ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.

نماز امير ۽ غريب حڪام ۽ محڪوم جو فرق ختم ڪري. انسان کي انسانيت جي اعليٰ درجي تي پهچائي ٿي. حديث پاڪ آهي ته:

نماز مومن جي معراج آهي،نماز منهنجي اکين جي ٿڌ آهي.قيامت جي ڏينهن نماز مٿي جو تاج ۽ بدن جو لباس هوندي.مطلب ته نماز جا بي شمار فائدا آهن، جيڪي ڳڻائڻ لاءِ دفتر گهرجن پر سڀ کان ضروري ڳالهه، نماز جي سچي نيت، دل جي صفائي ۽ ارڪانن جو صحيح ادا ڪرڻ آهي.اسان وٽ عام طور رواج آهي ته اسين فرض سان گڏ نفلي عبادتن کي فرض جيتري اهميت ڏيندا آهيون، جنهن ۾ خاص طور وڏين راتين ۾ گهڻا نفل ادا ڪرڻ (۽ فجر کان ڪجهه وقت اڳ ۾ ٿڪجي ڪري سمهي رهڻ) يا نفل عبادتن جون شڪراني جون منتون مڃڻ ۽ اهتمام سان ادا ڪرڻ شامل آهن.هاڻي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سڀئي احسن عمل آهن پر سڀني کان اهم عمل جنهن جو سخت پڇاڻو ٿيندو ۽ جنهن جي غفلت جي سزا ملندي اهو آهي فرض نماز، خدا پاڪ جي مقرر ڪيل پنجاهه نماز کي مٺي محبوب محمد مصطفيٰ صه جن بارگاهه الاهيءَ ۾ عرض ڪري پنجن جي تعداد ۾ مقرر ڪرايو،

جڏهن ته ڌڻيءَ سڳوري انهن پنجن نمازن جو ثواب پنجاهه نمازن جيترو ئي رکيو. اهي به جيڪڏهن اسين دنياوي غفلتن سبب ادا نٿا ڪريون ته پوءِ تهجد، اشراق، چاشت، اوابين ۽ ٻيا نفل پنهنجي طور تي بيشڪ اسان کي ثواب ڏياريندا پر جيڪڏهن اسان پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪئي ته انهيءَ جو حساب ٿيندو.

مسلمانن لاءِ ضروري آهي ته پاڻ وقت سر فرض نماز جو اهتمام ڪن ۽ پنهنجي اولاد ۾ به ننڍپڻ کان ئي هن نيڪ عمل جي عادت وجهن، نماز تن ۽ من جو ميزان پڻ آهي جنهن سان تن تندرست ۽ من شانت رهي ٿو.

نماز جا فرض ۽ سنتون ادا ڪرڻ لازمي آهن. نماز ۾ هيٺيون اهم ڳالهيون آهن (1) نيت، (2) وضو، (3) تڪبير تحريمه (4) قيام ڪرڻ، (5) قرات، (6) رڪوع ڪرڻ، (سجدو)، (8) قعدو يا جلدو ڪري ويهڻ.

نمازيءَ لاءِ ضروري آهي ته هو پاڪ صاف رهي ۽ پاڪ جڳهه تي نماز پڙهي ۽ نماز جي قرات تي غور ڪري. هڪ هڪ لفظ جي معنيٰ کيس اچڻ کپي. انهيءَ سان سندس توجهه نماز ۾ مضبوط ٿيندي. نماز ۾ خشوع و خضوع جي تمام گهڻي اهميت آهي. نمازي پنهنجي رب پاڪ سان هم ڪلام ٿئي ٿو. رب جي حضور سجده ريز ٿي، کيس وڏو ۽ عظيم سمجهي تعظيم ۾ سر جهڪائي ٿو. انهيءَ نظريي مطابق پڙهيل نماز ۾ رِقت پيدا ٿيندي اهي جيڪا نمازيءَ جي من کي ڌوئي پاڪ صاف ته ڪندي آهي پر کيس وڏي رتبي ڏي وٺي ويندي آهي. ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته:

جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه سُجود،

وڃائي وجود، تنهان پوءِ تڪبير چئو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *